جيئن ته کچٽ ڪندي، دنيا جي مشهور قارين جي تجويد تي نظر پئي، جنهن کي ”فتي الامة“ نالي هڪڙي عرب سڳوري پنهنجي پريميئم اڪائونٽ تي اپلوڊ ڪيو آهي. انهيءَ کي ڊائونلوڊ ڪرڻ جو مسئلو درپيش ٿيو ته دوستن کان مدد ورتم. الحمدلله مسئلو ته حل ٿي ويو، پر جلد ئي احساس ٿيو ته 10 جي بي جو فري اڪائونٽ انهيءَ لاءِ ناڪافي آهي ۽ جيڪڏهن وڌيڪ مفت وارا اڪائونٽ ٺاهجن ته هارڊ ڊرائيو ۾ ايتري گنجائش نه آهي ۽ ٻيو ته ايتري ساري ڊيٽا کي ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ طويل مدت گهربي. ڊيٽا تقريبا 200 جي بي تي مشتمل آهي. انهيءَ کان پوءِ ايڊ ڪيل فائل ڊيليٽ ڪري ڇڏيا. فائيل ڊيليٽ ڪرڻ کان پوءِ ڊسٽ بن به خالي ڪري ڇڏيم... انهيءَ جي باوجود ڊيليٽ ڪيل فائلن جي اسپيس خالي ناهي ٿي.
هاڻي هڪڙو ڀيرو وري ڀائڙن ۽ دوستن کي گذارش ٿي ڪجي ته سولي سنڌيءَ ۾ انهيءَ مسئلي جو حل ٻڌائين ته آخر 8 جي بي جي ڊيٽا ڊيليٽ ڪرڻ کان پوءِ به اڪائونٽ ۾ اسپيس خالي ڇو ناهي ٿي.