مست
سينيئر رڪن
ليکڪۡ: اسد علي ميرجت
السلام عليڪم دوستو!
پاڪستان جي اندر آيل تاريخي ٻوڏ پراڻا سڀ ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، چارئي صوبن ۽ قبائي علائقن ۽ گلگت بلتستان سميت پوري پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي متاثر ٿي آهي، هي انگ اکر في الحال اندازي مطابق آهن، خدشو آهي ته اهو انگ ان کان وڌي سگهي ٿو. گڏيل قومن جي هڪ رپورٽ موجب هي ٻوڏ سونامي ۽ هيٽي واري زلزلي کان وڌيڪ تباهه ڪن ثابت ٿي آهي ۽ پاڪستان معاشي لحاظ کان ڪيترائي ڏهاڪا پوئتي هليو ويو آهي.
پاڪستان ۾ آيل هيلوڪي ٻوڏ سبب 1000 کان وڌيڪ ماڻهو پنهنجي زندگي وڃائي ويٺا، مال مويشي جي مرڻ جو ته ڪو ڪاٿو ئي نه آهي ڇو ته هزارين جي تعداد ۾ مالوند ماڻهو پنهنجو مال ڀاڳ ڇڏي پنهنجو سر بچائي نڪتا، ڪيترن ئي شهرن ۾ ته ماڻهن ۽ جانورن کي دفنائڻ وڏو مسئلو ٿي ويو آهي.
فقط سنڌ صوبي ۾هينئر تائين جي نقصانن ۾ گهٽ ۾گهٽ 10 لکن کان 15 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن۽ انهيءَ تعداد ۾ ڳڻتي جوڳو اضافو ٿي رهيو آهي، وس وارا ته اهو چوندي نظر پيا اچن ته ڳالهه هاڻي اسان جي وس کان ٻاهر ٿيندي پئي وڃي، اسان جي سمجهه به جواب ڏيندي پئي وڃي.
درياءِ جي ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جو گهر ٻار، مال مويشي، اناج ۽ ٻيون سڀ شيون هن ٻوڏ جي نظر ٿي ويون، گهڻي قدر ٻوڏ جو نقصان ان ڪري به وڌيڪ ٿيو آهي جو گذريل هڪ کان وڌيڪ ڏهاڪي تائين پاڪستان جي اندر واهن، ڪئنالن ۽ درياءُ ۾ پاڻيءَجي کوٽ هئي، ۽ پاڻي نه ملڻ ڪري دريائن جا بند سڪي ويا ۽انهن ۾ ڪوئن ۽ ٻين جاندارن پنهنجا ٻر ٺاهي ڇڏيا ۽ان کان علاوه سرڪار به انهيءَوقت جي انگ اکرن کي مدنظر رکندي ڪڏهن پاڻيءَ جي اسڪيمن ۽ بندن جي صورتحال تي ڪو غور ويچار نه ڪيو ۽ هلندڙاسڪيمون به بيهاريون ويون۔ جنهن ڪري هن اوچتي آفت سوچ کان وڌيڪ تباهي مچائي ڏني، پاڪستان جو تقريبن هر ضلعو ان مان متاثر ٿيو آهي، پنجاب ۾نوشهره، ميانوالي، مٺن ڪوٽ، رحيم يار خان ۽ مظفر ڳڙهه جي صورتحال جي باري ۾ آسانيءَ سان چئي سگهجي ٿو ته اهي ايترا ته متاثر ٿيا آهن جو جيڪڏهن هي چئجي ته اهي شهر ۽ ضلعا صفحه هستيءَ تان مٽجي ويا آهن ته وڌاءُنه ٿيندو۔۔
بلوچستان کي توڙي جو درياءَ جي پاڻي نقصان نه پهچايو پر اتي جبلن تان وهي ايندڙ نئيون ئي تباهيءَلاءِڪافي آهن، جن جي تيزي ڪيترن ئي شهرن کي متاثر ڪيو آهي۔ اهڙي طرح سوات، شانگله، گلگت ۽ ٻين شهرن ۽ سياحتي مقامن تي به پاڻيءَ جي وهڪرن ايترو ته نقصان پهچايو آهي جو انهن شهرن جو وڏو حصو گهر ۽ هوٽلون پاڻي حوالي ٿي لڙهي ويا آهن، ماڻهو پنهنجي جان بچائي مس سگهيا پر وري به ڪيتريون ئي جانيون هن موذي ٻوڏ جي حوالي ٿي ويون.
اهڙي طرح خيبر پختونخواهه کي درياءُ ۽ نئين جي پاڻي ٻنهي اهڙي طرح نقصان پهچايو آهي جو پورو صوبو تاريخي تباهيءَ جو ڏيک ڏئي رهيو آهي. سنڌ ۾ ڪشمور ۽ ڪنڌ ڪوٽ ۾ درياءُ جي بند (ٽوڙهي بند) ٽٽڻ سبب هزارين ماڻهو متاثر ٿيا ۽ اڄ سکر بئراج ۾ پاڻيءَ جي آمد وڌڻ سبب سندس مان نڪرندڙ 7 ئي ڪئنال ڇوٽ کوليا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ نارا ڪئنال کي ٻن هنڌن تان ۽ هڪ ٻي ڪئنال کي هڪ هنڌان گهارا لڳڻ جا اطلاع آهن.
ٽيڪنيڪل ماڻهن جي چوڻ موجب ته درياءِ جي بندن تي جيڪڏهن ٻوڏ جو پاڻي هڪ ئي ڀيرو آخري حد تان به گذري وڃي ته خير آهي پر جيڪڏهن اهو پاڻي لڳاتار انهيءَ ليول تي وهندو رهي ته پوءِ وڏي خطري جي ڳالهه آهي، سنڌو درياءِ ۾ هيل اها ئي صورتحال آهي، هينئر سکر بئراج تان 11 لک ڪيوسڪ پاڻي گذريو آهي پر اڃان به اتي صورتحال ساڳئي جو ساڳي آهي، يعني گهٽتائيءَ جو ڪو امڪان نه آهي، انهيءَ کان علاوه گڊو بئراج تان 12 لک ڪيوسڪ پاڻي اڄ ڪراس ٿيندو ۽ ان کان علاوه پنجاب جي جابلو پٽين تان پاڻيءَ جا وهڪرا سنڌوءَ ۾ اڃان شامل ٿيڻ جا امڪان آهن. هاڻي هن صورتحال جي هوندي بچاءُجي اُپائن سان گڏ دعا جي سخت ضرورت آهي۔ اوهان تمام دوستن کي گذارش آهي ته سنڌ ۽ پوري ملڪ جي تحفظ لاءِ خاص طور تي دعائون گهرو۔۔۔