جواب: ڏکائي ويو ڏور ، مونکي چنڊ چريو ڪري ڪـــــــي ويجهــــــائي ڏور، ڪــــــي ڏور به ويـــجهــــا سپريـن، ڪـــــــي چڙهــــــــن نه چت تـــــــي، ڪــــــــي وسـرن نه مور، جيئن مينهن ڪنڍي ڪور، تيئن دوست وارڪو دل سين، اکڙين ۾ ٿـــــي ويهه، ته آءُ واري ڍڪيــان، توکي نه ڏسي ڏيهه، آءُ نه پسان ڪي ٻيو۔
جواب: ڏکائي ويو ڏور ، مونکي چنڊ چريو ڪري مهرباني ڀائرو اوهان جي محبت آهي ۽ سنڌ سان پيار جو ڪوشش پيا ڪريون۔ دعائن ۾ ياد
جواب: ڏکائي ويو ڏور ، مونکي چنڊ چريو ڪري تمام پيار شاعري ۽ ڊزائين آهي توهان اهڙيون ڪوششون جاري رکجو سدائين گڏ
جواب: ڏکائي ويو ڏور ، مونکي چنڊ چريو ڪري سڀني دوستن جا ٿورا ۔ اياز چنڊ کي به گهڻو ڳايو آهي ۔ ڀنئور ڀري آڪاس ۾ هڪ هنڌ چئي ٿو : ستارن جي سيج تي، ستس ساري رات، پڌري ٿي پرڀات، چميندي ڪنھن چنڊ کي. چئي سگھندين چنڊ، توڏي مان ڇو تڪيان! ڏئي سگھندين چنڊ، مون کي پار پرينءَ جا! چؤ، مان ڪنھن جي ڪاڻ، رلان پيو راتڙيون! چؤ، ڪنھن جي چانڊاڻ، ھرکايو منھنجو ھيئون! آيو آڌيءَ رات جو، پرينءَ جو پڙلاءُ، چڪڻ لڳو چنڊ جو، گھرو گھرو گھاءُ، صدين جو سوداءُ، جاڳي اٿيو جيءَ ۾. چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي، ستو رات سڄڻ، چمڪيو چوڏھينءَ چنڊ سان، آڌيءَ ويل اڱڻ، الا اسر جو سندس، منھنڙي جو مھڪڻ ھيرن ۾ ٿي ڄڻ، ھن جون ھٻڪارون مليون. چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي، نور ڀري نيراڻ، آيو پرين پاڻ، چمڪيا چنڊ زمين تي. تون چانڊوڪي چيٽ جي، منھنجو من چڪور، اچي ڪڏھن اور، مون سان ڳالھيون ڳجھ جون. منھنجي نيڻان ننڊڙي، تو تائين پھتي، تنھنجي تن سان چاندني، ساري رات ستي، مٺڙيون منھنڙي تان وتيون، اتر ھير اچي، سڄڻ سيراندي، ميڙو مڙني جو ھيو. ڪوڪي ٿي ڪويل، چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي، ڄڻ ساري سنسار کي ٿي ڏاري ڏکويل، پرينءَ سان پويل، شل رھي ساھھ سڀن جو. چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي، رنگ رليل آڪاس، رتين رتيون راتڙيون، اڏاڻا احساس، چت ۾ چوڏھينءَ چنڊ جئن، اڀري ڪائي آس، پريان پريان پاس، آيون ڳالھيون ڳجھ جون. چنڊ لڙھي لس ليٽ ۾، جھاڳي جھڙ جي جھاڳ، مينھوڳيءَ جي مند آ، وسن پيا ويراڳ، ڪٿي آن، ڪنھن جاءِ آن، واري اچ تون واڳ، مٺڙا، منھنجا ماڳ، سڄڻ منھنجي ساھ جا
جواب: ڏکائي ويو ڏور ، مونکي چنڊ چريو ڪري مهرباني علي هاڻي لوڪل فقير جي ڳاله " اهڙيون ڪوششون جاري رکو " وري انٽرنيشنل فقير به ٿو ڳالهائي