السلام عليڪم دوستو دوستو جيئن ته توهان کي خبر آهي ته اڄ ڪلهه سنڌ ۾ ٻوڏ واري صورتحال آهي وزير آعظم جي اعلان موجب سنڌ جا 19 ضلعا متاثر آهن سو انهن ۾ شڪارپور ضلعو به اچي وڃي ٿو ٽيون ڏينهن شڪارپور شهر ۾ ڊي سي او اعلان ڪرايا آهن ته شهر خالي ڪري هليا وڃون شهر ٻڏڻ جو خطرو آهي ريڊ الرٽ لاڳو ڪيو ويو آهي سو ڪافي سرندي وارا ماڻهو پنهنجا گهر خالي ڪري هليا ويا آهن باقي مون سميت ڪافي فقير مسڪين ماڻهو شهر ۾ ترسيل آهن سو اوهان دوستن کي هڪ نماڻو عرض ڪجي ٿو ته مهرباني ڪري سڀني ضلعن وارن ماڻهن لا۽ بشمول اسان جي لا۽ دعا گهري وڃي خاص طور تي سائين نثار ابڙو صاحب مڪي پاڪ وارو ته من الله پاڪ ڪنهن پنهنجي ٻانهي جي صدقي اها ٻوڏ واري صورتحال کان بچاءُ ٿئي سگهي توهان جي دعائڻ جو طلبگار ڦلپوٽو فقير سدائين گڏ
جواب: شڪارپور ضلعي ۾ ٻوڏ واري صورتحال !!! ادا فقير۔۔ يار دل ڏاڍي اُٻاڻڪي آهي، سنڌ جي اندر ٻوڏ ايتري تباهي ڪئي آهي جو ڳالهه نه پڇ يار۔۔ بس اسان وٽ دعا کان سوا ٻيو ڪو چارو نه آهي۔۔۔
جواب: شڪارپور ضلعي ۾ ٻوڏ واري صورتحال !!! سنڌ ٽي وي نيوز جي تازي خبر موجب، ٽوڙهي بند وٽان نڪتل سنڌو درياءَ جا وهڪرا شڪارپور ۾ داخل ٿي ويا آهن۔۔ مولا خير ڪري ادا۔۔
جواب: شڪارپور ضلعي ۾ ٻوڏ واري صورتحال !!! خدا ڪا چڳائي ڪري انهن ڪي ، ٽي ، ۽ سنڌ ٽي وي وارن سان (آهي ته مشڪل ) اڌ کان وڌيڪ حراسمينٽ جيڪا انهن نيوز چينل وارن پيدا ڪئي آهن ته انهي حراسمنيٽ جو ڪو اندازو ئي نه ٿو لڳائي سگهجي هتي ڪالهه هڪ سنڌي نيوز چينل جي رپورٽر کي پڪڙي ڪري ماڻهن اهڙا ته جوتا هنيا آهن جو ڳالهه نه پڇو ته ، اهو صرف انهي ڪري ته ساڳيون ئي سلائيڊ پيا ٿا هلائي ماڻهن کي پريشان ڪيو ٿا .............. سو ادا اها ڪوڙي خبر آهي باقي بيگاري کي ڪٽ ڏئي ڪري شڪارپور جو ڪچو جاڳڻ طرف ڪجهه ڳوٺن کي نقصان پهتو آهي هيڏانهن وري بوجا ناپر وٽ ڪٽ ڏئي ڪري ان ڳوٺ ۽ ان جي آس پاس وارا ڳوٺ پاڻي جي وهڪري ۾ اچي ويا آهن . هاڻي صرف انهن جي حراسمينٽ جي ڪري اڌ کان وڌيڪ شهر شڪارپور خالي ٿئي ويو آهي مختلف اطلائن موجب انهن خالي پيل جاين ۾ چورين جو اڻ کٽ سلسلو شروع ٿئي ويو آهي وڌيڪ هر شي۽ تي مون جو مالڪ قادر آهي سدائين گڏ
جواب: شڪارپور ضلعي ۾ ٻوڏ واري صورتحال !!! ادا اهي ئي ادارا ته اسان کي خبرون پهچاين ٿا، اهي نه هجن ته اصل ڪم ڪٽلي ٿي وڃي۔۔ پاڻ گهر ۾ ستا پيا هجون ۽ پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي وڃي۔۔ بهرحال ڪجهه نمائندن جا پنهنجا به ڪرتوت هوندا آهن۔۔۔ اسان انهن کي ڇا ٿا ڪري سگهون۔۔