• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪشمور وٽ درياءِ جي بند کي گهارو۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
خبرن موجب ڪشمور جي ويجهو سنڌو درياءِ تي ڏنل ٽوڙهي بند کي گهارو لڳو آهي، جنهن کان پوءِ‌ ٻيون نمبر ڏنل بند کي به خطرو آهي ۽ ان سان گڏ غوث پور شهر جي بند کي به خطرو آهي۔ ڪنهن به قسم جي هنگامي حالت کي منهن ڏيڻ‌ سنڌ جي آبپاشي وزير مٿي ڄاڻايل بندن تي فوج کي طلب ڪري ورتو آهي۔ ياد رهي ته اڃان گڊو بيراج کان 10 لک94 هزار ڪيوسڪ پاڻيءَ‌جو ريلو پڻ اڄ گذرڻو آهي ۽ 9 لک ڪيوسڪ جو هڪ وڏو وهڪرو سکر بئراج تي پهچي چڪو آهي،
گڊو ۽‌ سکر بئراج تي وڏي ٻوڏ ۽‌ ڪوٽڙي بئراج تي ننڍي يا وچولي ٻوڏ جيترو پاڻي اچي چڪو آهي۔ قادرپور جي لوپ بند ۾ پڻ روڻيون پئجي چڪيون آهن، لاڙڪاڻي ۾ عاقل آگاڻي لوپ بند کان پڻ‌ ڇهه لک ڪيوسڪ پاڻي گذري رهيو آهي۔۔۔ سڪرنڊ لڳ مڏ منگلي بچاءُ‌بند جي مرمت جو ڪم هنگامي بنيادن تي جاري آهي۔ ٻوڏ جي خطري جي پيش نظر مٺڙائو، جمڙائو ۽ ٿر ڪئنال ۾‌ مرمت جي لاءِ پاڻيءَ‌جي سطح گهٽائي وئي آهي۔ سکر، لاڙڪاڻو، نوشهروفيروز ۽ دادو ۾‌ ڪچي ۾ پاڻي داخل ٿي چڪو آهي ۽‌ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي چڪا آهن جنهن ڪري ماڻهن کي هنگامي بنيادن تي فوج جي مدد سان پڪي تي منتقل ڪيو پيو وڃي۔۔
 
جواب: ڪشمور وٽ درياءِ جي بند کي گهارو۔۔

سنڌ جو درياهه آهي ۔۔۔ سهڻي کي ٻوڙيائين جو ڪچو گهڙو کڻي نڪتي هئي ۔۔۔ جي سنڌ به ڪچي گهڙي جي جا ته پڪو گهڙو هٿ ڪري ته ۔۔۔ رب جي ذات رحيم ۽ غفور آهي ۔۔۔ پر جيستائين اسان ايمان جي پڪي گهڙي کان وانجهيل هوندا سون ته اهڙين ڪيترين ئي آفتن جي منهن ۾ رهنداسون ۔۔۔

رب سنڌ ۽ سنڌين کي پنهنجي امان ۾ رکي ۽ پنهنجي رحمتن ۽ ڪرم ذريعي آفتون ٽاري ۔۔۔ آمين

تڏهن ڦڪيون فرق ڪن، جڏهن امر ٿئي انجو ۔۔۔ اچو ته سڀ رب جي بارگاهه ۾ ٻاڏايون ۔۔۔ ڇاڪاڻ ته قدرتي آفتن جي آڏو انسان هڪ ڪک کان به گهٽ حيثيت رکي ٿو ۔۔۔ الله پناه ڏيندو ۔۔۔
 
جواب: ڪشمور وٽ درياءِ جي بند کي گهارو۔۔

سائين منهنجا الله شل رحم ڪري اسان جو پنهنجو ڳوٺ به خطري ۾ آهي اصل ايمرجنسي لڳي وئي آهي،
 
Back
Top