ڪهاڻي واچوڙن ۾ لاٽ حميد سنڌي ”ابا اٿي، ٻاهر ڪمدار پيو ٿو رڙي، تيار ٿي وٺ، مان نيرن کڻي ٿي اچان-!“ ماءُ جي اٿارڻ تي هو ٽپ ڏئي اٿي ويهي رهيو. کيس ياد آيو ته اڄ کيس بٽئين تي وڃڻو آهي. هن گهڻن ڏينهن کان پئي نٽايو پر پوءِ خيال ڪيائين ته سڀ ڪجهه آخر کيس تي نه ڪرڻو آهي. رات جو ئي ڪمدار کي چئي ڇڏيو هئائين ته فجر جو سويل ئي هلبو، جيئن ڏينهن نه تپي وڃي. تنهن ڪري هو به فجر جو ئي در تي گهڙو جهلي بيهي رهيو. هو جلدي جلدي تيار ٿيو، ماءُ کان چانهه جو ڪوپ ورتائين، گرهه ڀڃي وات ۾ وڌائين، مٿان جلدي جلدي چانهه جو ڪوپ ورتائين. ماڻس کيس ”في امان الله“ چئي ڪم ڪار لڳي وئي. پاڻ حويليءَ جي ڏيڍي ٽپي ٻاهر آيو. ”ڪمدار، سويل ئي اچي وئين-!“ ”ڀوتار، سوير وري ڪهڙي آهي، ڪم به ته سنڀاليو، پنج ديرا آهن، پنج ديرا. وري ٻي ترائي واري زمين جي چڪاس به ته هلي ڪيو، ڏسو ته هيل ڇا ڪرايونس-!“ ”چڱو، چڱو هاڻي چڙهه ته هلون، وڌيڪ ڳالهيون اتي-“ اختر ۽ ڪمدار وڌي گهوڙي تائين آيا. نوڪر گهوڙا جهلي بيٺو هو. اختر ٽپ ڏئي گهوڙي تي چڙهيو. شهر ۾ گهڻو عرصو رهندي به هيءَ سواري ڪا سندس لاءِ نئين ڪا نه هئي. ها، ايترو سو هو جو گهڻي عرصي کان پوءِ هو گهوڙي جي سواري ڪري رهيو هو. ٻئي ڄڻا آهستي آهستي گهوڙن کي ڇڪيندا ڳوٺ جي ٻاهران آيا ۽ پوءِ کڻي گهوڙن کي ڪچي دڳ تي ڇڏيائون. اختر، تر جي وڏي زميندار دين محمد جو اڪيلو پٽ هو. پڻس کيس هميشه شهر ۾ رکيو – وچ، وچ ۾ هو ڳوٺ ايندو هو ۽ زمينون گهمندو هو. پر الاجي ڇو، هو جڏهن به ڳوٺن ۾ گهمڻ يا بٽئي تي ويندو هو ته سندس هانءُ منجهڻ لڳندو هو. پڻس سندس بيزاري ڏسي کيس چرچي وچان چوندو هو، ”منهنجو پٽ زنانو آهي، رڳو گهر ۾ ويهي مکيون ماري ڄاڻي..... بس چوويهه ڪلاڪ ڪتاب هجنس، ٻيو ڪُل خير-!“ واقعي هو به ائين، اختر پنهنجي زندگيءَ کي خشڪ ساٿين يعني ڪتابن جي حوالي ڪري ڇڏيو هو. ڏوڪڙ پئسي جي گهڻائي هئڻ ڪري، چاپلوسي ڪرڻ ۽ کارائڻ وارا ماڻهو، ڪڍ ته گهڻا هئس پر هو ڪنهن سان ڪو نه ٺهيو، ٺهيو ته ڪتابن سان. علم سندس طبيعت ۾ ماٺائي پيدا ڪئي سندس طبيعت نهايت ئي ماٺي ۽ ٿڌي قسم جي هوندي هئي – هو هر ڪنهن ڳالهه تي ويچارڻ جو اهڙو ته عادي ٿي ويو جو جيڪا به شيءَ ڏسندو هو، ان تي ويچارڻ کان سواءِ رهي نه سگهندو هو. انهيءَ ڪري هو جڏهن به ڳوٺ ايندو هو ۽ ٻنيءَ تي ويندو هو ته اتي جون حالتون ڏسي، هارين جي ڪسمپرسي، زندگيءَ جون اوڻايون پسي هو مايوس ٿي ويندو هو. ڪي گهڙيون ته سندس آڏو، هاريءَ جو پٺي لڳل پيٽ، پٺا اگهاڙا، اکين ۾ ويراني، اگهاڙا ٻار ڦاٽل ڪپڙن ۽ مٽي ۾ ڀريل وارن سان، اداس اداس زالون، بک جا جڪ، جهيڙا خون ۽ صدين کان هلندڙ عدالتون، اهي سڀ ڳالهيون ڦرڻ لڳنديون هيون ۽ پاڻ ڪلاڪن جا ڪلاڪ انهيءَ ۾ گم هوندو هو. پڻس بيمار ٿيو، پاڻ يڪدم ڳوٺ هليو آيو. اچڻ سان ڏاڍي ڪوشش ورتائين. ڊاڪٽر سڀ گهرايائين. پر کيس اچ سجهيو ٿي ته هاڻي سندس يتيمي جا ڏينهن اچي ويا آهن. هو اداس پر خاموش رهيو. پيءُ جي مرڻ کان پوءِ ڪي ڏينهن هن جي ماءُ جي اداسائي کي ونديو ۽ هو غم ۽ ڏک جي ونڊ ورڇ ڪندو رهيو. جڏهن ڏٺائين ته وقت سندس ساٿ ڏنو آهي، ونڊڻ لاءِ ڪي يادون باقي آهن، تڏهن هن زمينن ڏانهن ڌيان ڏنو. کيس ڪڏهن خيال ايندو هو ته هو انهن اکين جي حسرت ۽ آس ڏسي ڪيئن سگهندو جيڪي کتل هونديون انهن داڻن مٿان، جيڪي هو ميڙي چونڊي پنهنجي حصي ۾ ڪندو ويندو – هو اهي فيصلا ڪيئن ڪندو، جنهن ۾ هڪ هاري ٻئي هاري کي لٺ هڻي ڪڍي هوندي ڇاڪاڻ ته هن سندس پاڻي جو وارو ڀڳو هوندو، صرف ان ڪري ته من هو ڪي داڻا وڌيڪ کڻي. هو سوچيندو هو ته ائين نه ٿو ٿي سگهي ته پاڻ بٽئين تي نه وڃي. هارين کي جيڪي وڻي سو هو کڻن. باقي منهنجي ضرورت جيترو اَنُ مون کي ڏئي وڃن. ائين نه ٿو ٿي سگهي ته هو اوطاق تي ويهي فيصلا نبيري، سڀ ٺهي وڃن، پراڻيون عداوتون ۽ ويڇا سڀ ختم ٿي وڃن- ذري پرزي جي ڳالهه تان ٿيل جهيڙا، خون اهي سڀ هو هڪٻئي کي معاف ڪري ڇڏين، ڪو ڪنهن کي نه اهنجائي، بس خاموشي، سانتگي ۽ امن. اختر هميشه ائين گهڻو ڪجهه سوچيندو رهندو هو، زندگي جي هلڻ جا انيڪ ڍنگ، طور ۽ طريقا. اڄ جڏهن هو گهوڙي تي تيز وڃي رهيو هو، ته سندس خيال به ان کان تيز ڊوڙي رهيا هئا– هو ماٺ ميٺ ۾ زندگي جي مختلف پهلوئن تي ويچاريندو رهيو. هن پهلوئن کي ايترو ته پروڙيو جو شام ٿي وئي ته به هو ويچارن تي ويچاريندو رهيو. انهن ويچارن جي نتيجي ڪمدار کي حيران ڪري ڇڏيو. هن بٽئيون نهايت ئي انوکي طريقي سان ڪيون. زمينداري لاپو معاف، ڪمدار کي ٽويو زميندار جي حصي مان نڪري، هاري کي ان جو اڌ پلئه پئي، ان مان ڪا به ڪاٽ نه ٿئي. صدين جو هارين تي قرض سڀ معاف. ڪمدار نه ٿي چاهيو ته صدين جي روايتن کي هو هڪڙي اڇل سان ٽوڙي ڇڏي. هن جي ڀڻڪڻ تي اختر صرف ايترو چيو، ”چاچا، ورهيه ٿيا، اسان بٽئيون پنهنجي مرضي تي پئي ڪيون آهن، هاڻي ڇڏ ته ڪي ورهيه هاري به پنهنجي مرضي مان بٽئيون ڪن، هو به ته نيٺ انسان آهن...... پورهيت انسان-!“ هن آخر ۾ هڪ وڏو ٿڌو ساهه ڀريو. ڪمدار کي ائين لڳو ته هن جو هاڻي ڪڇڻ بيڪار آهي. هاڻي روايتون ئي نيون جنم وٺنديون. ڪمدار شام تائين حيرانگي جي حد تائين پهچي ويو. هن اهڙا فيصلا نه ڏٺا نه ٻڌا. جو ٻن ٻولن سان ٻئي ڌريون ٺهي وڃن. ”ابا، ڇا تي جهيڙو آهي-؟“ اختر پڇيو. ”سائين، خيروءَ سعيو ڪري پنهنجو مال منهنجي ٻنيءَ ۾ ڇڏيو. مون کيس چيو، جنهن تان مون کي گاريون ڏنائين. مون ورائي گار ڏني مانس، ته مون تي ڪهاڙي کڻيايو، جي چار چڱا وچ ۾ نه پون ها ته مون کي جيڪر ماري وجهي“ هڪ هاريءَ چيو. ”خيرو تون چئه بابا-!“ ”سائين، نسورو ڪوڙ-!“ ”ڏس، تون ته ڪوڙ نه ٿو ڳالهائين-!“ ”سائين، نه – هن مون کي گهڻيون گاريون ڏنيون -!“ ”مان رڳو پڇان ٿو ته تو ڪهاڙي کنئي يا نه -!“ ”ها سائين، پر هن سائين مون کي گهڻيون گاريون.....“ ”ٻئي چٽ آهيو. گارين تي ٿا ڪهاڙيون کڻو. چڱو ٻيلي خيرو، تون ڏي مون کي گار، ڏس مان ڪهاڙي کڻان ٿو – ڏي جيڪا وڻئي – گهڻيون گاريون ئي ڏي – ڏي نه -!“ خيرو ماٺ ڪري ڪنڌ جهڪائي بيٺو رهيو. ٿوري دير کان پوءِ وڌي آيو – ”بابو آهين خطا ٿي وئي، بخش ڪر-“ ”چڱو ٻئي پرچي وڃو – ڏسان جيئن منهنجا هاري وري نه وڙهن-!“ ڪمدار اهڙا ٻه ٽي فيصلا ٻڌا، جن ۾ پرچاءُ سڪ، محبت ۽ پيار کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو. نڪي هيون زمينداري گاريون، فرياديءَ کي به ته ڏوهاريءَ کي به. نڪي هئا زمينداري مار موچڙا، هو بنهه ويچار ۾ پئجي ويو. هاري حيران، ڄڻ کين يقين نه ٿي آيو. ڪمدار ويتر حيران ٿي ويو، جڏهن ڏٺائين ته هڪ ڍيري تي اختر هارين سان گڏجي ويهي مان کاڌي، ڏڌ جي هڪ وٽي مان سڀني ٿي ڍڪ ڀريا. هاري ڊڳا پئي، پر اختر جي قربائتي ڪچهري کين نهال ڪري ڇڏيو. شام تائين هن پنجن ئي ديرن جي بٽئي ڪري ورتي. هارين جا ٻه – ٽي فيصلا ڪيا. باقي رهيل هئس ترائيءَ واري زمين، سو سج لهڻ ۾ اڃا ڪلاڪ ڏيڍ هو ته هو اتان به چڪر هڻي آيو. هاڻي سندس رخ سڌو ڳوٺ ڏي ويندڙ رستي ڏانهن هو. زمين جي ٻنن تان، پيچر ۽ گسن تان هو گهوڙي کي تيز ڊوڙائي رهيو هو. ڪمدار پٺيان هئس. رکي رکي ٿي رستي جو اهڃاڻ ڏنائينس. اڄ سڄي ڏينهن جي مصروفيت اختر کي بجاءِ ٿڪ جي فرحت ڏني هئي. هو خوش خوش، ڀٽائيءَ جي بيتن کي جهونگاريندي ٿي هليو. اچانڪ ڪمدار گهوڙو ڊوڙائي آڏو آيس. ”سائين، ايڏانهن نه هيڏانهن-!“ ”ايڏانهن وري ڪاڏي، هو رستو ڏسين نه ٿو ته سامهون آهي، هيءَ زمين لتاڙي انهن سامهون وارن گهرڙن وٽان لنگهي سڌا رستي تي هلي پونداسين-“ ”پر، سائين – اهي زمينون پرايون آهن-!“ هينئر وري ڪهڙين پنهنجين زمينن ۾ بيٺا آهيون – پر هن زمين ڪو فصل به ته ڪونهي جو زيان ٿيندو، ماٺ ڪري هلي آ –“ ”سائين، گستاخي معاف، ايڏانهن بنهه ناهي هلڻو، انهن سان اسان جي پراڻي دشمني آهي – اسان سان وڙهندي دير ئي نه ڪندا. هو ڏسو، ٻه ٽي هاري گهرن ڏي ڊڪ پيا وڃن، شايد ٻين کي اطلاع ڏين. اسين بنهه سندن ٻنيءَ تي بيٺا آهيون، اچو، هيڏانهن ڦري......“ ڪمدار اسان هلنداسون ته هيڏانهن-“ ائين چئي هن گهوڙي کي اڙي هنئي، گهوڙو ٻنو ٽپي زمين لتاڙڻ لڳو. ڪمدار رڙيون ڪندو رهيو. پر اختر ڪافي اڳتي وڌي چڪو هو. لاچار ڪمدار به گهوڙو وڌايو ۽ اچي اختر سان مليو. اختر بي پرواهه ٿي وڌي رهيو هو، پر ڪمدار جورنگ ويو ٿي ڦرندو، تان جو هو انهن گهرن وٽا پهتا. مَنَهَن ۽ اوڏڪي ڀتين جا ٺهيل گهرڙا، اختر جون الاجي ڇو نگاهون گهرڙن ۾ کتل هيون. هو گهرن وٽان ڦيرو ڏئي لنگهيائي مس ته سامهون ڇهه – ست جانٺا جوان دڳ جهلي بيهي رهيا. ”اڄ نه ويندين ڪمدار-!“ تون به نه ويندين رئيس -!“ اختر پهريائين ته وائڙو ٿي ويو، پر پوءِ پاڻ سنڀالي هيٺ لهي پيو. ڪمدار جو منهن لٿل هو، هر هر هن خشڪ چپن تي زبان پئي ڦيري. ”ڇا ڳالهه آهي-؟“ اختر آهستگي سان پڇيو. ”ڳالهه کي پڇي ڇا ڪندين رئيس- بس ايتري سو ڄاڻ هجئي ته، خونن جا بدلا آهن- پر پهريائين ڪمدار سان صفائي ڪجي-!“ هڪ نوجوان اڳتي وڌندي چيو. ”ها، ڪمدار، ڏي خبر، ڪيئن واٽ ڀلجي پئين. اسان جا ماڻهو ته ڄاڻ ڏئي ٿي زمين مان لنگهيا، ته بنهه خون ٿي ويا. اڄ جو تون بنا ڄاڻ جي لنگهيو آهين.... هاڻي، تو سان ڇا ڪجي-؟“ ”بخ ....... ش ........ ڻ ..... رئيس...... ضد ڪيو....... نه ته ............ توکي خبر آ ...... جڏهن کان اسان مڙساڻو وعدو ڪيو ته، نه توهان اسان جي ٻنيءَ مان لنگهدئو، نه وري....... اسين....... ته پوءِ تون پاڻ امين ٿي. ورهيه ٿي ويو آهي...... اسين ڪو لنگهيا آهيون........ اڄ، رئيس......!“ ”اڄ رئيس ضد ڪيو. ادي غلام محمد ۽ ٻين کي اڦٽ، مارائي ڇڏيئه، چئه ته اهو به رئيس جو ضد هو – ما کي خبر آ ته، تو ڇو ادي غلام محمد کي مارايو، صرف انهيءَ ڪري جو هن توهان جو هاري ٿيڻ پسند نه ڪيو. ڇاڪاڻ ته سندس ڄاڻ هئي ته ڪمدار ۽ رئيس جي نيت سندس مڱ لاء اڳ ئي خراب هئي-!“ ”بخشا، ڪهڙا زنانا ڏوراپا ويٺو ڏين، هڻ ڌڪ، لاهه سري، ته ڪو اندر ٺري .....!“ ٻئي ڳڀروءَ بخشڻ کي هڪل ڏيندي چيو. ”اچيئي ٿو، ڪمدار...... سنڀالجانءِ!“ بخشڻ ڪهاڙي اڀي ڪئي ۽ ڪمدار مٿان اولر ڪئي، اختر يڪدم وڌي آيو، ”متان، جوان، متان -!“ ”رئيس، متان متان، ٻين کي ڪر، اسين توکي به ڪو نه ڇڏينداسين. متان ڪو ٻيو خيال ڀانئين. جي تنهنجي مرضي ڪمدار کان اڳ مرڻ جي آهي ته پوءِ جيءُ بسم الله -!“ ائين چئي بخشڻ، اختر مٿان ڪهاڙي اڀي ڪئي. ڪمدار اچي پيرن ۾ چنبڙيس. ”اڙي بخشا، هن معصوم تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، جنهن اڃا ونيءَ جو به منهن نه ڏٺو آهي.... تنهنجو ڏوهه مون ڪيو آهي، - مون کي مار. ...... مون کي مار، بخشا ..... مون کي .......رئيس کي ڇڏ ته هو وڃي -!“ ڪمدار جي ليلائڻ، روئڻ ۽ ڳالهين کي ٻڌي بخشڻ ڪي گهڙيون ته ڍرو ٿي ويو. اچانڪ ڀر واري لوڙهي مان هڪ ننڍي نيٽي نينگر، نهايت ئي تيزيءَ مان نڪري، ڪمدار مٿان اچي بيهي رهي. ”ڪمدار، زالن، وانگر روئڻ هينئر ياد آيو اٿئي. انهيءَ مهل ڳوڙها ڪٿي هيئيه، جنهن مهل منهنجو گهوٽ، ڪونڌر، تنهنجي سامهون هو ۽ تنهنجي ڪهاڙي مٿس اڀي هئي. انهيءَ ونيءَ جو خيال ئي نه آيئه، هن جي معصوميت ئي ڪا نه ڏٺئه، هينئر ٿي رئيس ننڍي جي ونيءَ ۽ معصوميت ياد پويئي- ادا، بخشڻ .... ويچار ڪهڙي ۾ آهين. – اهڙين ڳالهين تي ويچار ڪبا..... حالي ته بدلا ٿين، پوءِ پيا ڳن ڏينداسين.!“ نينگري تيز نگاهن سان بخشڻ ڏانهن نهاريو. اچانڪ اختر وڌي ڏانهنس آيو ”مان ..... مان .... سمجهي نه سگهيو آهيان.... آخر ڳالهه ڇا آهي.... ماريو ته ٿا پر ٻڌايو ته سهي قصور ڪهڙو، ڪو ڏوهه، ڪو گناهه..... آخر ڳالهه جو ڪو منڍ ڪا پڇاڙي. ..... ڪجهه مان به ته سمجهان.....“ ”رئيس، تنهنجي بابي، رئيس وڏي ئي ڪڏهن ڪنهن کي، ڪنهن جو ڏوهه يا گناهه، ڪنهن ڳالهه جو منڍ يا پڇاڙي نه ڏسي، سو تون پڇي ڇا ڪندين..... پر بيهه، ڀلي تون راضي ٿي.... ڪمدار، رئيس کي ٻڌاءِ ته قصو ڇا هو..... سڄي سربستي ڳالهه ٻڌائينس..... ٻڌاءِ.....!“ نينگري ڏاڍي تيز پئي ڏٺي. سندس منهن ڳاڙهو هو. وار منهن ۾ پي پيس، جن کي هر هر هٿ سان مٿي ڪري پئي ڳالهايائين. ڪمدار ماٺ بيٺو رهيو. ”رئيس، ڏوهي ڪيئن ٻڌايندو ته مون ڏوهه ڪيو آهي – مان ٿي هن جو ڏوهه ٻڌايانءِ-“ ”زينا، تون ڇڏ ڊيگهه کي، هل گهر، پاڻهي ملائڪ کين ڏوهه ثواب ٻڌائيندا.“ هڪ پوڙهي ڇوڪريءَ کي پڪاريندي چيو. ”نه بابا، مان گهر نه وينديس...... ظلم مون سان ٿيو آهي..... گهوٽ منهنجو ڪٺو آهي..... مان کين مرندو به نه ڏسان..... اندر جو سور به نه سليان.....“ ڇوڪريءَ جي شوخي ۽ تيزي گهٽجڻ لڳي. پر وري هوءَ ڪجهه هوش ۾ اچي ساڳئي وقار ۽ رعب سان ڳالهائڻ لڳي. ”رئيس اهو منهنجو بابو اٿيئي، هيءُ چار سندس ڀائر آهن. هيءَ زمين جو ٽڪر مڙني ڀائرن جي موروثي ملڪيت آهي. اسان نه رئيس کي ڏٺو، نه ورتو پر ڪمدار جي ڪا نظر مون تي پئجي وئي. آيو بابي وٽ، رئيس، سوچ ته سهين ڪاڏي ڪمدار، ڪاڏي مان، بابي انڪار ڪيس. تنهن تي ويو رئيس وڏي ڏي، ان کي آڻي مون مٿان بيهاريائين. مان ٻنيءَ ۾ گاهه پئي لڻيو. مون تي نظر وجهي تنهنجو بابو رئيس وڏو، آيو منهنجي بابي وٽ، چيائينس ڪمدار کي سڱ ڏي. بابي پهريائين انڪار ڪيس پر پوءِ اهڙو ته زور وڌائينس، ڪي ڌمڪيون ڪا لالچ، نيٺ بابي مڃيو.... اڃا شاديءَ ۾ ڪي ڏينهن هئا ته منهنجو گهوٽ جو رئيس جو هاري هو......!“ اختر، جو ڌيان سان ڳالهه ٻڌي رهيو هو، منجهي پيو. ”تنهنجو گهوٽ......؟“ ڇوڪري ڪجهه ڇڪجي وئي. ان سان گڏ ڪي ڏک جون ريکائون سندس وڻندڙ چهري تي ڦهلجي ويون..... بخشڻ جو ڪهاڙي جي ٽيڪ تي بيٺو هو، تنهن وراڻيس: ”ادي غلام محمد جي هيءَ گهرواري آهي.“ ”هون.......“ اختر ساڻ وراڻيس. ٿوري دير سانت کانپوءِ ڇوڪريءَ آهستي چوڻ شروع ڪيو. ”انهي کي جو خبر پئي ته رئيس جي نيت بري آهي. مان ٿيان سان ڪمدار جي زال ها پر......“ هوءَ ڪجهه هٽڪي بيهي رهي. ”رئيس، ڳالهين هڻي جوش ڍرا ڪري وڌا آهن، خير ..... مان ٿو توکي سربستي ڳالهه ٻڌايان......“ ڇوڪريءَ جي پيءُ اڳتي وڌي چيو. ”غلامون آيو مون وٽ مون کي رئيس ۽ ڪمدار جي دغا کان واقف ڪيائين. مون يڪدم ڪمدار کي انڪار ڪيو.... ڪمدار کي به خبر پئجي وئي.... اچي لڳا غلامو جي ڪڍ. غلامو سر بچائي آيو اسان وٽ، اسان کيس پناهه ڏني – ڳالهين کي ڪجهه ڏينهن ٿيا، ڳالهه لئه مٽي ٿي وئي. غلامو اسان سان گڏ ٻنيءَ تي ڪم ڪرڻ لڳو. رئيس کيس هڪ ٻه دفعا گهرايو ۽ کيس واپس اچڻ لاءِ چيو. منهن تي نالي خاطر ڪمدار کي به دٻايو. غلامو جي سٺي هلت چلت مون کي موهيو..... سندس گهر تي زينا کيس ڏيڻي ڪئي....... شادي تي ڪمدار به آيو هو، ڏاڍي ڌام ڌوم سان شادي ٿي. شاديءَ جي ٻئي ڏينهن جي ڳالهه آهي: ڪجهه سامان پيو کٽي، سو غلامو ڀرواري ڳوٺ ڦليجن مان سامان ويو وٺڻ. موٽندي رئيس وڏي جي زمينن مان ئي لنگهيو ته چار جوان ڦري آيس، کڻي ٻڌايائونس. چي ڦٽيون ٿي چورايائين.- سائين توهان ئي انصاف ڪيو، ڏينهن ڏٺي جي ديري ۾ پنجن ڇهن ماڻهن جي حاضريءَ ۾ ڪهڙي مائي جي لال کي همت ٿيندي جو چوري ڪري – پر سائين، ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا. وٺ ٿي وئي. غلامو ويچاري کي في الحال ته اڌ مئو ڪري ڇڏيائون – غلامو جي پٺيان به همراهه اسان جي ڳوٺ جا جيڪي اسان جا عزيز هئا، پئي آيا. جڏهن انهن وٺ وٺان ڏٺي ته ڊڪي اچي ڀر جهليائون. انهن ماڻهن کي چيائون جن ورنديءَ ۾ کين ٿڦون هنيون، تنهن تي هو به مڇرجي پيا. هڻي ٻن ٽن کي في الحال ته لٺين مڪن سان دسي وڌائون، پر هو ته تمام گهڻا هئا. بس سڏ تي پنج ڇهه ڄڻا ٻيا اچي لٿا، جن ۾ ڪمدار به شامل هو. اختر ڪمدار ڏي نهاريو. هن جو ڪنڌ هيٺ هو. ”سائين پوءِ ته لٺ جي ڌڪ ڌڪان هئي، همراهه ڌڪجي پيا. پيو جو غلامو، اهو به پاڻ ڇڏائي اچي وچ ۾ پيو، تنهن تي ڪمدار تڪي وٺي جو ڪهاڙي اڇلي ته غلامو جو ساهه، تو ڏٺو نه مون ڏٺو..... اهي ٻه همراهه ته پوءِ بچي پيا – اڙي پيرا، جانو ۽ ولو آهن اتي؟“ ”نه چاچا، شهر ويل آهن!“ هڪ نوجوان وراڻيو. ”سائين، اهي جوان ڪونهن، نه ته سڄي حقيقت تو سان ڪن ها. هاڻي ٻڌاءِ ڀوتار، اسين بدلو وٺڻ ۾ صحيح آهيون يا غلط – وري ظلم ته اهو جو همراهه اسان جا مارجن ۽ پوليس به اسان تي چڙهي آئي. چي، توهان ئي همراهه هنن جي ديري تي موڪلي، ڦٽيون ٿي کڻايون- ڏيو سائين منهن...... بس سائين پوءِ ته ڪيس ڀوڳياسين، مسين مسين جان ڇٽي. ڪونڌر به ڪسايوسين، عزت ۽ مان به وڃايوسين، باقي اسان وٽ رهيو ڇا؟ سائين، بس ..... هن نينگر کي ڏسندو آهيان، غلاموءَ جي شڪل اکين اڳيان ڦري ايندي اٿم ۽ پوءِ روئي ويهندو آهيان – باهه آ، جنهن ۾ پچان پيو.....“ پوڙهي جي اکين ۾ ڳوڙها هئا، هو وڌيڪ ڳالهائي نه سگهيو. غلامو جي مرڻ جي واقعي دهرائڻ ڪري سڀ اداس ٿي ويا هئا. نينگر جي ڳلن تي بوندون ٿي چمڪيون. هن جون اکڙيون هيٺ هيون. اداس چهري تي هن الاجي ڇا وڇائي ڇڏيو هو، جو اختر جي اکين ان کي اهڙو سمجهي ورتو، جو هو ڏڪي اٿيو ۽ هن پٺي ورائي ڇڏي. ”چاچا، هاڻي ڳالهيون ٿي ويون، اسين بدلو وٺنداسين، ائين کيس ڪو نه ڇڏينداسين!“ هڪ نوجوان آواز کي اڀاريندي چيو. اتي سڀ همراهه سجاڳ ٿي ويا، هڪ نوجوان وٺندي ئي ڪمدار کي زمين تي سٽيو، ٻيو اختر ڏانهن وڌيو. ”ترسو -!“ اختر جو آواز جهڪو هو. ”مان توهان کي بدلي وٺڻ کان ڪو نه ٿو روڪيان، توهان ڀلي بدلو وٺو، پر اهڙو بدلو وٺو، جو توهان جو ڳاٽ اوچو رهي، توهان اسان کي ماريندئو، اسان جا ماڻهو اوهان کي ڇڏي ڪو نه ڏيندا، - وري توهان انهن جا همراهه ماريندئو. انهن جو تعداد وڌندو رهندو، يتيم ٻارن جو تعداد وڌندو رهندو. بس ٻيو ته ڪجهه ڪو نه ٿيندو، اهي يتيم معصوم ٻار، اهي بيواهه زالون، ائين چڙي چڙي روئندي روئندي هنن سان وڃي ملندا، اهو به ڪو جيئڻ چئبو؟“ ”رئيس اها تقرير ٻئي جهان ۾ ڪجانءِ.“ هڪ نوجوان خار مان چيو. ”مون وٽ هڪ اهڙو رستو آهي، جنهن سان توهان بدلو وٺي سگهو ٿا، جي قبول ڪيو ته مان چوان -!“ سڀني جي چهرن تي ڪنهن به قسم جي دلچسپي جي لهر نه ڊوڙي، بس هو بدلي لاءِ آتا هئا. جيئن ته هينئر غلام محمد موٽي نه ٿو سگهي، نه وري اسان کي مارڻ مان ئي هو جيئرو ٿي سگهي ٿو، مان چاهيان ٿو ته اسين کير کنڊ ٿي وڃون!“ ”اها اڻٿيڻي آهي!“ ڪيئي آواز آيا. ”مان ان لاءِ قرباني ڪريان ٿو، مان غلام محمد ٿيڻ لاءِ تيار آهيان..... نئون غلام محمد، هن ونيءَ جو گهوٽ!“ چوڌاري سانت ڇانئجي وئي. نينگر جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو. هوءَ ڪنڌ هيٺ ڪري ميڙ مان نڪري وئي. ”رئيس...... تون اها اسان کي گار ته نه ٿو ڏين!“ بخشڻ جو آواز گونجيو. ”بخشڻ، مان اهڙو نيچ نه آهيان“ ”اهو دولاب آهي، پاڻ کي رئيس بچائڻ ٿو چاهي.“ ”پر به اسين نينگر جو هٿ، نينگر جي مڙس جي خوني جي پٽ جي هٿ ڏيون، اها اڻٿيڻي.“ هڪ پوڙهي ڪنڌ ڌوڻيندي چيو. ”مان چاچا، نينگر جي پيءُ کي چوندس ته هو سوچي. توهان سڀ گهرن ۾ خوش ويٺا آهيو، ڌيءَ جا ڳوڙها ته هو ٿو ڏسي، بار ته هن مٿان آهي. مان صرف ان ڪري انهيءَ ڳالهه تي ٿو زور ڏيان ته من منهنجي ابي جي ڪيل ظلمن کان پوءِ، وڌيڪ خوشيون ملڻ تي توهان جا زخم ڀرجي وڃن ۽ پوءِ اهي سڀ ويڇا ختم ٿي وڃن، جيڪي جيڪر صدين تائين هلندا رهندا. ٻيو ته چاچا، هيءُ بدلو ئي ته آهي، چماٽ ئي ته آهي اسان جي وڏن لاءِ.“ اختر ائين چوندي ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو. ”رئيس- تو اهڙي ڳالهه ڪئي آهي- جو بس دکيل رڳ تي هٿ رکيو اٿئي.... تو ڳالهه اهڙي نموني ڪئي آهي جو اسان کي ويچار ۾ وجهي ڇڏيو اٿئي– نه ته ايمان سئون اها ڳالهه ڪري ڪير هتان بچي وڃي نه ٿو سگهي.“ ڇوڪريءَ جي پيءُ جو لهجو تيز ٿي ويو ۽ سندس ڳاڙهين اکين کي ڏسي ڪمدار ڇرڪي ويو. هو وڌي اختر ڏانهن آيو ۽ آهستي چوڻ لڳس: ”رئيس، ٻاراڻي نه ڪر – اها ڳالهه نڀائڻ ڏاڍي ڏکي ڳالهه آهي – ماٺ ميٺ ۾ معافي وٺي هل، هو تو کي ڪجهه –“ تون ماٺ ڪر ڪمدار – تنهنجي انهن ڳالهين ته هيءُ جهيڙا وڌايا آهن-“ اختر ڪمدار کي ڇنڀيندي چيو. ”چاچا، سوچڻ مهل ياد رک ته هيءُ به تنهنجو بدلو آهي منهنجي بابي کان، منهنجي خاندان کان – هن ۾ رڳو اهو فرق آهي ته هن بدلي ۾ رت جي ڳاڙهاڻ آهي ۽ هن بدلي ۾ ..... ميندي جي ڳاڙهاڻ“ اختر مشڪي ويٺو. هن مجموعي ڏانهن ڏٺو، ات به هڪ قسم جي سوچ ۽ مشڪ ڇايا ڪيو بيٺي هئي. اختر آهستي سان وڌيو، بخشڻ جي ويجهو اچي کانئس آهستي سان ڪهاڙي ڇڏائي، زمين تي ڦٽي ڪري، کيس وڏو ڀاڪر پاتائين. ان ۾ الائجي ڇا ڪجهه نه سمايل هو. پوءِ هن سڀني جون ڪهاڙيون ڦٽي ڪيون ۽ سڀني کان ڀاڪر پائيندو ويو. هن سڀني جي چهرن کي ڏٺو، ات ڳاڙهاڻ بجاءِ هڪ ٿڌي مٺي روشني ڇانيل هئي. هن آسمان ڏانهن نهاريو، ات لهندڙ سج جي ڳاڙهاڻ ختم ٿي چڪي هئي. اڇاڻ واري هلڪي روشني ڇانيل هئي، هن کي ائين لڳو ڄڻ صبح ڪاذب آهي. هو ونيءَ کي انهيءَ رات ئي نڪاح کان پوءِ وٺي ويو- گهوڙي تي کيس ڀاڪر ۾ ڀري چاڙهڻ مهل هو هڪ قسم جي خوشبوءَ ۾ ويڙهجي ويو. هن سڃاتي ته اها مينديءَ جي خوشي هئي، صدين کان انساني ميلاپ جي شاهد – جنهن جي لالي، قرب، مٺ ۽ محبت جو پيام ڏيندي آهي. (مهراڻ، 3 – 1962ع) حوالو : ڪتاب : مهراڻ جون چونڊ ڪهاڻيون مصنف : حميد سنڌي
جواب: واچوڙن ۾ لاٽ (حميد سنڌي) سهڻا وساڻ! لک ٿورا حميد سنڌي جي ڪهاڻي ونڊ ڪئي آهي، سرسري ته ڏسي ورتي آهي، باقي تفصيل سان پڙهي هن ڪهاڻي تي ٽيڪا ٽپڻي ڪري سگهبي ۔۔۔ اوهان جو سنڌي ادب، شاعري ۽ ڪهاڻين سان چاهه ڏسي محسوس ٿئي ٿو ته مستقبل قريب ۾ اوهان جي اندر مان به هڪ اديب نڪري نروار ٿيندو، جيڪو پنهنجي روشني سان سنڌ جو ماحول روشن ڪندو ۔۔۔ اسانجون دعائون اوهان سان گڏ آهن ۔۔۔
جواب: واچوڙن ۾ لاٽ (حميد سنڌي) جيئن ته ڪهاڻي جو عنوان آهي واچوڙن ۾ لاٽ ۽ محترم حميد سنڌي ڪوشش ڪئي آهي ته هو سنڌ کي ڪو نئون پيغام ڏي، سنڌين کي ڪي پڙهيل لکيل ۽ سلجهيل وڏيرا ملن جي صدين جا ويڇا ختم ڪري سنڌين کي پاڻ ۾ کير کنڊ ڪري ڇڏن ۽ خوشحالي پئدا ٿئي ۔۔۔ افسوس جو ليکڪ هميشه مستقبل جا خواب ته ڏسندا آهن پر انهن جي سانڀيان ڪرڻ وارا نه ۔۔۔ افسوس جو ليکڪ قلم کڻي اوڻايون ته ٻڌائي سگهي ٿو پر تلوار کڻي قوم کي سڌي راه تي لائي نٿو سگهي ۔۔۔ هن ڪهاڻي ۾ به ليکڪ ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي ته هو سنڌين ۾ اوچ نيچ جا جهيڙا ختم ڪرائي سگهي، هڪ ٻئي لئه پيار پئدا ڪري سگهي پر افسوس جو اڄ به سنڌ ان آڙاهه ۾ سڙي پئي ۔۔۔ رب اهڙو ڏينهن ڏيکاري جو سنڌ آزاد، خوشحال ۽ علم جي روشني سان مالا مال ٿي پاڻ ملهائي ۔۔۔ ڪاش اهڙو ڏينهن اچي ۔۔۔۔!!!
جواب: واچوڙن ۾ لاٽ (حميد سنڌي) ادا نثار مهرباني هي ڪهاڻي 1962 ۾ لکيل آهي۔ هڪ سٺي راه تي وٺي ويندڙ رستو ڏيکاريو آهي ڪهاڻيڪار۔ پر افسوسو ته سنڌ جون حالتون 1962 کانپوء وڌيڪ خراب ٿيون آهن۔ دعا آهي ته سنڌ جون حالتون بهتر ٿين