واهه ڙي سنڌي موالي واهه هرڪو موالي منهنجي خيال ۾ اهڙي قسم جي نيت ڪري روزو رکندو آهي، باقي سنڌي موالين جي خبر سنڌي موالي کي هُوندي، هڪڙو ڀوڳ روزي جي حوالي سان مونکي به ياد پيو اچي
هڪڙي گونگي يا ڄمار ۾ پهريون روزو رکيو! مهينوبه هُجي جولائي جو گرمي به اهڙي هُجي جو اصل ڇُٽيان ڳالهيان، مٿان وري بجلي جي لوڊ شيڊنگ، گونگو ويچاري کي روزي رکڻ بعد صُبح يارهين وڳي روزي اچي بيحال ڪيو۔ سولڙي آيو پنهنجي ڏاڏي ڏانهن اشارن ۾ چوڻ لڳو ته اهو روزو ڪيڏي مهل کُلندو، ڏاڏنهس اشارن ۾ سج طرف اشارو ڪندي کيس چيو ته جنهن مهل اهو سج، اوڀر کان اولهه طرف لهي ويندو اُن مهل روزو کُلندو، گونگو سج طرف منهن ڪري ويٺو رهيو، جولائي جي مهيني جو سج اصل ڍڳو پير پيران، گونگي کي گرمي سببان روزي صفا بي حال ڪري ڇڏيو ٺيڪ ڏينهن جي ٻارهين وڳي وڌي آيو پنهنجي امڙ وٽ، کيس اشارن ۾ چيو ته جيجل هي روزو ڪيڏي مهل کُلندو اصل ساهه ٿو وڃي، ماڻس به ساڳيا اشاري ڪندي چيو ته سج جڏهن اوڀر کان اولهه طرف لهي جڏهن گُم ٿي ويندو ان وقت روزو کُلندو، گونگو ڃان ڃان مان مان ڪندو سج طرف مُنهن ڪندو ويٺو رهيو ، جڏهن ڏينهن جا ٻه وڳا ته گونگي کي روزي ۽ گرمي سببان ڏينهن جا تارا ڏسڻ ۾ آيا سو ڊوڙِي آيو پنهنجي ڀيڻ وٽ کيس ڳان ڳان ،ڃان ڃان ، مان مان ، ڪري اشارن ۾ چوڻ لڳو مري ويس، روزو ته اصل ساهه پيو ڪڍيم اهو روزو ڪيڏي مهل کُلندو، ڀيڻس به اها ساڳوڻي ڳالهه اشارن ۾ ٻُڌايس ته جڏهن سج اوڀر کان اولهه طرف لهي گُم ٿي ويندو ان وقت روزو کُلندو، گونگي نڪو ڪئي هم نڪا ڪئي تم فوري سج طرف ٿُڪون اڇلائي سج کي ڀونڊا ڏئي اشارن ۾ چيو ته اهو سج لڳي ٿي اتي ئي هُوندو، ڪڏهن ڪونه لهندو۔