مست
سينيئر رڪن
بُش ڪو جس روز سي پڙي جوتي، ڪتني مشهور هوگئي جوتي۔
هي شعر اونئن ته بُش جي مٿان جوتي بازي جي تعريف ۾ چيو ويو هو پر شايد هاڻي صدر زرداري جي باري ۾ چيو وڃي۔۔۔ ڇو ته بُش، مُش (مشرف)، ارباب کان پوءِ زرداري به انهيءَ لسٽ ۾ نالو لکرائي ويٺو آهي، يعني جوتن جو نشانو بڻجي ويٺو آهي۔۔
صدر زرداري جي برطانيه جي موجوده دوري ۾ برمنگهم شهر جي اندر هڪ جلسي کي خطاب دوران هي واقعو ٿيو، جتي هڪ اڌڙوٽ عمر جي شخص صدر زرداري تي جوتو اڇلائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اهو جوتو صدر کان گسي ويو۔ انهيءَ شخص کي ڪجهه دير حراست ۾ وٺڻکان پوءِ ڇڏي ڏنو، ان شخص جو چوڻ هو ته ملڪ پاڪستان جي موجوده حالتن (ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ سيلاب) جي مد نظر صدر کي هي دورو نه ڪرڻکپندو هو۔۔ جلسي ۾بدمزگي بعد صدر اتا هليو ويو۔

وضاحت: دوستو! هي خبر جيو نيٽورڪ جي ويب سائيٽ تان ورتي وئي هئي، پر ان جي تصديق گوگل نيوز جي نيٽورڪ تي موجود ڪجهه ويب سائيٽن کان پڻ ٿي، پر ڪالهه کان وٺي ڪا اهڙي وڊيو سامهون نه اچي سگهي آهي، جيڪا ان ڳالهه کي سچ ثابت ڪري... بهرحال خبر خبر آهي، سنڌ دشمنن جون ته واڇون ٽڙي ويون هونديون، جوتن جي خبر تي..