رمضان جي چنڊ جي پهرين رات بيٺي، ڪاڪي آچار کان ڪاڪي پڇيو: هن رمضان ۾ روزا رکندين۔۔؟ ڪاڪو آچار: نه ڪونه رکندس۔۔ ڪاڪي: ڀلا تراويح پڙهندين۔۔؟ ڪاڪو آچار: همممم ، مشڪل آهي! ڪاڪي: ڀلا افطاري ۽ سحري ته کائيندين نه، يا اها به نه۔۔۔۔۔ ڪاڪو آچار: هاڻ ڀلا مان ڪو ڪافر ٿوڙئي آهيان جو سحري ۽ افطاري به نه کائيندس۔۔
جواب: ڪافر ٿوڙئي هان۔۔۔ اهڙا پرڪار ته پنهنجا به ننڍڙي لاءِ هوندا هئا ۔۔۔ ۽ هاڻ مون واري ننڍڙي نياڻي پڻ کائڻ لاءِ ته تيار پر جڏهن روزي رکڻ لاءِ چئبو ته چوندي ته ”بک تي پيٽ ۾ سور ٿو ٿئي“ ۔۔۔ خئير جي روزيداريءَ ۾ شريڪ ٿجي ته به ڀلو، ماڻهون ڪافر ٿيڻ کان ته بچي ويندو ۔۔۔ هل ڙي ڪاڪا آچار ۔۔۔
جواب: ڪافر ٿوڙئي هان۔۔۔ سائين بس ٻار به بي ملڪي بادشاهه هونداآهن۔ مرضي پوين ته روزو رکن جي نه ته ويٺا سڄو ڏينهن کائين۔
جواب: ڪافر ٿوڙئي هان۔۔۔ سائين پاڻ وٽ وري ٻار کائڻ پيئڻ جو روزو رکندا آهن۔۔ باقي ٻار کي باقاعدگيءَ سان سحري تي اٿارجي ۽ سحري، افطاريءَ شوق سان ڪرائجيس ته اڳتي هلي وڏو ٿي هو روزو ضرور رکندو۔۔
جواب: ڪافر ٿوڙئي هان۔۔۔ هاهاهاهاهاها۔۔۔۔۔۔ڀلا ڏيو احوال ڪاڪي آچار جو اوطاق تي اچڻ جو به روزو رکيو اٿس ڇا۔۔۔؟