”بڊو جبل“ سنڌ جي تمام ٿڌي هِل اسٽيشن (نواز ڪنڀر)

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏9 آگسٽ 2010۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ”بڊو جبل“ سنڌ جي تمام ٿڌي هِل اسٽيشن

    (نواز ڪنڀر)

    سنڌ جي هِل اسٽيشن يا جابلو ٿڌين چوٽين ۾ مشهور ته گورک وڌيڪ آهي، پر گرمين ۾ ٿڌ جي حساب سان بڊو جبل وڌيڪ مارڪون کڻي گورک کي ماريو بيٺو آهي. گورک جي ورن وڪڙن وارن رستن ۽ چڙهائين جي مقابلي ۾ بڊي جبل جو رستو ۽ چڙهائي گهڻي ڀاڱي سڌي آهي. عام طور تي بڊي جي اوچائي ٽي ساڍا ٽي هزار فوٽ چئي وڃي ٿي، پر سنڌ جي نالي واري سيلاني اشتياق انصاري جي بقول ته، اوچائي پنجويهه اٺاويهه سئو فوٽ کن ٿيندي، جڏهن ته سنڌ ۾ سڀ کان مٿانهين جاءِ ڪُتي جي قبر 7200 فوٽ، گورک 5600/6000 فوٽ، ڏاڙهيارو 6500 فوٽ، ڏمريو 5500 فوٽ، هراڙ 2500/3000 فوٽ، ڪچرڪ 3500/3000 فوٽ، ڪوئيٽا 5000 فوٽ، زيارت 6500 فوٽ، ۽ ڪوهه مري 7500 فوٽ اوچائي تي آهن. تعلقي سيوهڻ کان سٺ ڪلوميٽر کن جي مفاصلي تي يوسي جهانگارا، ضلعي ڄامشوري ۾ واقع هن جبل جي اتر ۾ ڀت جبل، گاجي شاهه، ڪائي، اولهه ۾ کير ٿر جبل، ٽڪو بارڻ جبل، ڌورجي، نئنگ شريف. ڏکڻ ۾ ڪرچات جبل، ٿاڻو بولا خان، نيشنل پارڪ، ڏرانگ جبل، اوڀر ۾ ڏَل جبل، ٽيئو، ڪنڌي کان سيوهڻ - حيدرآباد روڊ، چورئي واري نئن، ڀڳو ٺوڙهو جبل، پوءِ سنڌو درياهه وغيره اچي وڃن ٿا.
    اسان جي 30 ڄڻن جي قافلي بڊي جو رخ ڪيو. هڪ غير سرڪاري تنظيم جي دوستن رهائش، کاڌ خوراڪ، مچ ڪچهري ۽ راڳ رنگ جو به انتظام ڪيو. ڪوسٽر ۾ بڊي ڏانهن ويندي خيال آيو ته مزاحيه شاعر نسيم بلوچ، جيڪو به اسان سان گڏ قافلي ۾ شريڪ هو ۽ جنهن جو مزاحيه شاعري جو ڪتاب ”مرڪ مهانگي نه ٿئي“ به پهرين اپريل تي مارڪيٽ ۾ اچي چڪو هو، ڇو نه موقعي جو فائدو وٺي، ڪتاب جو مهورت بڊي تي ڪرائجي. مٿان وري هڪ دوست جو ميسيج آيو ته سڀاڻي 22 اپريل ارٿ ڊي آهي، سو اسان اڄ ارٿ نائيٽ بڊي تي ملهائينداسين. خيال زبردست هو، ارٿ نائيٽ سا وري جبل جي چوٽي تي!! اسان کي رات بڊي تي چڙهڻ کان اڳ ئي پئجي چڪي هئي. باجارا کان ٿيندا اسان بڊي ڏانهن وڌياسين. ڪنهن دوست ٻڌايو ته سنڌ جي اڳوڻي وزير اعليٰ عبدالله شاهه جو اصل ڳوٺ اهو آهي. ذڪر عبدالله شاهه ۽ باجارا جو نڪتو ته اها ڳالهه به بحث هيٺ آئي ته مير مرتضيٰ ڀٽو جي شهادت جي خبر به شاهه صاحب کي سندس وزارت اعليٰ دوران هتي ئي ملي هئي ۽ پاڻ ان ئي وقت بغير ڪنهن کي ڪجهه چوڻ ۽ ٻڌائڻ جي، تمام تيز ڊرائيو ڪندا ٻن ٽن همراهن سان گڏ ڪراچي پهتا هئا. وزير اعليٰ جي بغير پروٽوڪول جي نڪرڻ تي ٻي انتظاميا ٿرٿلي ۾ هئي. اسان ڪائي، جيڪو نوحاڻي سردار احمد خان جو ڳوٺ آهي، کان ٿيندي بڊي تي چڙهڻ شروع ڪيو. رستي ۾ هڪ سماجي تنظيم جا دوست رسيوِ ڪري، ڊرايئور کي هدايتون ڏئي گائيڊ طور اڳيان هلڻ لڳا. منزل تي پهچي اڳواٽ وڇايل بسترن ۽ گلمن تي ويهندي ڳالهه نسيم بلوچ جي ڪتاب جي مهورت جي نڪري ٿي. قافلي ۾ شامل عباس کوسو چوي ٿو ته مهورت لاءِ هڪ ڪتاب اسان وٽ به آهي. پهرين نسيم جي ڪتاب جي مهورت لاءِ فوٽو سيشن ٿئي ٿو ۽ پوءِ عباس جي شاعري جي مجموعي، ”ٿر تي ٿڌو چنڊ“ لاءِ نسيم تي ڳالهائڻ جو سلسلو ۽ سندس مزاحيه شاعري ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ جو سلسلو هلي پوي ٿو، جنهن تي دوست کلي کلي کيرا ٿي پون ٿا. ان بعد سائين عباس جي ڪتاب ۽ شخصيت تي ڳالهايو وڃي ٿو. ماني ۽ بعد ۾ مچ ۽ راڳ جو بندوبست ٿيل هجي ٿو، سڄي ڏينهن جي ٿڪل دوستن لاءِ راڳ ٽانڪ جو ڪم ڏئي ٿو.
    صبح جو اٿڻ بعد مان پوڙهن جي تلاش ۾ هيڏانهن هوڏانهن نهاريان ٿو، جلد ئي هڪڙي جهوني کي پاسي تي وٺي وڃي ڪچهري شروع ڪريان ٿو. ٻين سان به ڪچهري ٿئي ٿي.
    ورتل ڄاڻ مطابق بڊو اصل ۾ ٿڌ لاءِ استعمال ٿيندڙ ڪنهن عربي لفظ جي بگڙيل شڪل آهي، پوءِ اهو لفظ ڦرندي ڦرندي ٻروچڪي ۾ بڊو ٿي ويو. همراهن کان پڇان ٿو هتي پهرين توهان هئا يا عرب آيا؟ هو چون ٿا اسان پهرين هئاسين، ته پوءِ عربن هن جڳهه جو نالو ڪيئن رکيو؟ جڏهن اڳ ۾ ٻيا ماڻهو هتي هئا ته انهن جڳهه جو ڪو نه ڪو ته نالو رکيو/سڏايو هوندو؟ انهيءَ سوال جو همراهن وٽ ڪو به جواب نه هو. هتي اڪ، ٻٻر، کنئور، ڪرڙ، نم، ٻير، ديوي، انجير، ڪهو، ڄانڱري، ٻير، کلڙو، رهيڙو، ڳانڱي، موڻو، ليوڙي جا وڻ، پوئي لمب، ڳنڍير، پنير، ٻوهه، هرمرو/هرمل، شاهر، شمبور، گهوڙي ول، کوهه دل، ڪانڊيرا، جونکار، گگر، سر، کپ جا ٽي قسم، شيش، لير، کيرائو، زامر، گولاڙا، آمندو، کاکار جهڙا گاهه ٻوٽا، اڇڙو تتر، ڳيرو، ٻاٽيٻر، ٻٽيرو، ڳيريون، هيڙا، ڀورا، جهرڪيون، تلور، ڪٽينگو، سيسي، باز، (ڳيرو سياري ۾ هتي نٿو رهي) جهڙا پکي، جڏهن ته گدڙ، بگهڙ، لومڙ، چراخ، سيهڙ، نور، ڳوهه، نئين پراڻي ماکي، نانگ بلائن ۾ لنڊي، گر، سيف/سيگهي، بزمار، سنگ چور، ڪارو نانگ، کڻ، ڏينڀو، ٻن قسمن جا وڇون وغيره ملن ٿا. هتي هڪ اهڙي به مک آهي، جيڪا وات ۾ هلي وڃي ته بخار ۽ کنگهه ٿيو پوي. ان جي کائڻ سان اک سڄي پوي ٿي. ٻين علائقن وانگر هتي جا ماڻهو به مقامي جڙين ٻوٽين مان علاج ڪن ٿا، جن ۾ جونکار گرمي ۽ پيشاب ۾ ساڙي لاءِ، شاهر جي پاڙ ڏڪڻي ۽ واري جي بخار لاءِ، کرهه ول وائي سور لاءِ، پنير دست ٿين يا پيٽ نه کلي ته ان لاءِ ۽ ٿڌ لاءِ، ڪانڊيري ملي لاءِ، انجنيئر ليس لاءِ، ڪهو چانهه جي پتي جي جاءِ تي ڪم ايندو هو. بخار ۾ ٻڪري جي کل به چاڙهبي هئي. پيٽ سور يا ڇڪي لاءِ دکي هڻبي هئي، رڳن ۾ سور لاءِ سنڱي به هڻبي هئي.
    هتي جي ماڻهن جي گذر سفر جو ذريعو ٻڪريون، رڍون، اٺ آهن، جن جو گذارو وري برسات جي پاڻي تي آهي. هتي جي لوڪ ڏاهپ جي ماهرن وٽ برسات ۽ ٻين موسمن جون پنهنجون نشانيون ۽ نکٽ آهن. ان مطابق ڪنڊيون سنڱر جهلينديون ته چاليهو شروع ٿيندو، سنڱر ڇڻندا ته چاليهو ختم. لڪ لڳندي ته به خبر پوندي ته چاليهو شروع ٿيو آهي. آرهڙ جو چاليهو ختم ٿيندو ته هوا بدلبي، وڻ ٽڻ ڦٽندا، ساوا ٿيندا، سانوڻي ايندي، فصل ٿيندا، جن ۾ گوار وغيره شامل آهن، چيٽ ۾ ڪڻڪ به ٿئي.
    اوڀر ۽ ڏکڻ جي ڪنڊ واري هوا، جنهن کي پورب چئبو آهي، اها لڳي ته برسات جو ڪو به امڪان ڪونهي. انهيءَ ڪنڊ کي ڍڳي کل به چوندا آهن، اتان کنوڻ ٿيڻ تي ڍڳو خوشي مان ”کلندو“ آهي ته برسات ڪو نه ٿيندي، ان ڪري هر ۽ ٻئي ڪم کان بچي ويس. اولهه اتر جي ڪنڊ، جنهن کي گاج به چون، اتان کنوڻ ٿي ته معنيٰ ان سال برسات ايندي، پر جي گاج مان کنوڻ ٿئي ۽ ڏکڻ لڳي ته معنيٰ برسات جام آهي. هڪڙي هوا آهستي آهستي لڳندي آهي، رڳو ڪنن ۾ محسوس ڪبي آهي، جنهن کي کلاندو سڏين. اها لڳي ته به سمجهبو ته برسات آهي. سانوڻي ۾ اتر لڳڻ جو مطلب به برسات اچڻ آهي، اتر ۽ اوڀر جي ڪنڊ مان کنوڻ اٿي ته معنيٰ برسات آئي بيٺي آهي، پنج منٽ به وڏا آهن.
    ٻين علائقن وانگر هتي جي ماڻهن وٽ به پنهنجا وهم وسوسا لوڪ ڏاهپ جا اهڃاڻ آهن، ان مطابق تتر ٻولي ته معنيٰ مينهن جي مبارڪ ٿو ڏئي. ڪوئل جو اچڻ به برسات جي مند جي اچڻ جو اهڃاڻ. وڏي اڏوهي نظر آئي ته معنيٰ ان ڏينهن يا ٻئي ڏينهن برسات لازمي ايندي.
    جهونن کان ورتل حال احوال مطابق، اڳي هتي سک رهندا هئا، ٻروچن جو ڏاڏو سهتو فقير ست سئو سال کن اڳ ۾ حلب /سوريا عرب مان هتي آيو هو، جنهن جي قبر ڪائي ۾ آهي. هتي وارن سڀني ٻروچن جو قبرستان به ڪائي وارو ئي هو پر ٻه ٽي صديون اڳ ۾ موندر نالي همراهه حيدرآباد ۾ گذاري ويو. بيماري دوران حالت خراب هيس، کيس وڌيڪ دير رکڻ يا ڪائي تائين پهچائڻ جي صورت ۾ لاش خراب ٿي ٿيو. سو سڀني فيصلو ڪيو ۽ هڪ ٻئي کان حلف به ورتو ته موندر کي فتح علي پير ۾ ٿا دفن ڪريون، پر کيس اڪيلو ڪو نه ڇڏبو ۽ آئنده ٻيا مردا به اتي دفن ڪبا، جنهن تي اڄ به عمل ٿئي ٿو.
    بڊو جبل ڄڻ ته سنڌ ۽ بلوچستان جي دنگ تي ۽ هنگلاج ويندڙن جي رستي ۾ آهي. هنگلاج ويندڙ بڊي کان ڀت جبل ۽ اتان چونگڻ جي چوٽي اڪري پوءِ بلوچستان ۾ داخل ٿين ٿا. سندن رستي ۾ اها سڀ کان ڏکي چوٽي ليکي وڃي ٿي. ڀت جبل تي گئس ۽ تيل مليو آهي، پر ان سان مقامي علائقي ۽ آبادي کي ڪوبه فائدو ناهي. بڊي تي هن وقت تيل ۽ گئس ڪڍندڙ ٻه ڪمپنيون ڪم ڪري رهيون آهن، جن جا هتي ڪيترائي تيل ۽ گئس جا کوهه آهن. هتان ڀورو اڇو سنگ مرمر ٻه سال کان ڪڍيو پيو وڃي، جيڪو تقريبن 46 چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي. ان جو مقامي ماڻهن کي ڪيترو فائدو ٿو پهچي، اهو سڀ هڪ مٿاڇري نگاهه سان به پروڙي ٿو سگهجي.
    بڊي تي سردي جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن هيٺ گرمي پنجاهه ڊگري تي هوندي آهي ته مٿي سوڙ پائي سمهبو آهي. اسان اپريل جي آخري هفتي ۾ جڏهن هيٺ ٺيڪ ٺاڪ گرمي هئي، تڏهن مٿي سوڙ ۽ ڪمبل پائي ستاسين. پر سوڙ ۾ گذارو ان ڪري ٿي ويو جو ان وقت هوا نه پئي لڳي، جي هوا بند نه هجي ته سوڙ ۾ ڏند ٺڙڪن ها. سردين ۾ گرمي درجو ٻڙي کان به هيٺ هجي ٿو.
    بڊي تي وڻ تمام گهٽ پر گاهه ٻوٽا ڪجهه سرس آهن. اسان سان قافلي ۾ گڏ آيل جيالاجي جو ماهر نوجوان دوست سعيد يوسفزئي ٻڌائي ٿو ته اڃا تائين هتي جو ماحول ۽ گاهه ٻوٽا ڪافي حد تائين محدود آهن، پر وڌندڙ آمد رفت جي ڪري انهن لاءِ خطرو پيدا ٿي چڪو آهي. گئس ۽ تيل جي مقامي ترقي لاءِ ملندڙ پنج سيڪڙو رائلٽي مان هتي هڪ فلاحي پروگرام جا دوست روڊ تي تقريبن ڪلوميٽر جي فاصلي تي رکيل پاڻي جا ڊرم ڀري وڃن ٿا. جن مان ماڻهو ۽ مال پاڻي پيئي ٿو. جيڪڏهن انهن ڊرمن ڀرسان ٻه چار ٻوٽا به لڳايا وڃن ته اهو ماڻهن ۽ ماحول لاءِ ڪافي بهتر ٿي سگهي ٿو.
    بڊي تي سيد عبدالله شاهه ڪافي ترقياتي ڪم شروع ڪرايا، ڪيتريون اسڪيمون شروع ٿيون، جن مان ڪيتريون ته اڌ ۾ رلي ويون. عبدالله شاهه کي انهيءَ علائقي جي ترقي سان دلي لڳاءُ هو، هو ڪڏهن ڪڏهن ڪمن ڪارين تي دٻاءُ بعد ڪجهه گهڙيون سڪون جون گهارڻ لاءِ ماٺ ميٺ ۾ هتي اڪيلو اچي رهندو هو ۽ ننڊ پوري ڪندو هو، پر سندس وڃڻ بعد پونئيرن بڊي جبل کي وساري ڇڏيو آهي.
    هتي زلزلا گهٽ ئي ايندا آهن. نواز شريف دور ۾ آيل اڪيلو زلزلو هتي جي ماڻهن کي ياد هو. هو ته هتي گهٽ برسات پوڻ جي به ڳالهه ڪن ٿا (ٻه سئو ملي ميٽر ساليانه) ۽ زير زمين پاڻي اونهي هجڻ جا سور به سلين ٿا. بڊي تان هيٺ لهندي جبل وچ ۾ آيل ڦاٽن ۽ مٿان کان پاڻي جي وهڪرن جي نشانن کي ڏسي اندازو ڪيان ٿو ته شايد هي ڪنهن وقت ڪي وڏا زلزلا به آيل هجن ۽ تيز برساتون به پونديون هجن. هيٺيائين ڏانهن سفر ڪندي ۽ ڪٿي ڪٿي، ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو ۽ مال ڏسندي دل ئي دل ۾ هتي رهندڙ شاهاڻين، گبولن، نوحاڻين، برفتن، چانڊين، لغارين، ڇٽن، گائيچن ۽ سهتاڻين کي ”چڱو! الله واهي“ چوندي ڪائي ڏانهن مڙون ٿا، پر رستو ڀلجي وڃڻ ڪري اتي جي ساوڪ گاهه ٻوٽن وڻن ٽڻن ۽ وهندڙ چشمي کي ڏسي اکيون ٺاري جيئن ئي واپس ٿا مڙون ته هڪ ڏهن ٻارنهن ٻچن سان گڏ تتري تي نظر ٿي پئي. تتري تي نظر پوندي ئي گاڏي کي بريڪ ٿي لڳي وڃي ٻه ڄڻا ايڏو ته تيزي سان ٻچن ڏانهن ڊوڙ ٿا ۽ اسان جون رڙيون ۽ هڪلون به مٿن ڪو اثر نٿيون ڪن. ائين ٿو لڳي ڄڻ ڪيترائي ٻچا انهن جي پيرن هيٺان اچي ويندا. تتري به ڀڄندڙ ماڻهن سان وڙهڻ جي ٿي ڪري، ٻچا هيڏانهن هوڏانهن ٽڙي پکڙي ٿا وڃن پر هڪ بدقسمت سندن پيرن هيٺان اچي ٿو وڃي. سڄو ماحول ڄڻ ته سوڳوار ٿي ٿو وڃي.
    ڪائي جيڪو ڪنهن وقت ماڻهو اغوا ڪري رکڻ ۽ ڀنگ وٺڻ جو مشهور مرڪز هو ۽ پوءِ نواز شريف دور ۾ آپريشن جي زد ۾ آيو هو، سو ڄڻ هڪ ڀيرو ٻيهر ڌاڙيلن جي زد ۾ هو، انسانن لاءِ نه سهي پکين لاءِ ئي سهي، ائين رات جو خوشي خوشي ويندڙ قافلي جي واپسي ڏاڍي ڏکايل دلين ۽ اداسي واري ماحول ۾ ٿئي ٿي. بڊي ويندڙ دوستن کي هڪ گذارش ضرور ڪندس ته جڏهن به ايڏانهن وڃن، مختلف وڻن ۽ گاهه ٻوٽن جا ٻج کڻي وڃن ۽ رستي تي ڇٽيندا وڃن ۽ ٻاجهري ۽ ڪڻڪ وغيره به کڻي اتي ڇٽين جنهن سان ٻيو ڪجهه نه ته به پکي پکڻ لاءِ وڻ ۽ داڻو پاڻي ٿي پوندا، اهي پکي پکڻ ۽ جانور جيڪي مقامي ماڻهن جي بقول رڳو سانوڻي جي ڏينهن ۾ ئي نظر اچن ٿا. ڏڪر جي ڏينهن ۾ بک، واڪا ڪرڻ مهل پنهنجا پڊ ۽ آکيرا ڇڏي مجبورن اڏامي وڃن ٿا.

    2009 May 8 Daily Kawish
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ”بڊو جبل“ سنڌ جي تمام ٿڌي هِل اسٽيشن (نواز ڪنڀر)

    بڊي جبل جون ڪي تصويرون هجن ها ته اڃان به وڌيڪ مزو اچي ها ۔۔۔ آ سمجهانٿو ته اسانجي دوست ممتاز وگهيي ڪجهه ڏينهن اڳ ڪجهه اهڙيون تصويرون ۽ وڊيوز پڻ ونڊ ڪيون هيون ۔۔۔
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ”بڊو جبل“ سنڌ جي تمام ٿڌي هِل اسٽيشن (نواز ڪنڀر)

    ادا بڊي جبل جي باري تمام سٺيون ڳالهيون ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي مهرباني سائين.
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ”بڊو جبل“ سنڌ جي تمام ٿڌي هِل اسٽيشن (نواز ڪنڀر)

    باقي ته سنڌ سڄي سون آهي ۔۔۔ جيڪي ڪم جون شيون ۽ سٺي حالت ۾ آهن سي ته ڌارين جي هٿ ۾ آهن ۽ جن شين کي ٺاهڻو آهي يا انهن کي ترقي وٺرائڻ جي ضرورت آهي سي الله جي آسري تي آهن ۔۔۔

    دوستو! هڪ ڳالهه اسانکي سمجهڻ گهرجي ته سنڌ آزاد ملڪ ناهي “۔۔ بيٺڪيت آهي ۔۔۔ جنهن ۾ ڪڏهن به اهڙو ڪم نه ٿيندو جنهن سان سنڌ کي فائدو ٿئي، انڪري روئڻ حرام آهي، يا ته اسانکي صبر ڪرڻو پوندو يا وري سنڌ کي آزاد ۽ خودمختيار ڪرائي هڪ مضبوط نظام آڻڻو پوندو تڏهن وڃي سنڌ جا ماڳ مڪان محفوظ ٿيندا ۽ سنڌ خوشحال ۽ ترقي يافته ملڪن ۾ شمار ٿيندي ۔۔۔

    ٻي صورت ۾ ڍڳي جو ملهه هزار ڍڳو هر نه هلي ۔۔۔ ڍڳو پير پيران ۔۔۔ شاوا ۔۔۔۔
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ”بڊو جبل“ سنڌ جي تمام ٿڌي هِل اسٽيشن (نواز ڪنڀر)

    ادا وساڻ صاحب۔۔۔ نواز ڪنڀر جو اهو بهترين ليک پڙهي مزو اچي ويو۔۔ سچ پچ سنڌ ۾ ايترا ڪيترائي مقام آهن۔۔۔ خاص ڪري ڄامشورو جو جابلو سلسلو قدرتي وسيلن سان مالامال آهي
    ادا ممتاز وگهيو بڊو جبل هڪ رپورٽ نالي سان هڪ موضوع ۾ هڪ وڊيو ۽ ڪجهه تصويرون ساڳئي ئي عنوان هيٺ موڪلي چڪو آهي۔۔۔
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ”بڊو جبل“ سنڌ جي تمام ٿڌي هِل اسٽيشن (نواز ڪنڀر)

    دوستو قرب

    ها ادا مست مان اهي وڊيوز ڏٺيون آهن۔ ڪافي معلوماتي آهن۔ انهن کي ڌسي ئي مون هي پراڻو ليک جيڪو 2008 جو آهي دوستن سان ونڊ ڪيو آهي۔

    دعائن ۾ ياد
     
  7. سلمان ڪلمتي

    سلمان ڪلمتي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 جولائي 2010
    تحريرون:
    158
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ”بڊو جبل“ سنڌ جي تمام ٿڌي هِل اسٽيشن (نواز ڪنڀر)

    تمام بهترين معلوماتي ونڊ آهي۔
     
  8. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ”بڊو جبل“ سنڌ جي تمام ٿڌي هِل اسٽيشن (نواز ڪنڀر)

    ادا نواز ڪنڀر جو مطلب ڇا آهي ؟
     
  9. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ”بڊو جبل“ سنڌ جي تمام ٿڌي هِل اسٽيشن (نواز ڪنڀر)

    ادا رياض ! اوهانجو سوال سمجهه ۾ نه آيو ۔۔۔ نواز ڪنڀر هڪ شخص جو نالو ۽ ذات آهي ۔۔۔ نواز ليکڪ جو نالو آهي ، ۽ ڪنڀر سندس ذات آهي ۔۔۔ باقي اوهان جنهن خيال سان اهو سوال ڪيو آهي اهو واضح ٿيئ تي خبر پوي ۔۔۔
     
  10. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ”بڊو جبل“ سنڌ جي تمام ٿڌي هِل اسٽيشن (نواز ڪنڀر)

    جي ادا مان ب توهان کان اهو ئ پيو پڇڻ چاهيان توهان بريڪيٽ ۾ لکيو هيو ن ت ان ڪري مان کي سمجه ۾ ن آيو مهرباني توهان جي ادا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو