• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

1400 سال جي عبادت جو راز صرف هڪ قدم

جواب: 1400 سال جي عبادت جو راز صرف هڪ قدم

سبحان الله ۔۔۔ لک ٿورا ۔۔۔بيشڪ رمضان جي مهيني جون عبادتون تمام گهڻيون بابرڪت آهن ۔۔۔

مٺا دوست ڪيريا صاحب هڪ عرض پيش آهي ته ڪابه حديث پيش ڪريو ته حوالن جو خيال ڪندا ڪريو ؛ مطلب ته حوالي سان خبر پوندي آهي ته حديث مستند آهي يا نه ۔۔۔!!!

ٻي ڳالهه ته ڪو به ليک اوهانکي ڪنهن ٻي ٻولي ۾ ملي ۽ اوهانکي پسند اچي ته انجي سولي سنڌي ۾ ترجمو ڪندا ڪريو ۽ هن اڱڻ جي دوستن سان ونڊ ڪندا ڪريو، ڇاڪاڻ اسانجو نعرو آهي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي ۔۔۔ اسان وٽ به ڪيترائي ليک آهن جي ٻين ٻولين ۾ آهن، پر جڏهن ڪو ليک ونڊ ڪندا آهيون ته انجو ترجمو ڪري انکي سنواري سينگاري پيش ڪندا آهيون ته جيئن سنڌي ٻولي جي خدمت ٿي سگهي ۔۔۔

اميد ته دل ۾ نه ڪندا ۽ آئينده ، سنڌي ٻولي جي واڌاري واري سفر ۾ اسانجي هن اوطاق جي دوستن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلندا ۔۔۔ لک ٿورا ۔۔۔

رمضان جون مبارڪون ۽ نيڪ خواهشون سڀني سنڌين لا ۔۔۔۔۔ قبول پون
 
جواب: 1400 سال جي عبادت جو راز صرف هڪ قدم

ادا ريحان ڪيريو، اوهان جو ونڊ زبردست آهي، پر ڳالهه وري به اها ئي آهي ته اوهان دوست جڳهه به ڪا حديث مبارڪ ۽ آيتِ قرآن مبارڪ ونڊ ڪريو ٿا ته ان جو حوالو ضرور ڏيندا ڪريو ته جيئن ان روايت جي سند ثابت ٿئي ۽ اوهان جو ونڊ اثرائتو ٿئي۔۔
ٻيو ته سائين نثار جي ڳالهه وانگر، توهان ڪوشش‌ڪندا ڪريو ته سنڌ سلامت جي اندر جيڪا به شئي ونڊ ڪريو ٿا ته اها سنڌي ٻوليءَ‌جي اندر ئي ونڊ ڪريو۔۔
 
جواب: 1400 سال جي عبادت جو راز صرف هڪ قدم

انشاالله ادا هاڻ جيڪا به ونڊ ڪبي اها سنڌي ۾ هوندي انشاالله
 
Back
Top