• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

غريب جو گهر

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
ڏسو اسان جي حالت۔۔۔۔۔۔اسان جي ٻارن کي پڙهڻ لا اسڪول به ڪونهي ڪو ۽ اسان جا ايم پي اي ايم اين پنهنجي گاڏي تان پير به ڪون ٿا لاهين۔۔۔۔
اسان سان ايڏو دشمني ڇو۔۔۔۔۔؟
اسان جو ڪهڙو ڏوھ آهي ها اسان جو ڏوھ اهو آهي ته اسان سنڌي آهيون۔

Uploaded with ImageShack.us
غريبن جو حال۔

غريبن جو گهر۔

Uploaded with ImageShack.us
اسان جو اسڪول

اسان جو حال اسان کي دوا وٺڻ لاء پيسا ڪير ڏيندو....؟

Uploaded with ImageShack.us

جواب: غريب جو گهر

ادا توهان جي وڌيڪ ونڊ‌ جو انتظار آهي۔۔
 
جواب: غريب جو گهر

اسان جا جانور جن ڪڏهن پيٽ ڀري به گاھ نه کاڌو آهي۔

Uploaded with ImageShack.us

هزارين رنگ بدلائي ڏٺاسون،
پراون جا به ڳڻ ڳائي ڏٺاسون،
فقط پنهنجي دران ٿيو حل مشڪل،
ٻيا در ڪيئي کڙڪائي ڏٺاسون.
 
جواب: غريب جو گهر

شهرن کي ڇڏي باقي سڀني ڳوٺن جي اها ساڳي حالت آهي، ائين کڻي چئجي ته آسودي سنڌ جا غريب سنڌي 75 سيڪڙو ان حالت ۾ گذارين ٿا ۔۔۔ جڏهن سنڌ مان تيل ٿو نڪري، سنڌ مان گئس ٿو نڪري، سنڌ ۾ معدني ذخائر ايترا جو کٽن ئي ڪونه، سنڌ ۾ زراعت به جام ٿئي، سنڌ ۾ مال ڍڳا به عام جام، سنڌ ۾ ڍنڍون ڍورا به اڻ کٽ، سنڌ ۾ مڇي به گهڻي ٿئي سنڌ جو وڏو سمنڊ موجود آهي، سنڌ مان درياه ٿو وهي، سنڌ ۾ ڪاڇو ب۔ ڪچو به، وارياسو به ۔۔۔ مطلب ته دنيا جي اهڙي ڪهڙي نعمت آهي جا سنڌ ۾ ناهي پر پو به سنڌين جي اهڙي حالت ڇو آهي ۔۔۔۔؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟

آهي ڪنهن وٽ جواب ۔۔۔۔؟؟؟؟
 
مان جيستائين سمجهان ٿو ته پاڻ وٽ سچي ليڊرشپ ناهي۔۔۔۔۔۔ ان ڪري ئي اهو ٿئي پيو۔۔
 
جواب: غريب جو گهر

هن ملڪ ۾ غريب ويتر غريب ٿيندو ٿو وڃي اميرن ويتر امير۔ اهو به قانون آهي۔۔۔؟
 
جواب: غريب جو گهر

ڪڏهن ڪڏهن دل مان اهو نارو تڏهن ئي نڪرندو آهي جڏهن ڪو مسڪين غريب ڏسندو آهيان۔۔۔۔۔نه کپي پاڪستان
 
Back
Top