• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بالي وڊ فلمون هاڻي موبائل جي دنيا ۾ رليز ڪيون وينديون۔۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
السلام عليڪم۔۔
بالي وڊ فلمي دنيا جي هڪ اهڙي انڊسٽري آهي، جيڪا پوري دنيا ۾ ٻيون نمبر وڏي صنعت آهي۔۔ ان جو سبب اهو آهي جو اتي ايڪٽنگ سان گڏوگڏ انهن جي ڪاروباري تيڪنڪ به بهترين آهي، دنيا جا وڏا وڏا سيڙپڪار به انهيءَ‌ڪري اتي پنهنجا پئسا سيڙائڻ خوشقسمتي سمجهن ٿا۔۔۔
سينيما، وي سي ڊي ۽ پوءِ ڊي وي ڊي تي فلمون رليز ڪرڻ‌کان پوءِ، ڪجهه وقت پهرين بالي وڊ ۾ انٽرنيٽ تي فلمون رليز ڪرڻ جو رجحان پيدا ٿيو، اهو انهيءَ‌ڪري جو انٽرنيٽ دنيا جو وڏي ۾ وڏو نيٽورڪ آهي جنهن تي ڪروڙين اربين ماڻهو اچن ٿا۔۔۔ پر هاڻي بالي وڊ ۾ موبائل تي فلمون رليز ڪرڻ جو رجحان پيدا ٿيو آهي، ڇو ته انڊيا ۾ هڪ تحقيق جي مطابق ته انڊيا جي 3 ڀاڱي چار آبادي موبائل کي استعمال ڪندڙ آهي ۽ انهن مان گهڻا ماڻهو انٽرنيٽ‌ يا سينيما جو رخ نه ٿا ڪن۔۔
موبائل تي فلمون رليز ڪرڻ‌جي منصوبي کي فلحال ننڍي سطح تي آزمايو پيو وڃي ۽ ان جي لاءِ‌ پراڻين فلمن کي 15 منٽن جي اندر سمائي ان کي موبائل تي رليز ڪيو پيو وڃي۔ ان سهولت مان اهي ئي موبائل يوزر فائدو حاصل ڪري سگهندا، جن جي موبائل ۾ ٿري جي (ٿرڊ جنريشن) موبائل جي سهولت هوندي۔۔ ڇو ته وڊيو ڊائونلوڊنگ صرف ٿري جي نيٽورڪ تي ممڪن آهي، ان سلسلي ۾ مختلف فلمساز ڪمپنين موبائل تي فلمون رليز ڪرڻ جي منصوبا بنديءَ‌لاءِ‌پنهنجا سب نيٽورڪ ٺاهي ڇڏيا آهن، جن ۾ يو ٽي وي پهرئين نمبر تي آهي، پراڻين فلمن ۾ فلحال شعلي ۽ چپڪي چپڪي کي 15 منٽن جي دورانيئي ۾‌تبديل ڪري رليز ڪيو ويو آهي، جيڪي مناسب معاوضي تي موبائل يوزر ڊائون لوڊ ڪري سگهي ٿو۔۔
SB11041022.jpg


 
جواب: بالي وڊ فلمون هاڻي موبائل جي دنيا ۾ رليز ڪيون وينديون۔۔۔

واھ سائين واھ ڪم ته واھ جو ڪيون اٿن
 
جواب: بالي وڊ فلمون هاڻي موبائل جي دنيا ۾ رليز ڪيون وينديون۔۔۔

هي پيغام انڊسٽري جي ٿورو هوندو پر موبائل انٽرنيٽ ته انڊين جون نيون رليز ٿيل فلمون مختلف پارٽس ۾ اپلوڊ ڪيو وڃن ٿيو ۽ يوٽوب ته به ڏهن منٽن جي پارٽس تي پوري فلم اپ لوڊ ڪئي پئي وڃي
 
جواب: بالي وڊ فلمون هاڻي موبائل جي دنيا ۾ رليز ڪيون وينديون۔۔۔

هي پيغام انڊسٽري جي ٿورو هوندو پر موبائل انٽرنيٽ ته انڊين جون نيون رليز ٿيل فلمون مختلف پارٽس ۾ اپلوڊ ڪيو وڃن ٿيو ۽ يوٽوب ته به ڏهن منٽن جي پارٽس تي پوري فلم اپ لوڊ ڪئي پئي وڃي

ادا وري غور سان پڙهو۔۔۔۔ %-(
 
Back
Top