• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪراچي ۾ هلندڙ ٽارگيٽ ڪلنگ کان پوءِ‌معمول مطابق گرفتاريون۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
دوستو جيئن ته ڪراچي ۾‌ ڪيتري ئي وقت کان هلندڙ‌ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ شدت تڏهن اچي وئي جڏهن هڪ لساني تنظيم جي ايم پي اي کي ڪراچي ۾ قتل ڪيو ويو، انهيءَ‌ هڪ قتل جي نتيجي ۾ ڪراچي ۾ 100 کان مٿي مختلف ماڻهو انتقامي طور تي ٽارگيٽ ڪلنگ جي راند جو کاڄ بڻجي ويا، جن مان ڪيترائي مختلف تنظيمن سان لاڳاپيل هئا ۽ ڪيترائي بي گناهه راهه ويندڙ ماڻهو هئا۔۔۔
ان ٽارگيٽ ڪلنگ کي روڪڻ لاءِ حڪومت ڪي جوڳا اُپاءُ نه کنيا بلڪه متضاد اعلان ڪندي رهي، ڪڏهن اهو اعلان ته اسان فوج کي شوٽ اِن سائيٽ جو آرڊر ڏنو آهي، ڪڏهن وري ان جي ترديد ڪئي وئي، ڪڏهن دهشتگردن جي مرڪز تي وڃي مذاڪرات ڪيا ويا۔۔ بهرحال نتيجو ڪجهه به نڪتو هجي، پر ان سلسلي کي ختم ٿيندو ڏيکارڻ لاءِ ڪراچيءَ‌جي مختلف علائقن مان گرفتاريون ڪيون ويون، جن ۾ ڪيترائي بلوچ ۽ سنڌي هئا، جڏهن ته جن ٻن تنظيمن جي وچ ۾ جهيڙو هلندڙ هو، انهن جو هڪ به ماڻهو گرفتار نه ڪيو ويو۔۔۔
وڌيڪ جي لاءِ‌ڪجهه هيٺ ڏنل تصويرون ڏسو۔۔۔۔

2hn10te.jpg


wr0vb8.jpg
 
جواب: ڪراچي ۾ هلندڙ ٽارگيٽ ڪلنگ کان پوءِ‌معمول مطابق گرفتاريون۔۔

nzk8ew.jpg



2ew2ot0.jpg


تصويرن جو سورس: بي بي سي اردو۔۔
 
Back
Top