• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڄامشورو ۾ سخت طوفاني بارش۔۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
ڄامشورو، حيدرآباد ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ زبردست طوفاني بارش پئي آهي جيڪا آچر جي شام جو لڳاتار 2 ڪلاڪ جاري رهي ۽ هاڻي به وقفي وقفي سان برسات جاري آهي، انهيءَ‌برسات جي ڪري ڀريا وليج، سينڊوز روڊ، ڄامشورو ڪالوني، واپڊا ڪالوني، غريب آباد ڪالونيءَ ۾ 2 کان 4 فٽن تائين پاڻي بيهجي ويو آهي ۽ زير تعمير ايل بي او ڊي جي سم نالي جو پاڻي ۽ برسات جو پاڻي ڄامشورو ۽ حيدرآباد جي وچ واري روڊ تي اچي ويو آهي۔۔
ان کان علاوه سينڊوز جي ڀرسان وهندڙ نئين پڻ پوري جوڀن تي اچي وهي پئي، جنهن سبب ڄامشورو کان پيٽارو لنڪ روڊ جي ٽريفڪ معطل ٿي وئي آهي، ايل ايم سي ڪالوني ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ‌جي جابلو علائقن ۾ ڪيتريون ئي نيون زور شور سان وهڻ شروع ٿي ويون آهن جنهن جي ڪري ريلوي اسٽيشن سان سهاڙيل انڊس هاءِ وي ۽ ان جي ڀرپاسي واري گرائونڊ تي پاڻي جمع ٿي ويو آهي ۽ اتي گاڏين کي اچ وڃ ۾ تمام گهڻي مشڪل پيش اچي رهي آهي، ياد رهي ته اهو پاڻي پهرين انڊس هاءِ وي جي هيٺان ڊرينيج مان ٿيندو، ڀريا وليج جي اندر قائم ڊرينيج سسٽم جي ذريعي سڌو وڃي ڪي بي فيڊر ۾ ڇوڙ ٿيندو هو، پر ڪيترن ئي سالن کان جوڳو مينهن نه پوڻ جي ڪري ڄامشورو ڦاٽڪ جي اندر غلط منصوبابنديءَ جي ذريعي تعميرات سبب نئين جي رستا روڪ ٿي وئي آهي ۽ جنهن سبب اتي پاڻي جمع ٿيڻ معمول بڻجي ويو آهي ۽ گذريل ڪيترن ڏينهن کان جاري برسات ان سلسلي کي واضح ڪري ڇڏيو آهي۔۔
 
جواب: ڄامشورو ۾ سخت طوفاني بارش۔۔۔

ڏسجي ته الله جي رحمت ڪيتري دير تائين ٿي هلي؟ ۔۔۔۔ آهي ته رحمت پر انساني عملن سبب زحمت ٿيو پوي ۔۔۔ غلط منصوبابندي ۔۔۔ بي ايماني ۽ ڪوڙ سبب رحمتون به زحمتون ٿيو پون ۔۔۔

واڳ ڌڻيءَ وس آءُ ڪا پاڻ وهيڻي ۔۔۔ جڏهن به ڪا رحمت، زحمت ٿي پوندي آهي ته آءُ رب جي طرف ڏسندو آهيان ۽ انسان جي خصيص ۽ ڪم تر هجڻ تي حيران ٿيندو آهيان، اهو انسان جيڪو ڪڏهن ڪڏهن پاڻکي رب جي ذات سان وڃي ملائيندو آهي ۔۔۔ پر جڏهن مک سندس کاڌي جو ڪجهه حصو کڻي ڀڄي ويندي آهي ته هو انکان پنهنجو کاڌو به واپس وٺي سگهڻ جي قابل ناهي هوندو ۔۔۔ پوءِ به اهو ساڳيو انسان ڪڏهن ڪڏهن خدائيءَ جي دعوا ڪري وجهندو آهي ۔۔۔

اي منهنجا رب اسين ڪجهه به ناهيون، اسين ته صرف تنهنجي خلق ڪيل، گندي پاڻيءَ جي هڪ ڦڙي جي پئداوار آهيون ۔۔۔ بس تون رحم ڪر ۽ اسانجي گناهن تي پردو رک ۽ اسانجي جان ۽ مال جي حفاظت ڪر ۔۔۔ آمين

ستر ڪج ستار، آءُ اگهاڙي آهيان ۔۔۔۔ آمين
 
جواب: ڄامشورو ۾ سخت طوفاني بارش۔۔۔

هتي نوابشاهه ۾ پڻ ڪالهه تيز بارش پئي، جيڪا مسلسل ٻن ڪلاڪن تائين هلندي رهي، جنهن سبب ڪيترائي وڻ ۽ جايون ڪري پيون.
 
جواب: ڄامشورو ۾ سخت طوفاني بارش۔۔۔

ڄامشورو، حيدرآباد ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ زبردست طوفاني بارش پئي آهي جيڪا آچر جي شام جو لڳاتار 2 ڪلاڪ جاري رهي ۽ هاڻي به وقفي وقفي سان برسات جاري آهي، انهيءَ‌برسات جي ڪري ڀريا وليج، سينڊوز روڊ، ڄامشورو ڪالوني، واپڊا ڪالوني، غريب آباد ڪالونيءَ ۾ 2 کان 4 فٽن تائين پاڻي بيهجي ويو آهي ۽ زير تعمير ايل بي او ڊي جي سم نالي جو پاڻي ۽ برسات جو پاڻي ڄامشورو ۽ حيدرآباد جي وچ واري روڊ تي اچي ويو آهي۔۔
ان کان علاوه سينڊوز جي ڀرسان وهندڙ نئين پڻ پوري جوڀن تي اچي وهي پئي، جنهن سبب ڄامشورو کان پيٽارو لنڪ روڊ جي ٽريفڪ معطل ٿي وئي آهي، ايل ايم سي ڪالوني ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ‌جي جابلو علائقن ۾ ڪيتريون ئي نيون زور شور سان وهڻ شروع ٿي ويون آهن جنهن جي ڪري ريلوي اسٽيشن سان سهاڙيل انڊس هاءِ وي ۽ ان جي ڀرپاسي واري گرائونڊ تي پاڻي جمع ٿي ويو آهي ۽ اتي گاڏين کي اچ وڃ ۾ تمام گهڻي مشڪل پيش اچي رهي آهي، ياد رهي ته اهو پاڻي پهرين انڊس هاءِ وي جي هيٺان ڊرينيج مان ٿيندو، ڀريا وليج جي اندر قائم ڊرينيج سسٽم جي ذريعي سڌو وڃي ڪي بي فيڊر ۾ ڇوڙ ٿيندو هو، پر ڪيترن ئي سالن کان جوڳو مينهن نه پوڻ جي ڪري ڄامشورو ڦاٽڪ جي اندر غلط منصوبابنديءَ جي ذريعي تعميرات سبب نئين جي رستا روڪ ٿي وئي آهي ۽ جنهن سبب اتي پاڻي جمع ٿيڻ معمول بڻجي ويو آهي ۽ گذريل ڪيترن ڏينهن کان جاري برسات ان سلسلي کي واضح ڪري ڇڏيو آهي۔۔


منهنجي خيال ۾ آر بي او ڊي آهي. ايل بي او ڊي تي اڃان شروع ناهي ٿيو...
 
Back
Top