ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
ماڻهن کي ٻوڏ پئي ٻوڙي يا سرڪار جي بي حسي؟
سورٺ سنڌي/ميرپورخاص
ان ڳالهه کان ته ڪنهن به ريت انڪار نٿو ڪري سگهجي ته هن وقت سنڌ ۾ جيڪا ٻوڏ آئي آهي، تنهن کي روڪڻ ”اسان جي سرڪار“ جي وس کان ٻاهر آهي، پر ٻوڏ کي جيڪا تباهي مچائڻي هئي سا ته اسان ڏٺي، پر هن وقت جيڪي لکين ماڻهو ٻوڏ جي پاڻي سان مهاڏو اٽڪائي سر بچائي نڪتا آهن، سي ٻوڏ جي پاڻي کان ته بچي نڪتا، پر سرڪار جي بي حسي انهن ڏکايل ماڻهن کي ويتر ٻوڙي ڇڏيو آهي. سنڌ سرڪار کان ايترو به نٿو پڄي، جو ماڻهن کي رليف ڪيمپن ۾ آڻي ترسائي. ياد رهي ته هي اها ئي سنڌ سرڪار آهي، جنهن سوات آپريشن دوران هزارين پناهگيرين کي سنڌي عوام جي مخالفت باوجود ڪراچي ويجهو ڪيمپن ۾ ترسايو ۽ انهن لاءِ کاڌ خوراڪ توڙي صحت جو پڻ جوڳو بندوبست ڪيو هو، پوءِ آخر ڪهڙا سبب آهن جو سنڌ جي اها ئي جمهوري سرڪار پنهنجي صوبي جي ٻوڏ متاثرين کي محفوظ هنڌن تي پهچائي ناهي سگهي؟ ماڻهو بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، کين اجهو کپي، پر ڪير انهن جي واهر ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ٻاهرين ملڪن پاران پاڪستان جي ٻوڏ سٽيلن لاءِ امداد جو اعلان ته ڪيو ويو آهي، پر ڇا تيستائين سرڪار رڳو تماشو ڏسندي؟! ڇا سرڪار وٽ ايترا وسيلا ناهن جو ماڻهن کي ٻوڏ متاثر علائقن مان ٻاهر ڪڍي سگهجي؟ ٻوڏ ماڻهن کي دربدر ڪيو آهي، سندن گهر توڙي الهه تلهه ٻوڏ جي نظر ٿي ويو آهي، پر سرڪار جي بي حسي ڏسي لڳي ٿو ته گهڻا ٻوڏ متاثر بک ۽ بيمارين سبب پنهنجي حياتين کان به محروم ٿي ويندا! جيڪڏهن ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي نه پهچايو ويو ۽ کين مناسب کاڌ خوراڪ ۽ صحت جون سهولتون نه ڏنيون ويون ته وڏي انگ ۾ ماڻهو بي موت مري ويندا
