هيءُ وقت تماشبين ٿيڻ جو ناهي!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏13 آگسٽ 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    هيءُ وقت تماشبين ٿيڻ جو ناهي!​

    امر سنڌو

    واڙي ۾ ستل هن پيرسن ٻڍڙي کان پنهنجي ٻارن ڪڏهن موڪلايو؟ پنهنجي جان بچائڻ وقت واڙي ۾ ستل اها ئي پيرسن پوڙهي کانئن ڪيئن وسري؟ ان ٻڍڙي ساهه کي ڇڏي سندس ٻار ٻچا نيٺ به پنهنجي جان بچائڻ ۾ ڪامياب ويا، يا وچ سير ڪٿي سندن سر به لوڙهي ڇڏيو، سا خبر رب کي، پر جڏهن سڄو ڳوٺ، سڄو لوڪ ٻڏو پئي، تڏهن مال جي وٿاڻ مان اها ڀوري وڇ (مينهن) ان وقت اچي پنهنجي مالڪياڻي جو پاسو ورتو، جڏهن سندس پيٽ ڄاوَن به سندس خبرگيري بجاءِ پاڻ بچائڻ لاءِ هٿ پير پئي هنيا. هوءَ ننڊ ۾ ستل هئي، جڏهن ڳوٺ ئي نه، پر سندس گهر به پاڻي لڙهڻ لڳو هو. هوءَ ننڊ ۾ ئي هئي، جڏهن کيس پنهنجي گهر ڀاتين ڇڏيو. 70 سالن جي ٻڍڙي لاءِ سندس ئي پاليل ڀوري وڇ نوح جي ٻيڙي جيان پناهه بنجي آئي. هوءَ جڏهن جاڳي، تڏهن سندس حياتيءَ جو سمورو متاع پاڻي بيرحميءَ سان لوڙهيندو ئي ويو. ڀوري وڇ هن جو آسرو بنجي آئي، هن ڪراڙي ٻئي ٻانهون ڀوريءَ جي ڳچيءَ ۾ وڌيون ۽ ڀوري پاڻيءَ ۾ سانده ڪيئي ڪلاڪ پنهنجي مالڪياڻي کي کڻي ترندي رهي. ڪيئي ڪلاڪن کانپوءِ، ڪيئي ٻڏل پٽ لتاڙڻ کانپوءِ جڏهن سڪي تي سندس پير پيا، تڏهن کيس لڳو ته ڀوري کيس نئين زندگي ڏيئي چڪي هئي، اتان هوءَ امدادي ڪيمپ تائين کڄي آئي ۽ هاڻي سندس ٻارن ٻچن مان ڪير ڪير بچيو...ڪير ڪير تريو...ڪير ڪير پار پيو...کيس ڪجهه به پتو ناهي، پر کيس آسمان واري ۾ ويساهه آهي ته هن سندس ٻچن کي پناهه ۾ رکيو هوندو. ”ڀوريءَ الله خير ڪريسين نا...“ هوءَ پنهنجو ويساهه ۽ آٿت ان ئي ڀوريءَ کان وٺڻ چاهي ٿي، جنهن کيس لڙهندي بچايو، ڀوري ڪنڌ لوڏي کيس ها ڪري ٿي.

    هو ڪنڌڪوٽ ۾ پنهنجا گهر لڙهي وڃڻ کانپوءِ مال متاع لڙهندي ڏسي ساهه سوگها ڪري ڪراچي واري بس ۾ چڙهي پيا هئا. ڪراچي ماءُ جيان مهربان شهر، هر ڪنهن کي پنهنجي گود آڇيندڙ، ڇا گورا، ڇا ڪارا، ڪهڙي قوميت، ڪهڙو رنگ نسل...ڀلي پاڻ کي نه وڻي، پر هن شهر جو مزاج ئي اهڙو جو هر آئي جو آڌر ڀاءُ ڪري...داڻو پاڻي هن شهر ۾ ڪٿان نه ڪٿان نيٺ ملي ئي پوي ٿو، بَس سر لڪائڻ لاءِ ڇت کپي...اهو به شايد انهن لاءِ جن سان زائفائون گڏ آهن، ٻار ٻچا ٻيلي آهن، نه ته ڇڙن ڇانڊن لاءِ فلاءِ اوور هيٺان سر تي مٿو رکي اکيون پورڻ جي دير آهي. سهراب ڳوٺ جي فٽ پاٿ ۽ ڪنارن تي سوين کٽولا آڌي رات جو هڪ رات جي مهمانن جي آجيان لاءِ سدائين سڌا ٿي وڃن ٿا، سول اسپتال جا فٽ پاٿ به رات جو ماءُ جيان سمهارين ٿا ته سيلاني ٽرسٽ تان ويلو ٽپائي پيٽ دوزخ کي ڇنڊو هڻڻ وارن جي کوٽ به شايد هن شهر ۾ ڪڏهن نه رهي آهي. پنهنجي پرائي جي پناهه لاءِ ٻئي ٻانهون کولي بيهندڙ شهر جڏهن ڪنڌڪوٽ مان ڪاهي ايندڙ ان ڪٽنب جي آجيان ڪئي ته کين پتو نه پيو ته سهراب ڳوٺ پهچڻ کان پوءِ هو نيٺ ڪٿي پنهنجي ٻارن ٻچن جو مٿو ڇت هيٺ لڪائين؟

    ”هو منهنجي ڳوٺ جا نه هئا، پر منهنجي ٻڏل سنڌ مان آيا هئا...مون کين پريشان ڏٺو، منجهيل ڏٺو...سندن سڀ ڪجهه هيءَ ٻوڏ لوڙهي ويئي هئي، هو ڪراچي جهڙي اجگر شهر ۾ سائبان لاءِ پريشان هئا. مون سندن پريشاني سمجهي ۽ کين وٺي پنهنجي فليٽ تي رهايم.“ اها اي ميل مون کي پنهنجي ڪنهن مهربان ٻاجهاري دل واري پڙهندڙ پاران پهتي هئي. اهو شڪارپور جو ڳوٺ ميان صاحب هو، جنهن جا ڳوٺاڻا بند جي بچاءَ لاءِ رسين کي ڇڪي پاڻي جي زور سان پنهنجو زور پڄائيندي بند کي لڳندڙ گهارو بند ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هئا. پنهنجي KTN جو جان محمد مهر ان ڳوٺاڻي کان پڇي رهيو هو ته ڪيستائين اهي رسيون ڇڪي، گهارو بند ڪرڻ جون ڪوشش ڪندا؟ ”جيستائين روڪي سگهياسين، جيستائين اسان جي ٻانهن ۾ طاقت آهي...“ هن جي ٻانهن جا ڏورا ڇڪيل هئا، هن ۾ اڃا همت ۽ اڃان حوصلو نظر آيو پئي، جيتوڻيڪ هو بار بار چئي رهيو هو ته هاڻي پاڻي جو زور وڌيڪ ٿي ويو آهي اسان ان کي روڪي نه سگهنداسين. پر هن جي ٿڪل ٻانهن کان سندس عزم ۽ حوصلا اڃا به اهو ست ساري رهيا هئا ته هي مزاحمت ڪندو. هن همراهه جون هٿ تريون ضرور رهڙجي ڦٽجي چڪيون هونديون، پر کيس پتو هو ته جڏهن هو ٿڪو ۽ جڏهن هن مزاحمت جو هٿ ڇڏيو ته اهو آخري لمحو هوندو، جڏهن پاڻي سندس ڳوٺ، سندس ننڍپڻ جون گهٽيون، سندس گهر، سندس مال متاع، سندس سڄي ماضي جي گهٽين کي صفحهءِ هستي تان مٽائي ڇڏيندو. ائين ڪيترائي اهڙا ڳوٺ جنهن جا ڳوٺاڻا ڪوڏرن سان، بيلچن سان ۽ ٽريڪٽر ٽرالين کي پنهنجي پنهنجي ڳوٺن جي بچاءَ بندن جي حفاظتن لاءِ استعمال آڻي رهيا آهن، يا علي عه جو نعرو اڀري ٿو ۽ هو هڪ آواز ٿي پنهنجو زور استعمال ڪندا آهن، اهي ڳوٺ ۽ ڳوٺاڻا فوڪس ۾ کڻي نه آيا آهن ۽ ميڊيا ۾ سندن ڪو نانءُ به ڪو نه ٿو کڻي، پر جيڪڏهن هو پنهنجي مدد پاڻ تحت پنهنجا ڳوٺ، پنهنجا اجها، پنهنجو مال متاع بچائڻ ۾ ڪامياب وڃن ته وڏي ڳالهه چئبي، سندن هٿ تريون ٻاهتر ڪلاڪن تائين رسيون جهلي ٻوڏ روڪين ٿيون.

    ”منهنجو ٺل شهر ٻڏي ويو“. ڪراچي ۾ ويٺل ڪنهن مهربان پڙهندڙ جو درد منهنجي Mobile اسڪرين تي اڀري ٿو، منهنجي هيانءَ تي ڳوڙهو وڌي وڃي ٿو. ”مظفر ڳڙهه“، ”خانڳڙهه“ ٻڏي ويا، منهنجي يوسف...منهنجي مظفر جون قبرون به ٻڏي ويون.“ دوستن جي قبرن جي پاڻي ۾ لڙهي وڃڻ جي امڪان تي ست سمنڊ پار ويٺل هن صاحبِ جي دل مان دانهن نڪري وڃي ٿي. مان جذباتي ٿي ويس، مون کي دوستن جي قبرن جي لڙهڻ تان دانهن نڪتي، سنڌ ۾ هيل ته جيئرا لڙهي رهيا آهن، منهنجي اکين جا ڪنارا پسي پيا هئا. ”حميد مرکيو...سيتا روڊ جو بلڊر...پنهنجي خرچ پکي تي ڳوٺاڻن سان گڏجي ڪرين سان پنهنجي ڳوٺ جو بچاءُ بند بچائڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ٿو. سيتا جا ماڻهو 1988ع جي اها ٻوڏ به ياد ڪن ٿا، جڏهن هتي جي ٻورين بجاءِ ماڻهن رلي ۾ پاڻ ويڙهي بچاءَ بند کي لڳل روڻيون ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ڳوٺ ٻڏڻ کان بچي ويو هو ۽ ڳوٺاڻن چيو هو ته ”سيتا نه ٻڏندي“.

    مٿيان ڪجهه مثال ڪنهن ڏور ديس جي تاريخ جا نه...پر پنهنجي سنڌ جا آهن... پنهنجي آسپاس جا آهن، هنن ۾ ڪو وڌاءُ ناهي، هيءَ هنن ٻن ٽن ڏينهن جي تاريخ آهن، جيڪي عام ماڻهو لکي رهيا آهن. پڙهندڙن سان اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ونڊجي ٿو، جو هنيانءُ اڃان به ٻڏندڙ آهي. ٻوڏ جي هن ڊينجر زون مان پنهنجو خطو اڃا نڪتو ناهي، هن ديس ۾ ٻه وڏيون ٻوڏون اڃا تباهي جا سامان کڻي ايندڙ آهن. هي مثال ٻه چار حوالا ڏيڻ جو مقصد دراصل ان سياست جي پراڻي پانڌيئڙي ۽ ليڊر جي تنقيد جي حوالي سان به هئا، جنهن منهنجي هن ايس ايم ايس ته ”سنڌ جا چاهيندڙ ليڊرو، هن وقت پنهنجا سياسي بيان پاسيرا رکي مصيبت جي هن گهڙي ۾ پنهنجي ديس واسين سان گڏ بيهڻ جو عملي مظاهرو ڪريو، پنهنجي ڪارڪنن کي ائين موبلائيز ڪريو، جيئن پنهنجي سياسي جلسن ۾ ڪريون ٿا.“ ان ايس ايم ايس جو مقصد دل آزاري يا تنقيد نه هو، پر دراصل اپيل هئي ته ڏکئي وقت ۾ لمحي کن ۾ پنهنجي رائج تنقيد، سياسي بيانبازي جو ٽريڪ ڇڏي پنهنجي ڪارڪنن کي عوام سان گڏ بيهڻ، ٻانهن ٻيلي ٿيڻ لاءِ موبلائيز ڪجي، پر مون کي ان جو هڪ عجيب جواب آيو. سياست ۾ ان جو بيشڪ وڏو منطق هوندو، پر مصيبت جي هن وقت اهو جواب هڪ سياسي بيان هو ته، ”پيپلز پارٽي جا ماڻهو جيڪي پاور ۾ آهن، انهن بابت ڇا خيال آهي؟ تون انهن کي سپورٽ ڪندي رهي آهين، اهو سوال تون انهن کان ڇو نٿي ڪرين؟؟ ڇا هوءُ Power ۾ فقط ڪرپشن ڪرڻ لاءِ ايندا آهن؟“ ته جواب ۾ وڏي بحث جي گنجائش هئي، Power ۾ موجود ماڻهن جي ڪرپشن لاءِ، Justification لاءِ نه، پر اهو چوڻ لاءِ ته ”ڇا پاور ۾ نه ايندڙ سياسي ڌرين کي ديس تي آيل مصيبت ۾ فقط تماشبين وارو رول ادا ڪرڻ کپي ۽ Power ۾ ڪرپشن جي ڄاڻ رکندي به ڇا پنهنجي ماڻهن کي ”سرڪار“ جي آسري ۾ اڪيلو ڪجي؟ مون کان ڪجهه نه پڳو هو، فقط ايترو لکيم ته ”توهان جو اهو جواب سياستدان جو ته ٿي سگهي ٿو، پر هڪ ليڊر جو نه، ليڊر قوم کي سرڪار جي آسري نه ڇڏيندا آهن. تاريخ جا حوالا ٻي ڪنهن دفعي ڏينداسين، پر عرض فقط ايترو ڪرڻو آهي ته ستر سالن جي ڪراڙي کي جڏهن گهر ڀاتي به الله آسري ڇڏي وڃن ته انسان ته پري ڀوري وڇ به سندس ساهه بچائڻ جو سامان ڪري سگهي ٿي.

    سهراب ڳوٺ ۾ ڪنڌڪوٽ جي ٻوڏ سٽيل ڪٽنب جو آسرو، اهو شخص به ٿي سگهي ٿو، جيڪو ڪي پل ئي سهي کين پنهنجي ڇت جي پناهه آڇي ٿو. شڪارپور جي ميان صاحب جا ڳوٺاڻا ٻاهتر ڪلاڪن کان هٿ ترين بند کي روڻي لڳڻ کان بچائڻ جو ساهس ڪن ٿا، اهي گهر بچائڻ، ڳوٺ بچائڻ لاءِ ڏندن، هٿن سان رسا جهلي پاڻي سان زور زوران ڪن ٿا، ان ڪري جو هو ”سرڪار“ جي آسري ۾ پنهنجا پکا لوڙهي نٿا سگهن، پنهنجا ڳوٺ ٻوڙي نٿا سگهن. پنهنجي ڳوٺ جي بچاءَ لاءِ پنهنجي بازوئن جو استعمال ڪن ٿا. سيتا ڳوٺ جا ڳوٺاڻا جيڪي ڪوڏر هڻي سگهن ٿا، ڪوڏر هڻن ٿا، جيڪي مشينري ڏيئي سگهن ٿا، سي مشينري کڻائي پهچن ٿا. ان ڪري جو کين پنهنجو ڳوٺ، پنهنجو مال، پنهنجي ٻارن جي سرن مٿان ڇت جو سائبان بچائڻو آهي. هو ”سرڪار“ جي نااهلي جي ماتم بجاءِ، بند ۾ پوندڙ روڻي کي بند ڪرڻ جو ڪم پهرين ڪن ٿا. ”ٺل شهر ٻڏي ويو...“ ڪراچي ۾ ويٺل ٺل واسي جي دل مان دانهن پهرين نڪتي، هو تماشبين نه هو، ست سمنڊ پار رهندڙ پنهنجي دوست جي لڙهي ويندڙ قبر جي امڪان تي ڀري ويهي ٿو. پنهنجا ٻچا، پنهنجا لوڙها، پنهنجا ڳوٺ، پنهنجاشهر بچائڻ لاءِ ماڻهو بس اٿي پوندو آهي، مصيبت جو ويلو ٽاريندو آهي، گهر ۾ لڳل باهه لاءِ به فائر برگيڊ جي انتظار ۾ پنهنجي ٻچن کي رک ٿيڻ نه ڏبو آهي. شايد ان ليڊر لاءِ هيءَ سنڌ سندس گهر مثل نه هئي ۽ شايد سنڌ واسي سندس ٻچن جيان نه هئا، ان ڪري شايد اها ننڍڙي ڳالهه منهنجي ديس جي ليڊر جي اعليٰ منطق کي قائل نه ڪري سگهي. هن رياست وٽ يقين ڪريو ته ايتري صلاحيت ڪانهي، جو اها ايڏي وڏي مصيبت کي منهن ڏئي سگهي، ان ڪري ان جي اوسيئڙي ۾ پنهنجا لوڙها لوڙهجن، ان کان اڳ نڪري اچجي، جتي ڏوڪڙ نه ڏيئي سگهجن ته اتي ڪوڏر هڻي سگهجي ٿي، ڪريل ڇپر هيٺان ٻار کڻي سگهجي ٿو، جتي پهچي نه سگهجي، اتي آٿت موڪلي سگهجي ٿي، بس جتي ٻيو ڪجهه به نه ڪري سگهجي، اتي سندن حوصلو، سندن همت بڻجي سگهجي ٿو. اقتدار ۾ ويٺل ماڻهن کي ٻيهر ووٽ لاءِ انهن درن تي اچڻو آهي، هيءَ قوم کائن حساب ڪتاب ضرور ڪندي، پر تماشبين ٿي ويٺل سنڌ پرستن کي ميار ته ڏبي. يقينن وٽن وسيلا نه به هجن، پر هو Man power رکن ٿا، وٽن هر ضلعي، هر تعلقي ۾ يونٽ هوندا. آفت زده، ٻوڏ جي لپيٽ ۾ آيل ضلعن، تعلقن ۽ شهرن ۾ سندن ڪاميٽيون ٺهي سگهن ٿيون، رضاڪارانه طور تي هو ڪيمپن ۾ ويٺل خلق جا ڳوڙها اگهڻ جو ڪم ڪري سگهن ٿا. جيڪڏهن هو چاهين ته يقينن هينئر سڄي سنڌ جا بازو بڻجي سگهن ٿا. هيءَ مصيبت ڳري آهي، هيءُ ڏک سنڀالڻ کان مشڪل آهي، عمر جي جمع ڪيل پونجي ۽ لوڙها پاڻي ۾ لڙهندي ڏسڻ آسان ناهي. اسان جي ديس ۾ سخاوت جي روايت شايد هاڻي ناپيد آهي، سياست ۾ فلاح جو نڪتو هاڻ عدم موجود آهي. بس اهو ياد رکڻو آهي، بار بار ذهن ۾ رکڻو آهي ته صفحهءِ هستي تان هٽائي ڇڏڻ واري مصيبت ۾ هر شخص کي، هر ٻئي شخص کي سهارو ڏئي جيئارڻو آهي. پنهنجي سرڪار تي يقين نه به ڪريون، پر گڏيل قومن جو ادارو خبردار ڪري ٿو ته هيءُ ڪشمير زلزلي، هيٽي زلزلي ۽ سونامي کان به وڏي اسڪيل جي تباهي آهي. هيل دنيا جا هٿ پاڪستان کي امداد ڏيڻ لاءِ سوڙها ٿيل آهن، هڪ ڪروڙ چاليهه لک جي آبادي بي گهر ٿي آهي، پنهنجي سنڌ ۾ ڏهه لک ماڻهو بي گهر آهن، اجهي ۽ پنهنجي ڇت کانسواءِ آهن، ڪا به سرڪار کين مڪمل طور تي ٻيهر آباد نه ڪري سگهندي، ۽ جڏهن دنيا جا هٿ به سوڙها ٿيل آهن ته پنهنجون دليون، پنهنجا هٿ کولڻا پوندا، پنهنجي پنهنجي اوڙي پاڙي ۾ ڏسڻو پوندو ته ڪير ڪير آهي، جنهن جا ٻار بک تي آهن، ڪير ڪير آهي، جيڪي اڃا بندن تي کليل آسمان هيٺ ٻار ٻچا، نياڻيون، ڪراڙا وٺي ويٺل آهن.

    ڀلي ڏکيو لڳي، پر وري به عرض ته هيءُ وقت تماشبين ٿيڻ جو ناهي، هيءُ وقت پنهنجي ديس، پنهنجي گهر بچائڻ جو آهي، هيءُ وقت پنهنجي ديس واسين جو بازو ٿيڻ جو آهي، هيءُ وقت سنڌ جا لڙڪ اگهڻ جو آهي.



    [​IMG]
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هيءُ وقت تماشبين ٿيڻ جو ناهي!

    ادا ممتاز، ميڊم امر سنڌو هن ليک ۾ جيڪي ڳالهيون لکيون آهن، سو سيڪڙو سچيون لکيون آهن، هر تنظيم ۽ هر طبقي جي ماڻهن کي ٻوڏ متاثر ماڻهن جي امداد لاءِ‌پاڻ پتوڙڻ‌ گهرجي، صرف حڪومت جي آسري ۾ نه ويهڻ‌گهرجي۔۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هيءُ وقت تماشبين ٿيڻ جو ناهي!

    اچو ته هڪٻئي جي مدد ڪرڻ جا رستا ڳولهيون ۽ انهن تي هلي پئون، پنهنجي آس پاس جا جيڪي به وسيلا هجن اهي استعمال ڪريون ۽ پنهنجن دوستن ۽ رشتيدارن جي مدد وٺي پنهنجن قومي ڀائرن جي مدد ڪريون ۔۔۔ رستا موجود آهن صرف گهر کان نڪرڻ جي دير آهي ۔۔۔۔

    ڏسو ڪٿي دير نه ٿي وڃي ۔۔۔۔ الله لڳ ان ڪم ۾ اوير ٿيڻ نه گهرجي ۔۔۔۔۔

    رب اوهانجو حامي ۽ ناصر هجي ۔۔۔۔
     
  4. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: هيءُ وقت تماشبين ٿيڻ جو ناهي!

    مصيبت پُڇي ڪونه ايندي آهي جيڪڏهن اچي وئي آهي ان کي سياسي اشو نه بڻايو وڃي .................. آرٽيڪلس يا ڪالم لکڻ جو وقت ڪونه آهي حڪومت بي بس نظر اچي پئي ماڻهن جي اکين ۾ خوف نظر اچي پيو جنهن جا گهر ٻڏي چڪا آهن اهي ته رات جو ننڊ ضرور ڪندا هوندا پر جنهن جي گهرن ڳوٺن شهرن کي خطرو آهي انن جو ننڊو حرام آهن ڪم رڪجي ويا آهن ................ فصلن لاءِ آرتي خاد خوراڪ نه ٿا ڏين گذر سفر لاءِ هنن وٽ به پئسو ناهي ...... ذميندار هاري کي خرچ نه ٿا ڏين هو به هن سيلاب جي وچ ۾ اچي فاٿا آهن پر پاڻي ڪونه آهي ............. پوري سنڌ هن وقت سيلاب جي ور چڙيل آهي بس رب پاڪ کان دعا آهي جئين چڳا وقت منٽ ۾ گذري ويندا آهن ائين هو ڏکيو وقت به گذار
     
  5. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: هيءُ وقت تماشبين ٿيڻ جو ناهي!

    سنڌو درياءَ جو وڏو وهڪرو مورو جي ڪچي کان ڪراس ڪري رهيو آھي ڪچي جا سمورا ڳوٺ ٻڏي ويا. اتان جي ڳوٺاڻن فون تي ٻڌايو آھي تـه سندن ڪابـ سار نـ لڌي وئي آھي سرڪاري ماڻهو ڪي بـه ٻيڙيون ڪاهي نـه آيا آهن ۽ نـه ئي کاڌي پيتي جو سامان پهچايو اٿن. ٽيهارو کن ڳوٺن جا ماڻهو سنڌو درياءَ جي تيز وهڪرن وچ ۾ ڦاسجي چڪا آهن. وٽن بچاءَ جو ڪو وسيلو ناھ، رڳو خدا جي آسري آهن ـ
     
  6. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: هيءُ وقت تماشبين ٿيڻ جو ناهي!

    ادا الله سائين رحم ڪندو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو