• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هڪ عجيب سنڌ سلامت جي طرفان

جهاندادسمون

سينيئر رڪن
شعبِ معراج مسجدِ اقصّي ۾ حضورصه جو براق سان گڏ هوا ۾ اوڏامڻ لڳو هي پٿر پاڻ سڳورن هن پٿر کي بيهڻ جو حڪم ڏنو پاڻ سڳورن جو حڪم ٻڌي اڄ تائين هي پٿر هڪ جڳه تي ڀيٺل آهي هاڻي اِها ته خدا جي قدرت ته ڏسو
الله سائين دنيا ۾ هڪ مثال رکيو آهي ته جيڪو منهنجو نيڪ بندو آهي هُن جي لاءِ اهڙا ڪيترائي انمول تحفا هوندا
اگر ڪابه لکڻ ۾ غلطي ٿي هجي ته منهنجا خدا مونکي معاف ڪجو۔
wl9h8z.jpg

سدائين گڏ​
 
سبحان الله سبحان الله
ادا ڪجهه شيون يا ماڻهو اهڙا ته هن جھان ۾ آهن جنهن جي ڪري هي دنيا قائم آهي
 
سنڌ سلامت تي ايندڙ يا هلائيندڙ دوستن کي گذارش آهي ته اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ کان اڳ ۾ تحقيق ڪن ۽ پوءِ هن فورم تي پوسٽ ڪن ... هروڀرو پاڻ کي به نه ڏکيارو ڪن ۽ ٻين جي دماغ ۾ به غلط سلظ خبرون نه وجهن ...

هيءَ تصوير هت سعودي عرب جي دمام، رياض جي پاسي جي آهي جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته جن پريت جو سايو آهي، ڪجه ڏينهن اڳ نيٽ تي جاري ٿي هئي ... ... هن تصوير جو تعلق هرگز هرگز ان واقعي سان ناهي جنهن لاءِ ادي سمي صاحب ٻڌايو آهي ...

هڪ ٻي تصويري خبر پڻ هن فورم تي داخل ڪئي وئي هئي ... جنهن ۾ بگٽيءَ جو گهر پهاڙن ۾ ۽ غارن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ... دوستن کي خبر هجڻ کپي ته اهو هڪ وڏو ڳوٺ آهي جو ايران ۾ واقع آهي ... ان گهر جو تعلق پڻ ان ڳوٺ سان آهي نه ڪي بگٽي صاحب سان ...

دوستو صحيح خبر ڏيڻ به هڪ ثواب جو ڪم آهي، انلاءِ هٿ جي هڻانءِ ته پکي ٿي پوين واري روش سڌارڻي پوندي ...

اميد ته دوست دل ۾ نه ڪندا ۽ جي آءُ غلط هجان ته سڌار ڪندا ..

سدائين گڏ
 
ادا جهانداد سر جو سائين آهين پر ادا هاڻي ته ڳاله وڃي سائين نثار تائين پهتي اٿئي hall chari :D اڃا هڪ نثار جي نظر ڪانه پئي اٿس ادا مهرباني ڪري سائين جي ڳاله تي ڌيان ڏيو اوهان اهو ته مثال ٻڌو آهي نه ته ٿورا ڪڻا ٿالهي ۾ ڀلا لڳندا آهن
اوهان رڳو مواد موڪلڻ تي زور نه ڏيو پر ان جي معيار تي به توجه ڏيو ڀلي مواد ٿورو هجي پر معياري هجي ته اسان جا دوست اڃا به خوش ٿيندا مهرباني سائين جهانداد ۽ سائين نثار ابڙا صاحب شل سڀئي جڙيا هجو
 
Back
Top