پر توهان ته سنڌي آهيو

'ڪاڪي آچار جي اوطاق' فورم ۾ ALI AKBAR SHAR طرفان آندل موضوعَ ‏13 آگسٽ 2010۔

  1. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    السلام عليڪم
    ڪهڙا حال آهن سنگت جا هتان گذري رهيو هئيس سچيم ته سيلاب جي باري ۾ دوستن کان حال احوال وٺجن................

    اسان به فليڊ جا ماڻهو آهيو سڄو ڏينهن وتو ٿا رلندا سو اڃ مونکي هڪ عيجب منظر نظر آهيو گهوٽڪي فيڊر جي ڪپن تي ڪجهه ٻوڏ جي سنڌي متاثر پناهه ورتي آهي انن جي لاءِ حڪومت جي طرفان ڪي به اپاءُ نه ورتا ويا آهن هو خولي آسمان هيٺ بغير پاڻي جي سهولت جي ويٺآ آهن بس دعا آهي انن ماڻهن جي لاءِ جيڪي هر روز پنهنجي خرچي تي هنن کي خاد خوراڪ پهچائي رهيا آهن
    هنن ڪجهه ڏک سک ونڊيا ته مان هنن کي جواب ڏنو ته جيڪڏهن توهان بنگالي مهاجر پٺاڻ هجو ها ته سنڌ جي مجوده حڪومت توهان کي شهر اڏي ڏي ها پر توهان سنڌي آهيو پنهنجي قسمت کي چو ڇا ڪجي هي هڪ ڏکيو وقت آهي ۽ رمضان شريف جو مهينو به هلي پيو هن مهيني ۾ الله تعالي جي توهان ته ديد ضرور پوندي توهان جا سکيا ڏينهن زرور مٽندا

    هي حقيقت آهي ته جڏهن سوات جا پٺاڻ سنڌ ۾ اچي رهيا هئا ته سنڌ جي حڪومت هنن لاءِ جديد ڪيمپ لڳائي صاف پاڻي جي فرهامي کاڌي پيتي جو انظام ڪيو هو پر اسان جا سنڌي ڀائر ائين پٽ تي ستل آهن
    مان مجوده حڪومت کي هٿ ٻڌي عرض ڪيان ٿو توهان ٽي سال سنڌ کي لٽيو آهي ۽ لٽرايو پر توهان هنن ماروئڙن جي صحيح طرح حفاظت ڪريو ۽ انهن بحالي تائين امداد جاري رکو اسان سڀ ڪجهه وسارڻ لاءِ تيار آهيون
     
  2. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: پر توهان ته سنڌي آهيو

    هاڻ به هو نارو توهان جو توهان کي پُڪاري ٿو روٽي ڪپڙا اور مڪان مانگ رها هئي هر انسان
    نه بچي معاني نه پچا ڪپڙا ۽ نه وري مڪان هائي زرداري تنهنجو پير هاءِ مان گهور وڃان
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: پر توهان ته سنڌي آهيو

    ادا اڪبر شر، ڏاها ته توهان اڳ به هئا ۽ هاڻ به آيو ۔۔۔ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ۔۔۔ آءُ هميشه مک جيئان مٿو پٽيندو آهيان ته هن حڪومت ڇا پاڪستان جي ڪنهن به حڪومت کان سنڌ ۽ سنڌين لئه ڪجهه نه ٿيندو ۔۔۔

    اها ڳالهه اسانکي پنهنجي مغز شريف ۾ چڱيءَ طرح ويهارڻي آهي ته سنڌ غلام آهي غلام قوم جي فردن لئه ڪو خرچ ناهي ڪندو بلڪه انهن جي مال ملڪيت ۾ ڌارين جي نظر هوندي آهي ۽ پنهنجا انهن جا ساٿي هوندا آهن ۔۔۔۔

    انڪري اوهان هٿ نه ٻڌو ، پير ٻڌو پر ڪجهه نه ٿيندو ۔۔۔ بس الله واهي آهي ۔۔۔ سنڌ جو ۔۔۔

    ڏسجي نينگر به ننڍي جمع به گهڻا ۔۔۔۔

    ڪراچيءَ ۾ سگا وارن ٻوڏ جي ماڻهن جون ٽي ڪيمپون هيون آهن هڪ ڪلفٽن يا ڊيفينس ۾ هڪ سچل ڳوٺ ۾ ۽ هڪ گلشن حديد ۾ ۔۔۔ دوستن کان اپيل ڪئي وئي آهي ته هو وس آهر خئير ڪن ۽ پنهنجن سنڌي ستايل ڀائرن جي مدد ڪن ۔۔۔

    مون به پنهنجي وس آهر سچل ڳوٺ سگا ۾ ڪجهه پئسا جمع ڪرايا آهن ۔۔۔ سائين سليمان وساڻ هن اڱڻ جو ميمبر ان مهم ۾ حصو وٺي رهيو آهي ۔۔۔۔ جيڪي دوست جيترو به جتان به ڪجهه ڪري سگهن سي پنهنجن قومي ڀائرن جي مدد لئه ضرور ڪجهه ڪن ۔۔۔

    هن خئير جي مهيني ۾ اوهانجو خئير هجي ۔۔۔

    دعائن ۾ گڏ
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: پر توهان ته سنڌي آهيو

    ادا علي اڪبر۔۔ توهان سو فيصد درست ٿا چئو، سنڌي ماڻهن سان اهي حالتون آهن يار۔۔
     
  5. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: پر توهان ته سنڌي آهيو

    ادا اسان کي افسوس ته صرف ان ڳالھ جو آهي ته آخر اسان سنڌين جو ڏوھ آهي ڪهڙو۔۔۔۔۔۔۔؟
    سوات وارن کي جايون اسان جي حڪومت ڏئي ٿي سگهي ته اسان سنڌين کي ڇونه ان جا سبب ڪهڙا آهن۔۔؟
    اهي سوال ئي ته اسان جي دل ۾ پاڪستان کان نفرت جوسبب آهن

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو