اسلام عليڪم دوستو، ڪجهه ڏينهن پهريان اسان جي دوست ارشد سان ابنٽو انسٽال ڪرڻ ۾ مسئلو پيش اچي رهيو۔ ابنٽو کي صحيح طريقي سان انسٽال ڪرڻ لاءِهيٺ ڏنل وڊيو کي ڏسو۔ http://www.youtube.com/watch?v=l8VRSdZ-IHE دوستو مونکي يقين آهي ته مٿين وڊيو کي ڏسڻ کان پوءِ توهان پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ ابنٽو آساني سان انسٽال ڪري سگهندئو۔
جواب: ابنٽو ڪيئن انسٽال ڪجي۔ ادا عبدالوهاب اوهان جي مهرباني جو توهان هڪ بهترين وڊيو شيئر ڪئي پر مون سان اڃا ٻيو مسئلو هو مان يو ايس بي کي بوٽيبل ڪري ان ۾ آئي ايس او جو فائيل رکيو هو ۽ پو سيٽ اپ هلايو هو پو ته اڳتي وڌڻ جو نالو ئي نه پيو وٺي خير هاڻي ڊائريڪٽ ما ڪمپيو ٽر مان هلائي ڏسندس پو خبر پوندي
جواب: ابنٽو ڪيئن انسٽال ڪجي۔ ادا ارشد اُبنتو (ابنٽو) کي يوايس بي مان بوٽ ڪرڻ لاءِ هيٺيون طريقو استعمال ڪريو۔ سڀ کان پهريان توهان ابنٽو ڊائونلوڊ ڪريو۔ ان کان بعد توهان يونيٽ بوٽ ان ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪريو۔ هاڻي توهان پنهنجي يو ايس بي ڊرائيو پلگ ڪريو هيٺ ڏنل تصوير مطابق پنهنجي ڊائونلوڊ ٿيل آءِ ايس او فائل جي لوڪيشن ڏيو ۽ او ڪي تي ڪلڪ ڪريو هاڻي تصويرن تي عمل ڪندا وڃو۔
جواب: ابنٽو ڪيئن انسٽال ڪجي۔ ادا ارشد تصويرون ته بلڪل صحيح لڳل آهن ۽ ڪم ڪري رهيون آهن اگر جي توها کي تصويرون ڏسڻ ۾ مسئلو پيش اچي رهيو آهي ته هيٺ ڏنل وڊيوز تي غور ڪريو http://www.youtube.com/watch?v=LFbqbz5n6Ps&NR=1 http://www.youtube.com/watch?v=fG4IKpEMclQ
جواب: ابنٽو ڪيئن انسٽال ڪجي۔ ادا هاڻ پاڻکي به اهو شوق ٿيو آهي ته ڪمپيوٽر ۾ اُبنٽو کي وَن ٽو (مطلب ته انسٽال) ڪيان۔۔۔ اهو ٻڌايو ته ڇا هڪ ئي وقت مان ونڊوز ۽ اُبنٽو پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ هلائي سگهان ٿو، مطلب ته جيئن ورچوئل ونڊو جو چڪر هوندو آهي۔۔ ڇا اُبنٽو ۾ ايئن ٿي سگهي ٿو۔۔؟