مست
سينيئر رڪن
جيو ٽي وي جي دعوى مطابق صدر تي جوتي اڇلائڻ جي خبر نشر ٿيڻ بعد سندن نشريات مختلف علائقن ۾ بند ڪئي وئي آهي ۽ جنگ دي نيوز اخبار جا بنڊل ساڙيا ويا آهن ۽ انهيءَ بعد مختلف ڪيبل آپريٽرز کي ۽ اخبار فروش ادارن کي ڌمڪيون ملي رهيون آهن، سندن دعوى مطابق ته اها خبر نشر ٿيڻ بعد لنڊن مان صدر آصف ۽ قمرالزمان ڪائره جي هدايتن تي صبح ساڻ اخباري هاڪرن ۽ اخبار فروشن کان اخبارن جي بنڊلن کي ڦرلٽ ڪرڻ بعد باهه ڏني وئي۔ جڏهن ته مختلف علائقن ۾ جيو نيوز ٽي وي جي نشريات بند ڪرڻ لاءِ ڪيبل آپريٽرز کي ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن۔۔