• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مرد اسان جي گهر ۾ به آهين

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ علي ظفر
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

علي ظفر

نائب منتظم
انتظامي رڪن
هڪ دفعي جو ذڪر آهي ته رستي تي ڪِيلي (ڪوِِ لي به چونداآهن ) بيٺي هئي ته اتان هاٿي ۽ هاٿيڻ جو گذر ٿيو هاٿي ڪيلي کي ڏسي رهيو هو ان تي ڪيلي کي غيرت اچي وئي سو هاٿيڻ کي چيائين ته
پنهجني مرد کي چئو ته نظرون هيٺ ڪري هلي نه ته مرد اسان جي گهر ۾ به آهن hall chari :D
 
ها ها ها ها
ادا علي علي اصلي صفا ڪو لاه ماڻهو آهي اهڙا لطيفا لڪايون ويٺو آهين وري به شابس اٿئي شيئرنگ لا۽
تماممممممممممممممممممممممممممممممممممممممممممممممممممممممممممممم
بهترين مٺا
 
تمام بهترين شيئرنگ يار، رهيو سوال غيرت جو ته ادا اها پوٌءِ ڇو نه کڻي ڪيل (ڪول) هجي، يا هاٿي هجي، پر غيرت غيرت هوندي آهي۔ باقي اوهان جو لطفيو تمام گهڻو پسند آيو۔۔۔۔۔۔۔
 
ڀائڙا علي علي
حق موجود
ادا سائين غيرت جي ڳالهه تي هڪ حادثو ياد اچي ويو آهي ؛
ٿيو ڇا ! منهنجا ٻار عمري تي آيا هئا ... مون کين مڪي پاڪ کان ڪجه پرڀرو مٿي پهاڙن تي هڪ خوبصورت شهر آهي طائف، گهمائڻ لاءِ وٺي ويس، مڪو جيترو گرم طائف وري اوترو ئي ٿڌو شهر آهي ...
طائف جي پهاڙن تي ور وڪڙن جو هڪ پهاڙي رستو ٺهيل آهي جو اسامه بن لادن جي پيءُ ٺهرايو هو ... ان رستي تي وڏا وڏا پهاڙ آهن، جن تي ڀولن جو راڄ آهي ...
رستي واري ڀت تي هڪ ڀولي ٻارن سميت ويٺي هئي، مون سندس تصوير ڪڍڻ لاءِ گاڏي بيهاري ته محترمه ٻارن سميت پرين پاسي ٽپو ڏئي هلي وئي ... مون به ارادو پڪو ڪيو هو سو ڀت ڏانهن وڃي ڦوٽو ڪڍڻ جي ڪوشش ڪيم پر ڇا ڏسان ته هڪ ڀولو وڏي ٻوٿاڙ ۽ عمر ۾ ڪافي وڏو، مون ڏانهن ڏسي رهيو آهي ۽ باقي خاندان سندس پويان وڃي لڪو آهي ... بس ڙي ادا ! ڀولي مونکي ڏسندي ئي اتان ٽپندي اچي ڀت تي پهتو ۽ منهنجي مٿان ٽپو ڏئي مونتي حملو ڪيائين ...

آءُ به سندس ارادو سمجهي ويس، مون به ٽپو ڏئي ڪار اندر گهري دروازو بند ڪيو ... ڀولي ٽپو ڏئي اچي گاڏيءَ جي ڇت تي ويهي ڇت کي ٻه ٽي ڌڪ هڻي، ڪاوڙ ۾ ڪجه چئي (ممڪن گاريون ڏئي) هليو ويو ...
بس ادا! مون به توبهه ڪئي ته هاڻ پراون ٻچڻ ڏانهن اک به نه کڻبي ، ڦوٽو ته پري جي ڳالهه آهي ...
اوهان دوست به خيال ڪجو ...
 
سائين لڳي ٿو ته اهو به سمجهي ويو هو ته اوهان ڌاريا پاڪستاني آهيو پر جي اوهان ان سان عربي روح ,يا لله , اغرب , وخر, اني مو اجنبي عرب من بلدك ,جهڙا لفء ڳالهايو ها ته سمجهي ها ته پهنجو آهي ۽ شايد غيرت نه ڪري ها :d :d
 
ها هرڪو پنهنجي تجربي کي پيش ڪري سگهي ٿو۔۔۔۔ :D
 
سائين هاڻي توهان جي هٿ ۾ آهيون جڏهن توهان اسان کي ٻيهر کلايو، يعني اهڙا ٻيا لطيفا اسان سان شيئر ڪيو.
 
Back
Top