ڇا هيئن ٿيو آهي۔۔؟

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
جيو ٽي وي جي دعوى مطابق صدر تي جوتي اڇلائڻ جي خبر نشر ٿيڻ بعد سندن نشريات مختلف علائقن ۾ بند ڪئي وئي آهي ۽‌ جنگ دي نيوز اخبار جا بنڊل ساڙيا ويا آهن ۽ انهيءَ بعد مختلف ڪيبل آپريٽرز کي ۽ اخبار فروش ادارن کي ڌمڪيون ملي رهيون آهن، سندن دعوى مطابق ته اها خبر نشر ٿيڻ بعد لنڊن مان صدر آصف ۽ قمرالزمان ڪائره جي هدايتن تي صبح ساڻ اخباري هاڪرن ۽ اخبار فروشن کان اخبارن جي بنڊلن کي ڦرلٽ ڪرڻ بعد باهه ڏني وئي۔ جڏهن ته مختلف علائقن ۾ جيو نيوز ٽي وي جي نشريات بند ڪرڻ لاءِ ڪيبل آپريٽرز کي ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن۔۔​
 
جواب: ڇا هيئن ٿيو آهي۔۔؟

هت سعودي عرب جي اخبارن ۾ پڻ اهڙي قسم جون خبرون آهن، ۽ زرداري صاحب جي خلاف هلندڙ مهم هاڻ بين الاقوامي طور تي اڳتي وڌي رهي آهي ۔۔۔ ڏسجي ته اسانجو هي سنڌي ڀا پاڪستان جي سازشن جو ڪيتري دير تائين مقابلو ڪري، جيئرو جاڳندو بچي وڃي ٿو ۔۔۔

اسانجي دعا آهي ته سنڌ جو هي ٻچڙو ، حال حيات بچي نڪري ۔۔۔ تاريخ گواهه آهي ته سنڌ هميشه پاڪستان کي بچايو آهي ۽ پاڪستان هميشه سنڌ کي لاش ڏنا آهن ۔۔۔ هاڻ ڏسجي ته تاريخ ڪهڙي ٿي گواهي ڏي ۔۔۔۔ !!!
 
جواب: ڇا هيئن ٿيو آهي۔۔؟

جي ادا بلڪل اها حقيقت آهي اخبارن جا بنڊل ساڙيا ويا آهن ء جيو جي نشريات تي پڻ پابندي لڳائي ويئ آهي.
 
Back
Top