جواب: جيئي سنڌو ديش
جيتوڻڪي بيت به ڳوڙهي معني وارو ۽ سٺو سڏ آهي ۽ هن دفعي ڊزائين به مناسب آهي پر اهي ٻول ڪنهنجا آهن اها خبر نه پئي ۔۔۔
لک ٿورا عاشق ۔۔۔ مجبور آ ۔۔۔ پر آهي ڪو جوڌو جو دوست ڪامي جو جواب ڏي ۔۔۔ !!!
سهڻا، مٺڙا دوست ڪامي؛ لطيف سڳوري فرمايو آهي ته
سنها م ڀان سپ ويـــا واسينــــــگن جـــــا،
جن جي جهپيٽ هاٿي هنڌان ئي نه چري۔
سنڌ جي ويڙه پاڪستان ٺهڻ سان شروع آهي، جنهن مان سنڌ جا ڏاها، سنڌ جا شاعر، سنڌ جا مفڪر، سنڌ جا هار ناري ۽ سنڌ جا شاگرد ۽ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهون شامل رهيا آهن ۔۔۔ انهن ماڻهن جيڪو ڪم ڪيو آهي اهو تاريخي ۽ مثالي آهي ۔۔۔ انهن ڏاهن جي تعليم سبب اڄ اسين دشمن سان اکيون ملائي اهو چئي سگهونٿا ته اسين “ سنڌي ” آهيون ۔۔۔
نه ته پاڪستان جي ظالم حڪمرانن ته اسانجي شناخت به گم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هئا ۽ آهن ۔۔۔ هن وقت به سنڌين جي اهميت ان تعليم سبب آهي جيڪا قومپرست اڳواڻ وقت به وقت ڏيندا رهيا آهن ۔۔۔
باقي جيئن ته سڄي قوم جو حال هيڻو آهي انڪري قومپرست ڪارڪنن جو حال پڻ هيڻو آهي ۔۔۔ پر سلام آهي انهن دوستن کي جي ٻيو نه ته حق جي ڳالهه ۽ نعرو ته هڻن ٿا ۔۔۔ سو مٺڙا دوست اسان سڀ ان قافلي جا مسافر آهيون صرف قومپرست ڪارڪن نه ۔۔۔
باقي اوهان جيڪا مڇن جي ڳالهه ڪئي آهي ته محترم دوست مڙس ماڻهون مڇون رکندا آهن پر هروڀرو مڇن ۾ مڙسي ناهي هوندي ۔۔۔
مون ته هڪ ڪنڃر کي ڏٺو جنهنجو مڇون تمام دهشتناڪ هيون ۔۔۔
اچو ته پنهنجي علم ۾ اضافو ڪريون ۽ سنڌ جي آزادي واري ويڙهه ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪريون ۔۔۔
الله ڏاهي م ٿيان ڏاهيون ڏک ڏسن ۔۔۔۔