• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ادا مان به پڇڻ چاهيان ٿو

ايم ايڇ جمالي

سينيئر رڪن
ادا مان پنهنجي فري سرور تي هڪ ويب سائيٽ ٺاهي آهي۔۔۔ هاڻي مان چاهيان ٿو۔۔۔ ته مان پنهنجي ويب سائيٽ جيئن کوليان يا جيئن ڪو يوزر منهنجي ويب سائيٽ کولي ته ان تي آٽوميٽيڪلي آڊيو ٽريڪ هلڻ شروع ٿي وڃي۔۔۔ يا ٻي طرح سان ويب سائيٽ تي بيڪ گرائونڊ ميوزڪ هلڻ شروع ٿي وڃي ۽ جيڪڏهن عابده جو هي ٽريڪ هلي ته وڏي مهرباني ٿيندي۔
”سنڌ منهنجي امان“ سونهن تنهنجي مٿان ڇا لکي ڇا لکان۔۔
مونکي ان ٽريڪ جو لنڪ موڪليو وڃي ته جيئن مان ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪري سگهان.
ادا ويب سائيٽ جو لنڪ هي آهي
http://www.daurcity.8m.com
 
جواب: ادا مان به پڇڻ چاهيان ٿو

الله تعالا اوهانکي پنهنجن نيڪ مقصدن ۾ ڪامياب ڪري ۔۔۔ اوهان جنهن گاني کي بيڪ گرائونڊ رکڻ جي ڳالهه ڪئي آهي تنهن مان خبر پوي ٿي ته اوهانجي ويب سائيٽ قومي ۽ سنڌ سڄڻائپ واري آهي ۔۔۔ خئير اسانجا دوست جيڪي ڪمپيوٽر جا ڄاڻون آهن، اهي اوهانجي ضرور مدد ڪندا ۔۔۔

اوهان ادي رشيد سمي يا مونکان علاوه سڀ ايڊيٽر حضرات سان ذاتي طور تي رابطي ۾ اچو (پيغام موڪليو) ته هو اوهانجي ضرور رهنمائي ڪندا ۔۔۔

دعائن ۾ گڏ ۔۔۔۔
 
جواب: ادا مان به پڇڻ چاهيان ٿو

ادا هي وٺو جلدي ۾ ڊائونلوڊ ڪريو نه ته لنڪ جو ٽائيم ختم ٿي ويندو جيڪڏهن ٽائيم ختم هجي ته مون.کي پرسنل پيغام مڪلجو مهرباني
سنڏ منهنجي امان ايم پي تهري
Download
 
جي ادا شر صاحب مان سمجهي نه سگهيس

ادا مون لکيو آهي ته مونکي اهو ٽريڪ پنهنجي ويب سائيٽ تي بطور بيڪ گرائونڊ ميوزڪ رکڻو‌آهي ان جي لا مونکي ايڇ ٽي ايم ايل ڪوڊنگ ۾ اهو ٽريڪ موڪلي ڏيو ته جيئن مان آساني سان اپلوڊ ڪري سگهان ۽ جيئن ئي ڪو دوست منهنجي ويب سائيٽ کولي ته اهو ٽريڪ آٽو ميٽڪ پلي ٿي وڃي۔۔۔ مهرباني دوست سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا۔۔
 
Back
Top