هي ڪا فٽ اسڪيل نه پر جديد ترين سڪينر آهي۔۔۔۔!

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏10 آگسٽ 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    جي ها مان مٿين تصوير جو ذڪر ڪري رهيو آهيان۔۔۔۔ انسان ته هوندو ئي تڪڙو آهي پر جڏهن توهان شام جي وقت ڪنهن اخبار شايع ٿيندڙ آفيسن ۾ وڃو ته توهان کي خبر پوندي ته تڪڙ ڇا هوندي آهي۔۔۔ ان باوجود انسان جي هميشه کان ڪوشش رهي آهي ته پنهنجي ڪم کي آسان ۽ تڪڙو بنائجي۔۔۔ ان سلسلي جي هڪ ڪڙي هي سڪينر ئي ڏسو۔۔۔ CopyCat Handheld Scanner نالي هن سڪينر ذريعي توهان تڪڙ تڪڙ ۾ ڪنهن ميگزين، اخبار يا ڪتاب مواد نه صرف تصويري پر ٽيڪسٽ جي روپ ۾ پڻ حاصل ڪري سگهو ٿا اهو به بس هن فٽ اسڪيل نما سڪينر کي مواد مٿان صرف هڪ دفعو ڦيرائڻ سان۔۔۔

    [​IMG]

    پاڻ ته سڏجون جادوگر پر جيڪڏهن فقيرن جي هٿن ۾ هي جديد ٽيڪنالاجي اچي وئي ته پنهنجي روزي ته وئي نه۔۔۔۔ ڇو ته هن کي استعمال ڪرڻ لاءِ ڪنهنجو پڙهيل لکڻ هجڻ بلڪل به ضروري نه آهي بس هن پرزي کي هٿ جي تري جي مدد سان مٿي تصوير وانگر مواد مٿان گهمايو ته هي پرزو خودڪار طريقي ڪار تحت پنهنجي هيٺان ايندڙ مواد کي پنهنجي اندر بلٽ ان ٿيل 32 گيگا بائيٽ ايس ڊي ميموري ڪارڊ ۾ مواد کي محفوظ بڻائي ڇڏي ٿو ۔۔ ۽ پوءِ چاهيو ته مواد کي ورڊ، ايڪسل يا وري ڪنهن ڪلپ بورڊ فارميٽ ۾ ايڊٽ ڪريو ۔۔۔ ۽ پنهنجي استعمال جي قابل بڻايو ۔۔۔۔
    ننڍي بيٽري تي هلندڙ هن اسڪينر ذريعي توهان 30،000 صفحا اسڪين ڪري محفوظ بڻائي سگهو ٿا۔۔۔۔

    هن جي استعمال کي بهتر طور سمجهڻ لاءِ حاضر آهي يوٽيوب وڊيو۔۔۔

    http://www.youtube.com/watch?v=0DZaWb7PCLs
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هي ڪا فٽ اسڪيل نه پر جديد ترين سڪينر آهي۔۔۔۔!

    سائين شئي ته بهترين ٻڌائي اٿوَ۔۔ پر ڏسو ته اها پاڪستان ۾ ڪڏهن دستياب ٿيندي۔۔۔ ٽيڪنالوجي ترقي ۾ آهي۔۔۔
     
  3. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: هي ڪا فٽ اسڪيل نه پر جديد ترين سڪينر آهي۔۔۔۔!

    ادا تمام لاجواب شي آهي ۽ تمام تڪڙو ڪم ڪري رهي آهي
    جڏهن پاڪستان ۾ آئي ته آفيس جي استعمال لا  وٺرائينداسين
     
  4. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: هي ڪا فٽ اسڪيل نه پر جديد ترين سڪينر آهي۔۔۔۔!

    زبردست ادا۔۔۔۔۔۔۔ تمام سٺي ڄاڻڪاري ڏني اٿوَ۔۔۔۔
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: هي ڪا فٽ اسڪيل نه پر جديد ترين سڪينر آهي۔۔۔۔!

    ادا تمام بهترين ونڊ ڪيو آهي توهان
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هي ڪا فٽ اسڪيل نه پر جديد ترين سڪينر آهي۔۔۔۔!

    جادوگر آهين نه رشيد سائين ، جيسيتائين جادو وارا ڪرتب نه ڏيکاريندين تيسيتائين توکي ننّڊ ڪانه ايندي، آئي ٽي واري جهان جا جادوگر توکي جس هُجي جو اهڙي زبردست اسڪيننگ واري مشين جي خبر اسان سان شيئر ڪئي۔
     
  7. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: هي ڪا فٽ اسڪيل نه پر جديد ترين سڪينر آهي۔۔۔۔!

    ادا تمام زبردست شئي آهي پر ادا جڏهن پاڪستان ۾ ايندين تڏهن ت اسان ڪراڙا ٿي وينداسين
     
  8. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    دوستو انتظار ختم۔۔۔ هاڻي Easy Scan Document & Photo Scanner W- 520 نالي هي اسڪينر ڊيوائس پاڪستان ۾ پهچي چڪي آهي۔۔


    [​IMG]


    [​IMG]

    هڪ جي بي ايس ڊي ڪارڊ سان گڏ هن جي قيمت 7790 پاڪستاني روپيه آهي۔۔ ۽ چاهيو ته سيمبوز تان هي اسڪينر گهر ويٺي به گهرائي سگهو ٿا۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو