- سنڌ سلامت فورم جو ڪوبه مذهب يا عقيدو نه آهي۔۔ هتي مسلمان ۽ هندو سميت هر مذهب ۽ فرقي يا گروهه جو سنڌي اچي پنهنجي معلومات موڪلي سگهي ٿو۔۔۔
- اسلامي سيڪشن ۾ اختلافي موضوع جي بلڪل اجازت نه آهي ۔۔۔ اهڙي موضوع کي ڊيليٽ ڪيو ويندو۔۔۔ هتي صرف اهڙي شيئرنگ ڪيو جيڪا دينِ اسلام جي ڦيلاء ۽ مسلمانن جي ٻڌي جو سبب بڻجي۔۔
- اهڙو مواد جنهن سان ڪنهن مذهبي گروهه، فرقي، قوم يا ملڪ جي دل آزاري ٿيندي هجي ۔۔ نه موڪليو وڃي۔۔۔
سنڌ سلامت جي قانونن جي مٿين شقن کي نظر ۾ رکندي ۔۔ فورم تي اسلام زنده باد سيڪشن ۾ ايندڙ مواد کي ان ڪري ادارت هيٺ آندو ويندو هو ته ان سان فورم تي ايندڙ ڪنهن به فرقي سان تعلق رکندڙ جي دل آزاري نه ٿيندي هجي۔۔۔۔
ڀلاري مهيني رمضان جي آمد تي سمورن دوستن لاءِ ان مشوري سان مٿين عائد ڪيل رڪاوٽ ختم ڪئي ٿي وڃي ته پنهنجي ذميداري نڀائيندي ۽ سموري مسلڪ جو خيال رکندي اهڙو مواد موڪلين جنهن سان ڪنهن به فرقي جي دل آزاري نه ٿئي ۽ توهان جو آندل مواد دينِ اسلام جي ڦيلاء ۽ مسلمانن جي ٻڌي جو سبب بڻجي۔۔