چائينا جا ماڻهون ڪاٺين (اسٽڪ) سان ته کاڌو کائيندا ئي آهن هيءَ ڪا نئين ڳالهه نه آهي۔۔۔۔۔ مٿين نظر ۾ به هڪ چائنيز عورت اسٽڪ جي ذريعي نوڊلز (سنڌي سَين نما کاڌو) کائي رهي آهي پر هي ڇا هن ته گرم نوڊلز کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ پنهنجي اسٽڪ ۾ هڪ ننڍو پکو به لڳائي رکيو آهي۔۔۔۔ ايترو عقل ان عورت کي ته نه هو پر اهو ڪارنامو چائنيز ريسٽورينٽ جي مالڪ جو آهي جنهن پنهنجي گراهڪن لاءِ اهڙيون اسٽڪس ٺهرايون آهن جنهن ۾ هڪ ننڍو پکو لڳل هوندو آهي۔۔۔۔۔ ان جا ٻه فائدا آهن هڪ ته هن سان نوڊلز يا کاڌي جي گرمائش گهٽائي سگهجي ٿي ۽ ٻيو ته مکيون به ويجهون نه ٿيون اچن يعني هڪ ڌڪ ٻه شڪار۔۔۔۔
مٺا رشيد تمام بهترين شيئرنگ آهي، مٺا مونکي ته حيرت ايندي آهي ته اهي انهن ٻن ڪاٺين سان کائيندا ڪيئن آهن ادا فورم تي ڀليڪار پرين پنهنجو تعارف ته ڪرائجو۔