عمران درويش سومرو
سينيئر رڪن
ادا ڪهڙي ڳاله پيا ڪريو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
ڪجه دوستن اڻ ڏٺي ڳالهه يعني صرف ٻڌايل ڳالهه تي يقين ڪندي سنڌي صدر تي تنقيد ڪئي آهي۔
هر ڪنهن جي پنهنجي مرضي آهي پر هڪڙو عرض هي به آهي ته؛
ان ڳالهه تي تيسيتائين يقين نه ٿيندو جيسيتائين ان جو ڪو واضي ثبوت سامهو نه ايندو۔
برطانيه جون 372 اخبارون آهن جن مان ڪنهن هڪ ۾ به اهڙي قسم جي واقعي جي ڪا
چونچ ئي نه آهي۔ خصوصاً روزاني ٽيليگراف جيڪا پاڪستان جي خلاف خبر جي تاڙ ۾
ايئن رهندي آهي جيئڻ ته بکيو شينهن شڪار جي تاڙ ۾ هوندو آهي۔ جيڪڏهن اهڙي قسم جو ڪو
واقعو پيش اچي ها اڄ جي برٽش ٽيليگراف جي مين پيج تي اها خبر تصوير سان گڏ لڳائين ها۔
باقي انهن پاڻ وارن خانگي چئنلن وارن کي بس پئي خبر کپي، سا هنن کي ايڪسڪليوسِو ملي ويئي۔
ادا هي سنڌين سان ساڙ جي هڪ نئي مهم رٿيل آهي۔۔ ڀلا ڪڏهن ڪنهن ٻي قوم سنڌين
کي اقتدار ۾ ويهندي سَٺو آهي۔۔ مسلسل تنقيد جو نشانو بڻائيندي ان سنڌ سان تعلق رکندڙ شخص
سنڌي توڙي سڄي پاڪستان جي عوام جي نظرن ۾ ڪيرايو پيو وڃي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
ادا اڄ جيڪي سنڌين کي دوستي ياري ۾، سفارش تي يا وري پئسن جي عيوض نوڪريون ملن ٿيون
پنجابين جي حڪومت ۾ شايد اهو به حاصل نه ٿئي۔۔ ادا ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته سنڌ ۽
سنڌين کي هميشه نظر انداز ڪيو ويو آهي، گهڻي عرصي کانپو ڪو سنڌي ماڻهون ارباب ِ اقتدار جي ڪرسي تي ويٺو ته اصل سنڌ ويرين جو اندر ڪوئلي جيان سڙي ويو، ۽ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ان ماڻهون کي حڪومت هلائڻ کان نااهل يا هيٺاهون ڏيکارڻ جون ڪو ششون ڪرڻلڳا ۽ اسان به انهن جي موقف جي حمايت ڪندي ان شخص تي نا مناسب تنقيد ڪري رهيا آهيو، پو ڀلا اسان ۾ ۽ انهن ۾ ڪهڙو فرق رهندو، ڀلا قوميت جي لحاظ کان ئي صحيح ان ماڻهون جي همايت ته ڪيون، پر ڌارين جي ڏَسَ تي مخالفت به نه ڪرڻ گهرجي۔
رهي ڳاله جوتا لڳڻ جي ته اتي موجود ماڻهن جي ڏس مطابق تقريب ۾ اهڙي قسم جي ڪابه ڳاله نه ٿي هئي
واضع رهي ته ان سڄي معا ملي ۾ هڪ دفعو ٻيهر سنڌي ٽوپي تي اسڪرول هلايا ويا ته جوتا سنڌي ٽوپي واري هنيا۔۔
جيڪڏهن ان ماڻهون جي خلاف ڪو قدم کنيو وڃي ها ته انکي مظلوم سڏيو وڃي ها۔
پر جيڪڏهن هو معافي وٺي ها ته سنڌين جي ضابطه اخلاق کي برو ڀلو چيو وڃي ها۔۔