• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

راشد مورائي گل تازا آڻي رکبا ڪي ، گلدان سلامت آهي اڃان - راشد مورائي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
راشد مورائي

تون تير نظر جا هڻندو رهه، نيشان سلامت آهي اڃان،
دل پوري آهي، جگر جو پر ارمان سلامت آهي اڃان.

فتوا نه ڏيو، ڪافر نه چئو، مومن کي ميان منڪر نه چئو،
سچ پچ ته اسان جو سونهن مٿان، ايمان سلامت آهي اڃان.

ساگر ۽ صراحي چٽ ٿي ويا، مَٽ مَئي جا کُليا پيا آهن،
ٻُڪ سان ئي پيئڻ وارا پيئندا، سامان سلامت آهي اڃان.

اي سنڌڙي جندڙي سُست نه ٿي، ڪو توتي تاءُ نه سهڻو آ،
جنهن توکي دل سان پوڄيو آ، سو جوان سلامت آهي اڃان.

جي ڪوماڻو ڪو گلدستو، خوشبو ٿي ختم پرواهه نه آ،
گُل تازا آڻي رکبا ڪي، گُلدان سلامت آهي اڃان.

راشد ته مري ويو سال ٿيا، هڏڙا به ڳري ئي ويا هوندا،
پر شاعر هو سو شعرن جو، ديوان سلامت آهي اڃان.

21dk7kl.jpg
 
جواب: گل تازا آڻي رکبا ڪي ، گلدان سلامت آهي اڃان - راشد مورائي

اي سنڌڙي جندڙي سست نه ٿيءُ، ڪو توتي تاءُ نه سهڻو آ،
جنهن توکي دل سان پوڄيو آ، سو جوان سلامت آهي اڃان۔

رب العالمين جي آڏو سربسجود ٿي دعا آهي ته سنڌ جو جوان سلامت هجي، سنڌ جو جوان باغيرت هجي، سنڌ جو جوان سگهارو هجي ته جيئن سنڌ جو مان مٿاهون ڪري سگهي ۔۔۔ آمين

ادا وساڻ، راشد مورائيءَ جو هي گيت انتهائي اميد افزا گيت آهي ۔۔۔ هن گيت ۾ شاعر مايوسين کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ، سنڌ کي آسروند رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۔۔۔

ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔۔
 
Back
Top