شهيد نذير جو بدلو وٺڻ لاءِ استحصالي نظام ڊاهڻو پوندو، هرڪو ميدان تي نڪري: ليفٽ يونٽي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ حفظ الله ڪاڪا طرفان آندل موضوعَ ‏9 آگسٽ 2010۔

  1. حفظ الله ڪاڪا

    حفظ الله ڪاڪا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    54
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    358
    حيدرآباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان جي رياست پنهنجي جوڙجڪ ۾ مظلوم قومن ۽ محڪوم طبقن جي دشمن ۽ سامراج جي ڳيجهو رياست آهي، جنهن استحصالي نظام جي خاتمي لاءِ شهيد نذير عباسي پنهنجي جان جو نذرانو ڏنو، اهو ساڳيو استحصالي نظام اڄ به قائم آهي، شهيد نذير عباسي جي خون جو بدلو هي استحصالي نظام ڊاهي، سوشلسٽ معاشرو قائم ڪرڻ ۾ آهي، پورهيت عوام ۽ باشعور ماڻهن کي انقلابي تحريڪن کي سگهاري ڪرڻ لاءِ ميدان تي نڪري اچڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار ليفٽ يونٽي حيدرآباد جي اڳواڻن حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ”شهيد نذير عباسي جي شهادت، عوامي جدوجهد ۽ رياست جو ڪردار“ جي عنوان هيٺ ڪوٺايل انقلابي جلسي ۾ خطاب ڪندي ڪيو. ليفٽ يونٽي حيدرآباد جي سيڪريٽري ڪامريڊ لطيف انقلابي چيو ته ڪامريڊ شهيد نذير عباسي جن استحصالي قوتن ۽ نظام جي خلاف شهادت ماڻي، اهو نظام اڄ به پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ خوني انداز ۾ موجود آهي، هي ملڪ اڄ به هتان جي مظلوم طبقن ۽ قومن لاءِ قيد خانو آهي ۽ هي رياست عالمي سامراجي قوتن جي پٺو رياست آهي، انهي استحصالي نظام کان نجات لاءِ سوشلزم واحد رستو آهي، جنهن جي رائج ٿيڻ سان انساني سماج جي مڙني استحصالي صورتن مان نجات حاصل ڪري سگهجي ٿي، اهو ئي شهيد نذير عباسي جو نظريو، عمل ۽ سبق آهي. ڪامريڊ بخشل ٿلهو چيو ته ڪامريڊ شهيد نذير عباسي هڪ ڪميونسٽ هو ۽ ڪميونسٽ اهو هوندو آهي، جيڪو استحصال جي سمورين صورتن سان جهيڙي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو جدوجهد جا سمورا دائرا قومي، جمهوري ۽ طبقاتي ڪامريڊ نذير جي نقصان کي پنهنجو نقصان سمجهن ٿا. هن چيو ته عالمي سامراج سان ٻٽ هي رياست عوامي جدوجهد ڪندڙ ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي پنهنجي ننگي فاشسيت سان شهيد ڪندي رهي آهي. هن چيو ته جيستائين محڪوم ۽ مظلوم طبقا ۽ قومون مارڪسزم جي نظرياتي هٿيار سان هٿياربند نه ٿيون ٿين، تيستائين سندن آزادي ممڪن ناهي. ڪامريڊ هريش چيو ته شهيد نذير عباسي جي جدوجهد سماجي تبديلي جي جدوجهد هئي، رياست هر دور ۾ اهڙي جدوجهد کي چيڀاٽڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي. هن چيو ته اڄ سڄي دنيا ۾ عوامي جدوجهد تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهي آهي، سرمائيداري نظام پنهنجو سماجي، معاشي، سياسي ۽ اخلاقي جواز وڃائي چڪو آهي. هن استحصالي نظام خلاف وڙهي سوشلسٽ انقلاب وسيلي ئي شهيد نذير عباسي جي خواب جي ساڀيان ماڻي سگهجي ٿي. ڪامريڊ عرض منگي چيو ته شهيد نذير هن ملڪ ۾ پورهيت راڄ آڻڻ پئي گهريو، سامراج ۽ ان جي ايجنٽ رياست شهيد نذير عباسي کي ان ڪري شهيد ڪيو ته جيئن انقلابي تحريڪ جي اٿندڙ تيز طوفان کي روڪي سگهجي. هن چيو ته سوشلسٽ انقلاب کانسواءِ ظلم ۽ جبر جو خاتمو نه ٿو اچي سگهي. پاڪستان اندر انقلابي تحريڪون ٻيهر منظم ٿي رهيون آهن، شهيد نذير عباسي جو خون رائيگان نه ويندو، لکين نوجوان ۽ ڪروڙين عوام شهيد نذير عباسي جي انقلابي رستي تي هلندو ۽ اسين هتي پورهيت راڄ قائم ڪنداسين. ڪامريڊ حاڪم مڱريو چيو ته ڪامريڊ نذير عباسي هڪ پڪو پختو انقلابي هو، شهيد نذير عباسي ۾ هارين، مزدورن ۽ شاگردن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ صلاحيت هئي، جيڪا هن پنهنجي عمل ذريعي ثابت ڪري ڏيکاري. شهيد نذير عباسي پنهنجي جان ڏئي امر ٿي ويو، اڄ به انقلابين جي زبان تي هي نعرو آهي ته شهيد نذير عباسي جو رستو اسانجو رستو آهي. صحافي اقبال ملاح چيو ته جڏهن به آمر رياستون هجن ٿيون تن دورن ۾ انقلابي اڳواڻ شهادتون ماڻين ٿا. هن چيو ته رڳو نعري بازي ۽ روايتي سياست بجاءِ حقيقي انقلابي عمل ذريعي تبديلي اچي سگهي ٿي.

    شهيد نذير جي ٻاريل مشعل ڪميونسٽ پارٽي منزل تي پهچائيندي: خادم ٿهيم

    ڪراچي(پ ر): ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي مرڪزي ڪميٽي جي ميمبر ڪامريڊ نذير عباسي شهيد جيڪا مشعل پنهنجي رت سان روشن ڪئي هئي ان کي ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان منزل تي پهچائيندي. اهڙن خيالن جو اظهار ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ خادم ٿهيم، ڪامريڊ نذير عباسي جي 30 هين ورسي جي موقعي تي شهيد جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهڻ دوران ڪارڪنن جي ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪامريڊ خادم ٿهيم چيو ته ضياءَ شاهي قوتن اهو سمجهيو هو ته نذير کي مارڻ کان پوءِ نذير جي تحريڪ ختم ٿي ويندي پر تاريخ ثابت ڪيو ته طاقت سان قلعا ۽ ڪوٽ ته فتح ڪري سگهجن ٿا پر تحريڪون ختم نٿيون ٿي سگهن. ڪامريڊ نذير عباسي شهيد پنهنجي رت جو نذرانو ڏئي ڪميونسٽ پارٽي کي لازوال ۽ پاڪستان ۾ سوشلسٽ انقلاب کي اڻٽر ڪري ڇڏيو آهي. ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽ، فيڊريشن پاڪستان جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري غني جمالي ان موقعي تي چيو ته سنڌ جو نوجوان اڄ به انهي رستي تي هلي رهيو آهي، جنهن رستي تي ڪامريڊ نذير عباسي شهيد پنهنجا نشان ڇڏيا. مرڪزي ڪميٽي جي رڪن ڪامريڊ اسلم بنگلزئي چيو ته بلوچستان جي هارين جي پٽ فيڊر تحريڪ ۾ ڪامريڊ نذير عباسي شهيد ڪردار ادا ڪري اهو ثابت ڪيو ته هو هڪ عالمي شخصيت هو ۽ بلوچستان جو عوام کيس هميشه ياد رکندو. ان موقعي تي مرڪزي ڪميٽي جي رڪن آپا خورشيد چيو ته ڪامريڊ نذير عباسي اسان سان گهر ڀاتي جيان رهيو. سندس وڇوڙو دکدائڪ ضرور آهي پر ان جي قرباني پورهيت طبقي لاءِ حوصلي جو ذريعو آهي. ڪامريڊ نذير عباسي شهيد جي مزار تي بلوچستان ڪميٽي جي سيڪريٽري ڪامريڊ پرڪاش، پارٽي پريس ترجمان ڪامريڊ امرتا سومرو، نديم سبطين ۽ ٻين ڪمينسٽ اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو. هوڏانهن ڪامريڊ نذير عباسي شهيد جي 30 هين ورسي جي سلسلي ۾ اڄ (9 آگسٽ) تي فاران هوٽل حيدرآباد ۾ 4 وڳي هڪ جلسو پڻ رکيو ويو آهي.

    شهيد نذير عباسي جي اڄ 30 هين ورسي: پي ايم اي هائوس ۾ ميڙاڪو ٿيندو

    ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): شهيد نذير عباسي فائونڊيشن پاران سنڌ جي عظيم ڪميونسٽ اڳواڻ، شهيد نذير عباسي جي 30 هين ورسي تي پي ايم اي هائوس ڪراچي ۾ شام 4 وڳي هڪ تفريحي ميڙاڪو رکيو ويو آهي، جنهن دوران مختلف سياسي ڌرين سان تعلق رکندڙ ترقي پسند ۽ قوم پرست اڳواڻ شهيد کي ڀيٽا پيش ڪندا.

    انتخاب: حفظ الله ڪاڪا
    حوالو: روزاني عوامي آواز ڪراچي۔۔۔۔۔۔۔۔ 09۔08۔2010
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: شهيد نذير جو بدلو وٺڻ لاءِ استحصالي نظام ڊاهڻو پوندو، هرڪو ميدان تي نڪري: ليفٽ

    ادا حفظ الله ڪاڪا،
    شهيد نذير عباسي کي اسان به سلام پيش ڪريونٿا ته هو ظلم جي خلاف جدوجهد ڪندي ڪئي تڪليفون برداشت ڪندي شهادت ماڻي، هو قومپرست ۽ سنڌ دوست انسان هو ۔۔۔

    پر سوال اهو آهي ته ڪميونسٽ نظريو ئي پنهنجي موت پاڻ مرندو پيو وڃي ۽ خود روس پڻ ڪميونسٽ نظرئي مان جان ڇڏائيندو پيو وڃي ته اسين وري انکي جيئاري هرو ڀرو پاڻکي ڏٺو ڇو ڪريون ۔۔۔؟

    انڪري قومي نظرئي جي تحت ته آزاديون وٺي سگهجن ٿيون پر ڪميونسٽ نظرئي جي تحت نه ۔۔۔ اسانکي سماج ۽ معاشري مان ناانصافي ختم ڪرڻي آهي ته قرآن جي تعليم جي پوئواري ڪرڻي پوندي ته جيئن استحصال ۽ ظلم ختم ڪري سگهجي نه ڪي لينن ۽ مارڪس جي نظرئي مان اسانکي ڪا مدد ملندي ۔۔۔

    اسانکي حقيقت جي سامهون ٿيڻ گهرجي ۔۔۔۔ ۽ پاڻکي صحيح رستي تي هلائڻ گهرجي نه ڪي انهن جي رستي تي جي الله ۽ الله جي رسول جا باغي هئا يا ڀٽڪيل روح ۔۔۔ رب اسانکي سمجهه عطا ڪري ۔۔۔ آمين
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: شهيد نذير جو بدلو وٺڻ لاءِ استحصالي نظام ڊاهڻو پوندو، هرڪو ميدان تي نڪري: ليفٽ

    ادا مهرباني سائين.
     
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: شهيد نذير جو بدلو وٺڻ لاءِ استحصالي نظام ڊاهڻو پوندو، هرڪو ميدان تي نڪري: ليفٽ

    ادا بهترين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو