مست
سينيئر رڪن
ضلع نوشهروفيروز جي تعلقي ڪنڊيارو ۽ ڀريا جي وچ ۾ ۽ ٺاروشاهه ۽ ڪنڊيارو شهرن جي رستي جي عين وچ ۾ واقع تاريخي شهر درٻيلو کي هينئر تازو ايندڙ ٻوڏ مان خطرو ڏسيو ويو آهي۔۔ درٻيلو درياءِ جي رستي کان وڌ ۾ وڌ 5 ڪلو ميٽر پرتي آهي ۽ درياءِ جي ٻئي پاسي ميهڙ شهر آهي جتي مشهور پير سعدي موساڻيءَجي درگاهه آهي ۽ درٻيلو جا عقيدتمند زائرين هر هفتي جمع جي رات ان ئي رستي وسيلي 5 ڪلوميٽر پنڌ ڪري وري درياءَ وارو مفاصلو ٻيڙين تي طئه ڪري سعدي موساڻيءَجي زيارت ڪري ايندا آهن۔۔۔ اونئن ته ٻوڏ جو پاڻي فقط درٻيلو جي ڪچي واري علائقي يعني ”ڀاڳو“ ۽ ابڙن جي ڳوٺ تائين پڄي اتان جي ڍنڍ کي پُر ڪندو آهي پر وڏا ٻڌائين ٿا ته وڏي ٻوڏ جي دوران انهن درٻيلو جي تاريخي قبرستان سان لڳو لڳ واقع پراڻي بازار ”نولکي“ تائين به درياءَ جو پاڻي پڄندي ڏٺو آهي، پر انهن مطابق اها ته پراڻي يعني ويهه سالن کان به اڳ جي ڳالهه آهي
هن ڀيري پوري پاڪستان ۾ تباهي مچائيندڙ تاريخي ٻوڏ جتي ٻين ڪيترن ئي شهرن کي صفحه هستي تان مٽايو آهي اتي ئي درٻيلو جي باري ۾ به خطرو ڏيکاريو پيو وڃي، ڇو ته هن ٻوڏ جا گهٽ ۾ گهٽ ٽي سيلابي وهڪرا ٻڌايا پيا وڃن، جيڪي 11 لک ڪيوسڪ ۽ ان کان به مٿي ٻڌايا پيا وڃن، جن مان پهرئين ئي وهڪري ۾ درياءَجو پاڻي آخري ۽ وڏي بچاءُ بند تي اچي لڳو آهي۔ ان جي نتيجي ۾ انهيءَبند کان هيٺ واقع 15 کان به مٿي ڳوٺ، جن ۾ ابڙا، سيال، گوپانگ ۽ سهاڳ ذاتين جا ڳوٺ شامل آهن انهن کي ٻوڏ جو پاڻي ٻوڙي چڪو آهي، اهو آخري بچاءُبند درٻيلو شهر کان هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آهي۔
هاڻي جڏهن اڃان ان وهڪري کي گذرندي هڪ ڏينهن مس گذريو آهي ۽ پاڻيءَجو ليول اڃان گهٽ نه ٿيو آهي ته مٿان وري ٻئي وهڪري جو ٻڌي درٻيلي جي ماڻهن جو ساهه مٺ ۾ اچي ويو آهي، ڇو ته درٻيلي جي چونڊيل نمائندن به هتان جي تمام ذاتين جي ماڻهن کي سڏرائي اهو مشورو ڏنو آهي ته هو پنهنجي بچاءُ لاءِحفاظتي قدم کڻي وٺن، ڇو ته پاڻي جي دٻاءَ سبب هتي وڌيڪ نقصان ٿيڻاڻ ٽر آهي ۽ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو۔ انهن ذاتين ۾ منهنجي ڳوٺ ميرجت محلا جا ماڻهو به شامل آهن، اهو پاڙو عين درٻيلو شهر ۾ سيد الهندو شاهه جي حويلي سان بلڪل لڳولڳ آهي، جيڪڏهن واقعي ٻوڏ جو ٻيو وهڪرو اچي ٿو ته پوءِ هتي نقصان ٿيڻ اڻ ٽر آهي۔ توڙي جو درٻيلي جا چونڊيل نمائندا پنهنجي وس آهر چوويهه ڪلاڪ بچاءُبند جي نگراني ڪن پيا ۽ بچاءُ بند ۾ پوندڙ ننڍين وڏين روڻين کي ڳوٺاڻن ۽ آبپاشي کاتي جي مدد سان بند ڪن پيا پر هي ڳالهه انهن جي وس کان چڙهيل نظر ٿي اچي، ڇو ته سندن چواڻي ته حڪومت کين ڪي به فنڊ نه ڏئي رهي آهي ۽ هو جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آهن پنهنجي ذاتي ملڪيت مان ڪري رهيا آهن، ڇو ته عوام ئي سندن سڀ ڪجهه آهي۔ اهي چونڊيل اڳواڻ ۽ هر سياسي پارٽيءَجا نمائندا بنا ڪنهن فرق جي عوام جي بچاءُلاءِ قدم کڻي رهيا آهن پر وڌيڪ حال تي قدرت رحم ڪندي۔۔