ادا جهانداد مهنجا پرين ان ۾ ادي سلطان اوهان کي ڪجه به ته نه چيو آهي ته ناراض ٿيڻ جي ڪهڙي ڳاله آهي يار ائين نه ڪر اهڙيون ڳالهيون نه ڪر ادي سلطان معذرت سان ۽ پيار واري انداز ۾ اها ڳالهه ڪئي آهي ته اوهان پنهنجي سنڌي پروف غلطيون سڌاريو ۽ اوهان پنهنجي هر پوسٽ پڙهي ڏسو ته سنڌ سلامت جي هر ميمبر اها ئي ڳالهه ۽ اوهان کي التجا ڪئي آهي ته ادا اوهان پنهنجي سنڌي ٺيڪ ڪيو ۽ اوهان ان ڳاله تي ناراضگي جو اظهار ڪري رهيا آهيو اها ته سڌي سئين ناجائزي آهي يار اسا ن سڀئي هتي سکڻ آيا آهيون اسان سڀ ڀائر آهيون جيڪڏهن اسان هڪ ٻئي جي غلطين جي نشاندهي نه ڪندا سي ته ڪير ڪندو ادا اسان اوهان جي پروف غلطين ڪڍڻ لاء اسپيشل ماڻهون مقرر ڪيا پر اهي به اوهان جون غلطيون صحيح ڪري ڪري ٿڪجي پيا آهين :d :d
هاڻي اوهان ئي ٻڌايو ته اسان ڇا ڪيون اوهان مٿان اهڙي قسم جون ڳالهيون ڪري رهيا آهيون يار مون کي ته اوهان جي ان رويي تي تعجب ٿو تئي بجاء ان جي جو اوهان پهنجي غلطي کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪيو الٽو فورم کي ئي ياعلي مدد چئي رهيا آهيو اهو ته درست نه آهي
مون کي شايد اسان سنڌين ترقي جي عمل ۾ سست ڇو آهيون جو سبب اڄ معلوم ٿي رهيو آهي ته اسان بجاء پنهنجي غلطي تسليم ڪرڻ جي ۽ ان کي ختم ڪرڻ جي ان تي اٽڪجي بيهي رهندا آهيون يا وري اصل ان مان هٿ ئي ڪڍي ويندا آهيون
نه ادا نه نه افراط نه تفريط الامر بين الامرين
هميشه وچون رستو ئي سٺو هوندو آهي اوهان منهنجا ڀائر آهيو مان اوهان کي اهو ئي چوندس ته اوهان يا ته اهِڙي قسم جون پوسٽون ڪيو جن ۾ گهٽ لکڻ جي ضرورت پوندي آهي يا وري اوهان پوسٽ ڪيو ۽ ڪجه نه لکو ۽ ان دوران سنڌي لکڻ جي عمل کي به جاري رکو باقي فورم ڇڏڻ سان اوهان جي سنڌي صحيح ته ڪانه ٿي ويندي نه يار شل جڙيو هجين اوهان اسان جا پيارا آهيو اسان پنهجي ان ڀائراڻي رشتي جي هجت ڪندي اوهان کي وڃڻ ڪونه ڏيندا سين جي گهڻي گهڻي ڪندو ته اسان سنڌ سلامت جي سڄي ٽيم اوهان جي گهر مهمان ٿي اينداسين ۽ ميڙ ٿي اينداسين پوِء مهماني جو خرچ الڳ ۽ مڃڻو به پوندئي :d :d ان ڪر ي نه پاڻ کي خرچي ۾ وجه نه اسان کان ڪرايو ڀراء:d
شال جڙيو هجين آباد هجين الله تعالي تو کي وڌائي