• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

يوٽيوب جي وڊيو جي ايم پي ٿري آڊيو فارميٽ حاصل ڪريو۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
السلام عليڪم دوستو!۔۔۔
ڪجهه ڏينهن سنڌ سلامت تي هڪ دوست سوال ڪيو هو ته يوٽيوب جي وڊيو کي ڊائريڪٽ آڊيو فارميٽ ۾‌ڪيئن ڪنورٽ‌ ڪري سگهجي ٿو، ڪجهه سرچنگ ڪرڻ‌کان پوءِ‌ مون کي هڪ بهترين ويب سائيٽ‌ملي آهي جنهن جي مدد سان اوهان يوٽيوب جي ڪنهن به وڊيو جي آڊيو ايم پي ٿري فارميٽ ۾ حاصل ڪري سگهو ٿا۔۔
هي ويب سائيٽ آهي وڊيو‌ٽوايم پي ٿري، جنهن تي وڃي اوهان يوٽيوب جي ڪنهن به وڊيو جي آڊيو حاصل ڪري سگهو ٿا۔۔ بس توهان کي ڪرڻو هي آهي ته انهيءَ‌وڊيو جو لنڪ ڪاپي ڪري ويب سائيٽ جي اندر اچي پيسٽ ڪرڻو آهي، انهيءَ‌کان بعد ڪجهه سيڪنڊن ۾‌فارميٽ ڪنورٽ ٿيندو ۽ اڳلي پيج تي 20 سيڪنڊن جي ترسڻ بعد اوهان جي آڊيو پاڻ جو پاڻ ڊائون لوڊ ‌ٿيڻ شروع ٿي ويندي۔۔۔۔
اميد ته مست جو هي ننڍو ونڊ اوهان کي پسند ايندو۔۔۔



ويب سائيٽ‌جو لنڪ
http://www.video2mp3.net


ويب سائيٽ جو اميج اسڪرين شاٽ۔۔
1z1bpt2.png



ڏيکاريل جڳهه تي لنڪ پئسٽ ڪريو۔۔ (هي ويب سائيٽ جو مين پيج آهي)

200wsom.jpg


هن پيج تان اوهان کي رزلٽ فارميٽ آڊيو ۾ ملندو۔۔

j6k7jd.jpg


 
جواب: يوٽيوب جي وڊيو جي ايم پي ٿري آڊيو فارميٽ حاصل ڪريو۔۔

ادا تمام بهترين ونڊ آهي مشڪل آسان ٿي وئي ۽ ٽيم به بچي ويو،
 
جواب: يوٽيوب جي وڊيو جي ايم پي ٿري آڊيو فارميٽ حاصل ڪريو۔۔

واھ ادا مست هتي هجين هان ته پيرين پوا هان يار ڪم صفا لش پش ڪري ڇڏئي شال جڙيو هجين گهوٽ ٿيندي الله ڪندو
 
جواب: يوٽيوب جي وڊيو جي ايم پي ٿري آڊيو فارميٽ حاصل ڪريو۔۔

واھ ادا مست هتي هجين هان ته پيرين پوا هان يار ڪم صفا لش پش ڪري ڇڏئي شال جڙيو هجين گهوٽ ٿيندي الله ڪندو

ادا عاشق مجبور۔۔ ٻيلي ايئن نه ڪر، مون کي منهنجي مستياڻي جي هٿان مار کارائيندين ڇا۔۔ هڪ ڀيرو گهوٽ ٿيڻ سان مست سان گهٽ ٿي آهي جو ٻيو ڀيرو گهوٽ ٿو بڻائين۔۔؟
 
جواب: يوٽيوب جي وڊيو جي ايم پي ٿري آڊيو فارميٽ حاصل ڪريو۔۔

هاهاهاهاها سائين مان مذاق پيو ڪريان۔۔]
 
جواب: يوٽيوب جي وڊيو جي ايم پي ٿري آڊيو فارميٽ حاصل ڪريو۔۔

بلڪل ادا سائين بهترين سائيٽ آهي ۽ ان سان گڏوگڏ بهترين شيئرنگ پڻ

اهڙيون ڪوششون جاري رکجو

سدائين گڏ
 
جواب: يوٽيوب جي وڊيو جي ايم پي ٿري آڊيو فارميٽ حاصل ڪريو۔۔

ادا مست اوهان جي مهرباني

اميد ته اوهان هميشه جيان اهڙو ونڊ ڪندا رهندا

دعائن ۾ ياد
 
جواب: يوٽيوب جي وڊيو جي ايم پي ٿري آڊيو فارميٽ حاصل ڪريو۔۔

ادا مست اوهان جي شيئرنگ ماشاء االله تمام بهترين هوندي آهي، هي به تمام بهترين شيئرنگ ڪئي اٿو۔
 
Back
Top