محترمي و مڪرمي سنڌ سلامت جا ساٿيو اسلام وعليڪم @};-حق موجود@};- سڀ کان اول ته هن بندهِ خاڪسار طرفان اوهان سڀني دوستن کي برڪتن ۽ رحمتن واري مهيني رمضان شريف جي آمد جي لک لک واڌايون قبول پوي۔ منهنجا سڄڻو لاکيڻي لطيف جو هي بيت اوهان سان ونڊ ڪري رهيو آهيان جيڪو سر يمن ڪلياڻ مان ورتل آهي اميد ته هي پسند ايندو۔ شال سدا مرڪندا رهو پنهنجن پيارن سان۔ ثم آمين http://www.youtube.com/watch?v=FQLwuNjj7BE&feature=related
جواب: شاھ صاحب جو بيت سر يمن ڪلياڻ سائين عبدالستار صاحب ڪافي عرصي کان پو سائين ڀٽائي رح جو روح پرور شعر کڻي هن اڱڻ تي حاضر ٿيو آهين۔۔۔۔ سائين اوهان کي به لکين لکين واڌايون هجن۔۔۔۔ رمضان شريف جي ڀلاري مهيني جون۔۔۔
جواب: شاھ صاحب جو بيت سر يمن ڪلياڻ ادا عاشق سولنگي صاحب اوهان جي و_ڏي مهرباني سدا آباد هجو۔ @};-@};-@};-
جواب: شاھ صاحب جو بيت سر يمن ڪلياڻ ادا خير مبارڪون ، مٺا سائين هي خاڪسار اوهان جو انتهائي ٿورائتو آهي۔ @};- شال سدا مرڪندا رهو۔ آمين@};-
جواب: شاھ صاحب جو بيت سر يمن ڪلياڻ ڀائڙو عبدالستار چنو هميشه وڏا وڙَ ڪندو آهي ۽ هن اڱڻ جي دوستن سان هميشه سهڻيون شيون ونڊ ڪندو آهي ۔۔۔ لک ٿورا اوهانجا ۔۔۔ باقي آءُ به ادي زاهد جيئان هڪ ڳالهه عرض ڪندس ته يار! لائجي ته نڀائجي، اوهان وچ وچ ۾ جدايون ڪري ٿا وڃو سا سٺي ڳالهه ناهي ۔۔۔ اسين ته سنڌ سلامت جي اڱڻ تي هڪ پاسي کان اوهانجي کٽ رکي ڇڏي آهي ۔۔۔ پر جڏهن ڪيترن ڏينهن کان اها کٽ خالي هوندي آهي ته اندر ۾ اڻ تڻ ٿيندي آهي ته الله خئير ڪري دوست ڏانهن ۔۔۔ اميد ته پنهنجي کٽ تي اچي ويهندا ۽ دوستن سان حقي پاڻيءَ جي دعوتن ۾ پيا گڏ ٿيندا ۔۔۔ جي ايندين چوني آءُ ويندي چوني ويهه، ڇڏي سارو ڏيهه، اڱڻ اچج انهن جــــــي۔
جواب: شاھ صاحب جو بيت سر يمن ڪلياڻ ادا عبدالستار۔۔۔ توهان جي مهرباني جو توهان ايترو سهڻو ونڊ سنڌ سلامت جي دوستن سان ڪيو، دوستو! منهنجي ملاقات ادا عبدالستار سان ٽنڊو محمد خان ۾ هن ڀيري سائين نثار ناز جي فرزند جي وليمي تي ٿي هئي، ۽ انهيءَهڪ ملاقات ۾ ادا عبدالستار کي انتهائي قرب ۽ سمجهدار ماڻهو ڄاتوسين، اها سنڌ سلامت جي مهرباني آهي جو سنڌ جي رهاڪو دوستن کي هڪ ٻئي سان ملاقاتي ڪرائيندي رهي ٿي۔۔۔
جواب: شاھ صاحب جو بيت سر يمن ڪلياڻ محترم سائين نثار ابڙو صاحب اميد ته اوهان پنهنجي احل وايال سان خير خيريت سان هوندا رب سائين شل اوهان کي آباد رکي۔ سائين اها اوهان جي محبت ۽ پنهنجائپ آهي باقي هي بندو ته خاڪسار آهي ۽ اوهان جا لک لائق جو اوهان منهنجي لاء هن محبتي اڳڻ تي کٽ رکي هي فقير ته هڪ رلي مان گذارو ڪري ويندو وري به اوهان قرب۔ باقي سائين پاڻ يارن جا يار آهيون رکي پوء نڀائي به ڄاڻون پر ڪڏهن ڪڏهن وقت جي ظالم رسن ۽ زندگي جي لاهن چاڙهن جي هٿان مجبور ٿيو پوان۔ ان لاء هٿ ادب جا ٻڌي معافي جو طلبگار آهيان۔ سائين اوهان کي هڪ ننڍڙو عرض ڪندس !! سائين اوهان ڀلي پار ويٺا آهيو مٿان وري رمضان شريف جو بابرڪت مهينو جلوه افروز آهي بس مون خاڪسار جي حق ۾ خصوصي دعا ڪريو ته اوهان جا ڪروڙين احسان مون ناچيز مٿان۔ مهربانيون @};-@};-
جواب: شاھ صاحب جو بيت سر يمن ڪلياڻ پيارا اسد عرف مست ادا سدا مهڪندا رهو۔ ادا حقيقت ته اها آهي جو مون ۾ ڪا به خاصيت ناهي ڀلا هڪ ناچيز ۽ خاڪسار بندي ۾ ڪهڙي خاصيت هوندي ؟ قربائتا ۽ محبتي ته اوهان هيان جيڪو منهنجي گنهگار اکين ڏٺو سو ٻڌايان پيو۔ باقي اها واقعي سنڌ سلامت جي مهرباني آهي جو اسان ان محبتي اڳڻ جي ڪري ئي ملياسين۔ شال سنڌ سلامت آباد رهي شاد رهي آمين مهربانيون ادا@};-