بس ادا هي آهن اسان جا حڪمران۔ جيئن نه کي بکيا بگهڙ ٻڪرين جي ڌڻ تي حملو ڪندا آهن، کُلم کُلا، پوءِ جيڪي ٻڪري آئي تنهن کي چيريون ڦاڙيون ماريون ويندا آهن، ۽ ڪن کي ته پاڻ سان گڏ کڻي ويندا آهن۔ اڄڪلهه اسان جي ملڪ کي اِهي به ايئن ئي لٽي رهيا آهن ۔
سائين وري به ٿورو گهڻو پردو آهي۔۔ ها ها ها ۔۔۔ اهي ته ننگا آهن پر عوام جون اکيون بند نه آهن انهن تي پردا چڙهي ويندا آهن، انهن ليڊرن پاران ڪيل واعدن جي پوري ٿيڻ جي انتظار جا پردا۔۔