• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

علي اڪبر شر

ALI AKBAR SHAR

سينيئر رڪن
السلام عليڪم
اميد آهي ته توهان سب خوش باش هوندا
بارساتن بجلي ۽ انٽرنيٽ جي پيڪيج ختم ٿيڻ ڪري مان ڪجهه ڏينهن سنڌ سلامت تان غير حاضر هويس ۽ هاڻ توهان دعا ڪيو ته سيلاب کان بچون خدا الاهي ڇا تي ناراض آهي جو هڪ دم ايڏي وڏي ٻوڌ پاڪستان ۽ سنڌ ۾ داخل ڪئي آهي جو ختم ٿيڻ جو نالو به نه ٿي وٺي
گهڻن ڏينهن کان پوءِ اوطاق ته آيو آهيان ۽ هاڻ به هلڪي هلڪي بارش پئي ٿئي سچم ته دوستن کان مڪلايون وڃان مهرباني
 
جواب: علي اڪبر شر

يار اڪبر شر! ڀلي ڪري آيا، جي آيا، الله خئير ڪندو، رب کي سنڀاليو ته اميد آهي ته اها آفت ٽري ويندي ۔۔۔ اسانجي ڪنهن خذمت جي ضرورت هجي ته دوستن کي وانگار جو سڏ ڏيون ۔۔۔ بس ڙي يار گڏجي سڏجي هڪٻئي جي مدد ڪري اڳتي وڌڻو پوندو ۔۔۔ باقي سڄي سنگت مڙئي هن آفت کان ڊنل آهي ۔۔۔

همٿ مردان مدد خدا ۔۔۔ همٿ ڪري منهن ڏيڻو پوندو ۔۔۔

رب اوهانکي پنهنجي امان ۾ رکي ۔۔۔ موٽ ڪجو ۽ حال احوال ڏجو ۔۔۔
 
جواب: علي اڪبر شر

اميد ته اهيا آهي خير ٿي ويندو................ پر سنڌ جي هڪ به ماڻهون متاثر نه ٿئي ها جيڪڏهن بجاءُ بندن تي صحيح ناموني ڪم ڪيو وڃي ها .................. مان پاڻ رائونتي بجاءُ بند تي ڪجهه ڏينهن پهرين وسو هس ان جي مٿان کڏا هئا ۽ مٽي اوڏامي رهي هوئي ڇو جو 15 سالن تائين بجاءُ بندن پاڻي جو مون نه ڏٺو هو .............. پر سنڌو اسان کي نا اميد نه ڪيو آهي 24 جنوري واري ڏياڙي جي موٽ ڏني آهي دعا آهي ته سنڌو جون موجون ائين رهنديون پر گورنمنٽ کي هاڻ اک کولڻي پوندي ان جا بند سٺي نمانوني مضبوط ڪرڻا پوندا جئين سنڌو پنهنجي موجن کي حدن اندار برڪرار رکي ................
 
جواب: علي اڪبر شر

ادا علي اڪبر ۔۔۔ الله خير ڪندو۔۔ توهان جهڙي دوستن جي اوطاق ۾ ڪمي محسوس ٿئي ٿي۔۔۔
 
جواب: علي اڪبر شر

مهرباني سڀ دوستن جي اميد آهي ته خترو ٽري ويندو پر پاڻي گهٽ ٿيڻ جو نالو به نه ٿو وٺي
 
Back
Top