اچو سب گڏ ٿي مدد ڪريون

'ڪاڪي آچار جي اوطاق' فورم ۾ ALI AKBAR SHAR طرفان آندل موضوعَ ‏9 آگسٽ 2010۔

  1. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    السلام عليڪم ...................
    ڪاڪي آچار جي اوطاق تي مان اڃ هڪ ننڊڙو عرض کهڻي حاضر ٿيو آهيان..... جئين ته سب دوستن کي خبر آهي ڪشمير پاڪستان ۽ سنڌ ۾ سيلاب جي خطرناڪ صورتحال آهي ان نازڪ لمحي ۾ اسان حڪومت ۽ اختلافن کي وساري انهن ماڻهن جي مدد ڪريو جيڪي وڏا ذميندار هاري محنت ڪش ۽ الله جي راه ۾ڏيڻ وارا به آهن هاڻ اوهي مدد جي لاءِ پڪاري رهيا آهن ...........انهن جي دل کولي مدد ڪريون هي وقت اسان جي مدد ڪرڻ جو آهي اسان پنهنجو فرض نڀايون ڇو عالمي برادري جي عمداد ۾ دير آهي ۽ ان حڪومت کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه اچي رهيو آهي ته ڇا ڪجي .............. هن ايمرجنسي ۾ اسان کي مدد ڪرڻي پوندي هي سوچڻ جو وقت به ڪونه آهي ۽ ٽائيم ضايع ڪرڻ جو به ڪونهي
    ................................................................................................
    دوستو اڃ جڏهن مان ڏهرڪي کان گڊو طرف وڃي رهيو هئس رستي ۾ مونکي صرف اها ٽريفڪ نظر آئي جيڪا ماڻهن جو سامان کڻي وڃي رهي هئي پوري رستي ۾ اها صورتحال رهي ۽ ڪجهه ماڻهو گهوٽڪي فيڊر جي بندن تي ويٺا هئا جيڪي خالي آسمان هيٺ هئا ۽ هلڪي هلڪي برسات به پئي رهي هوئي هنن وٽ ڪجهه سامان به نظر آيو جنهن ۾ ان جون پليون بجلي وارا پکا هنڌجيڪي برسات ۾ پسي رهيا هئا ۽ پري پري تائين پيڻ جي پاڻي جي سهولت ڪونه هئي ................................. جڏهن مان گڊو بيراج وٽ پهتس ته اتي عجيب منظر هئا مهاڻا فيڊرن جي دروازن مان مڇيو پڪڙي رهيا هئا ۽ تماشائي تماشو ڏسي رهيا هئا............... پر جيڪي اتي متاثر هئا انن جي اکين مان لڙڪ نظر اچي رهيا هئا دل چوي پئي ته هنن جي لاءِ ڪجهه ڪجي پر منهنجي وس ۾ ڪجهه ڪونه هيو آليون اکيون بند ڪري گهر جي طرف روانو ٿي پيوس................. پر ان وقت گڊو جي صرتحال تمام خراب هئي هو ڊينجر زون م هلي رهيو هو گيجز به پاڻي ۾ ٻڏي چڪا هئا ڪجهه تصويو به ڪڍا آيو آهيا سو هيٺ ڏيان ٿو
     
  2. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: اچو سب گڏ ٿي مدد ڪريون

    [​IMG]
    [​IMG]
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: اچو سب گڏ ٿي مدد ڪريون

    ادا منهنجي طرفان تمام سنڌ واسي دوستن کي هڪ گذارش آهي ته مٿان رمضان اچي پيو۔۔ انهيءَ‌ مهيني ۾ اسان سحري ۽ افطاري جي نالي تي هزارين رپيا خرچ ڪندا آهيون ۽ بهترين بهترين طعام تيار ڪندا آهيون، منهنجي تمام دوستن کي گذارش آهي ته جيڪي پئسا اوهان انهن طعامن تي خرچ ڪريو ٿا، مهرباني ڪري هن ڀيري انهيءَ طعام کي حقدارن تائين پڄايو، هي اوهان جا سنڌي ڀائر اوهان جي طرف نهاري رهيا آهن، لڙڪن ڀريل اکين سان۔۔۔ خدارا انهن جي مدد ڪريو، اسان سوچي به نه ٿا سگهون ته مٿن ڪهڙيون آفتون گذري ويون آهن۔۔ الاهي امداد ڪر صدقي محمد جي،
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اچو سب گڏ ٿي مدد ڪريون

    ادي اڪبر جي ان اپيل سان اسانجو به هٿ مٿي آهي ۔۔۔۔ هر هڪ ماڻهون کان جيترو پڄي سگهي راهه الله سنڌ جي ماڻهن جي مدد ڪئي وڃي ۔۔۔ مومن ته پنهنجي پيٽ تي پٿر رکي پاڙي وارن کي کارائيندا آهن ۔۔۔ ضرورتمندن جو ضرورتون پوريون ڪندا آهن ۔۔۔۔

    هي وقت آهي ۔۔۔۔ الله کي خئير ڏيڻ جو ۔۔۔ ڇاڪاڻ ته رب العالمين چيو آهي ته جيڪو ماڻهون ضرورتمند جي مدد ڪري ٿو اهو ڄڻ ته مونکي قرض حسنا ڏئي ٿو ۔۔۔ جيڪو آ کيس واپس ڪندس۔۔۔ اچو ته هڪٻئي جي مدد ڪريون ۔۔۔

    مون پنهنجي گهر چيو آهي ته ڪا اهڙي تنظيم جيڪا سنڌين جي ٻوڏ وارن لئه ڪم ڪندي هجي ته انکي وس آهر پئسا يا ڪو سامان هجي ته پهتو ڪيو وڃي ۔۔۔ بلڪ منهنجي پاڙي ۾ ئي هڪ غريب آهي جنهنجو بارشن سبب گهر ٻڏي ويو آهي ۽ هو دربدر آهي ۔۔۔ مون اها هدايت ڪئي آهي پنهنجي گهر وارن کي ته انجي مدد ڪئي وڃي ۔۔۔

    دوستو! ڪجهه خئير لڪائي ڪبو آهي ۽ ڪجهه خئير ٻڌائي ڪبو آهي ته جيئن ٻيا دوست به ان تتبع تي ڪجهه ڪري سگهن ۔۔۔ هي خئير الله ڪارڻ آهي ۽ اهو ئي قبول ڪندو ۔۔۔
     
  5. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: اچو سب گڏ ٿي مدد ڪريون

    ڏهرڪي ۽ اوٻاڙي جا تمام ماڻهون پاڻ مرادو چاورن ۽ چهولن جو ديڳيون متاثر ماڻهن تائين پهچائي رهيا آهن اميد آهي ته انهن ماڻهن جي انسانيت کي ڏسي ٻيا ماڻهون به اڳتي ايندا
    ...............................................................................................
    ڏهرڪي ۽ اوٻاڙو به سيلاب جي وارننگ هيٺ آهن پاڻي هنن جي ٻين پاسن تائين پهچي چڪو آهي اهو پائي هن وقت پنجاپ طرف وڃي رهيو آهي ڇو ته اولهه واري پاسي کان ريڻي ڪينال آهي
     
  6. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: اچو سب گڏ ٿي مدد ڪريون

    ادا الله سائين خير ڪندو
     
  7. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: اچو سب گڏ ٿي مدد ڪريون

    ادا الله سائين خير ڪندو ................................... آمين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو