سازش يا انقلاب

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عمران درويش سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏16 آگسٽ 2010۔

  1. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    دوستو ۔ هن ملڪ ۾ آيل سيلاب جي افسوس واري گهڙي ۾ اسان سڀني جو فرض آهي متاثرين سان گڏ رهي
    سندن ڏک ۽‌تڪليف ونڊي سگهون۔ اهڙي طرح حڪومت جو به سيلاب متاثر بي گهر ٿيل ماڻهن جي مدد ۽ تحفظ
    جي لا انتهائي اهم ڪردار هئڻ کپي ٿو۔
    دوستو ڪنهن به اداري سان ڪو مسئلو پيش ايندو آهي ته ان کي حل ڪرڻ جي لا سڀ گڏجي ڪم ڪندا آهن۔
    ان ۾ ضروري نه آهي ته سرپرستِ اعليى هر وقت موجود هجي، ڇاڪاڻ ته منتظمِ اعليى ، سرپرست ِ اعليى جي هدايتن ۽ مشورن
    تي هلي پنهنجو ڪم جاري رکي سگهي ٿو۔۔
    پر اها ڳاله شايد اسان جي ميڊيا جي ڪجهه مخصوص ماڻهن ۽ سياست چمڪاڻ جون ڪوششون ڪندڙ "سابقن" کي سمجهه ۾
    ئي نه ٿي اچي، ان جو وڌيڪ تفصيل هيٺ ڏنل آرٽيڪل ۾ ڪيو آهي۔
    پڙهي پو پنهنجي قيمتي را کان آگاو ڪندا


    سازش يا انقلاب
    گذريل ڪجه عرصي دوران حڪومت ۾ ويٺل ماڻهون پنهنجي تقريرن توڙي پريس ڪانفرنس يا سياسي بحث مباحثن ۾ سندن خلاف سازشون ٿيڻ جو ذڪر ڪندا رهيا آهن. انهن سازشن جو ذڪر ايئن ٿيو ته ڪنهن چيو ته جمهوريت خلاف سازش ٿي رهي آهي ۽ ڪنهن چيو ته مفاهمت کي نقصان رسائڻ جي لاءِ سازشون ڪيو پيو وڃن. آۡخر اهي سازشون ڪير ڪري رهيو هيو؟ ان جي وضاحت حڪمرانن نالي طور ته نه ڏني پر انهن ماڻهن جي خلاف اشارا اهڙي طرح ڪيا ته هر عقلمند ڄاڻايل ماڻهن جي نشاندهي ڪري سگهي. ۽ وري حڪمرانن جن جي طرف اشارا ڪيا انهن جي ردِ عمل ڳاله ٻولهه ۽ وري حڪومت جي خلاف ڌاڙ گهوڙا مان اهو واضع ٿي رهيو هيو ته حڪومت جي آڱر به انهن ڏانهن ئي هجي. حڪومت جي خلاف سازشون ڪندڙ ۾ ڪجهه سياستدان ۽ اڪثر سياسي اداڪار ٻڌايا ويا آهن، خوصوصًا خانگي صحافتي ادارن سان تعلق رکندڙ اينڪرز، جن جي گفتگوءَ ۾ اٿندي ويهندي حڪومت تي خصوصي طور ملڪ جي موجوده صدر تي تنقيد جي ڄڻ عادت ٿي ويئي آهي. انهن اينڪرز جا مختلف پروگرام هلندڙ هئا جن ۾ ان سلسلي سان لاڳاپيل هرپروگرام ۾ بحث جو موضوع ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان صدر تي تنقيد ڪرڻ هيو. هن جو پرورگرام تحقيق جي مطابق مهيني ۾ 99 سيڪڙو صدر تي تنقيد تي ئي هوندو آهي، ۽ ڏسندڙن جي اندازي موجب هن جي هر پروگرام ۾ ساڳيا ئي 5 ماڻهن مان 2 يا 4 ماڻهو حاضر هوندا هئا جيڪڏهن حاضر نه به ٿيا ته فون تي ضرور پنهنجي اندر جي ڪاراڻ اڳاريندا هئا. مسلسل هڪ ئي ماڻهو تي تنقيد ڪئي ويندي آهي، ڪڏهن صوبي جو نالو خيبر پختونخواه رکڻ تي ،ڪڏهن سنڌي ٽوپي تي ته ڪڏهن لباس تي ۽ وري ڪڏهن ڪنهن تقريب ۾ سنڌي جو لفظ استعمال ڪرڻ تي. اهڙي عمل کان پوءِ عوام اهو تاثر پيدا ٿيو ته چند اينڪر حڪومرانن تي سنڌي هجڻ جي بنياد تي تنقيد ڪري رهيا آهن. اهو سلسلو شايد ختم ٿيڻ وارو نه هو تنهن ڪري عوام ڌر ٻڻجڻ جو فيصلو ڪيو ۽ انهن جي خلاف احتجاج ڪرڻ لاءِ نڪري پيا. عوام سندن خلاف احتجاج ته ڇاڪيو، انهن کان عوام مسئلا وسري ويا ۽ عوامي مسئلن جي جاکوڙ وارو عمل ختم ڪري ڇڏيو. اٽڪل ساڍا ست ڪلاڪ اها نشريات هلائي وئي ته ساڻن ظلم ٿي رهيو آهي، ڪجهه ماڻهو سندن بربادي لاءِ نڪتل آهن پر ان اداري کان اها ڳالهه وسري وئي ته اهو ردعمل سنڌي عوام جو آهي ۽ عوام پنهنجو فيصلو ٻڌائي چڪي هئي. ان اداري کي به اها ڳالهه محسوس ٿيڻ لڳي عوام دشمن اينڪرز جي حمايت ۾ واويلا ڪرڻ اجائي ٿيندي آخر ڪار سخت عوام جي ردعمل کانپوءِ ان اداري صحافتي آزادي تي داڳ بڻجڻ واري اينڪر کي برداشت ڪرڻ کان معذرت ڪري سندس لاءِ دروازا بند ڪري ڇڏيا. جيڪو تمام خوش آئند فيصلو هو. اهڙي عمل کانپوءِ اهو اينڪر ان عمل ۾ حڪومت کي ملوث قرار ڏئي رهيو هو. عوامي حڪومت تي جيڪڏهن سنڌي هجڻ جي بنياد تي تنقيد ڪئي وڃي سنڌ جي سدين پراڻي سوکڙي سنڌي ٽوپيءَ تي تنقيدي آڱر کڻڻ واري جي مخالفت عوام ئي نه ڪندو ته ٻيو ڪير ڪندو. عوامي ردِ عمل کان ڊنل اهو اينڪر تقريبًا 2 مهينا عوام کان لڪل رهيو، جنهن کانپوءِ عوام کي سندن حق لاءِ جاکوڙيندڙ نشريات ڏسڻ ۾ پئي آئي پر اڃان به ڪجهه ماڻهون ميڊيا بدناميءَ جو سبب بڻجي رهيا هئا. خيراهو سلسلو ختم نه ٿيو سنڌين تي تنقيد مان شايد انهن ايترو ڪمايو هئو ته هو ڪو نئون ادارو کولي يا خريد ڪري سگهن. 2 مهينن کانپوءِ اها غائب ٿيل شخصيت وري هڪ ٻئي چئنل تي انتظاميا طور ظاهر ٿيو. پر عادت کان مجبور ماڻهو ڪيڏاهن وڃي بس پوءِ هڪ نئون پروگرام ڪرڻ شروي ڪري ڏنو ۽ ساڳيا لاٽو ساڳيا ئي چُگھَ تنقيد جو هڪ نئون دور شروع ٿيو، ان اينڪر جي ناهلي ان ڳاله مان واضع آهي ته هو ڪڏهن به براهراست عوام جي سامهون پروگرم نه ٿو ڪري سگهي ، سندس ٽاڪ شو ريڪارڊيڊ هوندو آهي ۽ جنهن کي “ايڊٽ” ڪري صرف هڪ طرفو موقف عوام جي سامهون آڻي عوام ۽ حڪومت جي وچ ۾ اخلاقي ۽ اعتماديءَ لاڳاپن کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهي. پر چوندا آهين ته هڪ دفعو وڃايل اعتماد وري ڪڏهن به بحال نه ٿو ٿي سگهي. ٿيڻو ايئن ئي هيو ته عوام جي شديد ردِ عمل جي باجود به انهن اينڪرز عوامي رائي جذبات جي خلاف ورزي ڪئي ته هڪ دفعو ٻيهر انهن کي عوام سان منهن ڏيڻو هيو، عوام سندن احتجاج کي هڪ نئين طرح سان منظر عام تي آندو ته ڪيبل آپريٽرز سان تعاون ڪري انهن جي چئنلز کي ناپسند قرار ئي انهن جي نشريات بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. پر واه سائين واه ان جي ذميوار به صدر زرداري، گذريل ڪجه ڏينهن اڳ هڪ افسوسناڪ واقعو سامهون آيو جنهن ۾ 158 ان واقعي ۾ اسلام آباد ۾ مارگلا جي پهاڙ سان جهاز ٽڪرائجي تباه ٿيو هيو. پر افسوس ان ۾ به ڪنهن نه ڪنهن طرح صدر کي زميوار ڪوٺيندي بي بنياد تنقيد ڪئي ويئي. تازو ئي صدر جي برطانيه ۽ فرانس جي دوري کي ميڊيا ۾ اهڙي طرح اٿاريو ويو جيئن ته صدر زرداري هن ملڪ جي مان ٻاهر وڃڻ سان ڪا وڏي تباهي اچي ويندي. هڪ طرف ڏٺو وڃي صدر تي ايتري قدر نامناسب تنقيد ڪئي پئي وڃي ته عير ملڪي صحافتي ادارا به سوچي تنقيد ڪرن پيا ته شايد انهن ماڻهن جي پنهنجي ملڪ ۾ ڪائي عزت ئي نه آهي.ان سموري تنقيد جو رڪارڊ اڄ به موجو آهي. سوال اهو آهي ته عمران خان جي شهريت برطانيا جي آهي، ميان نواز شريف جو پُٽُ سڳورو يوايس اي ۾ ڪاروبار ڄمائي ويٺو آهي. پاڪستان سان تيلق رکندڙ سعديه وارثي ڪنزرويٽو پارٽيءَ ۾ ڊيوڊ ڪيمرون جي هدايتن هيٺ ڪم ڪري رهي آهي. مختلف پارٽين جا اڳواڻ اتان جي شهريت رکن ٿا ڇا انهن جي لاٰءِ پاڪستان جي همدردي لازم نه آهي، عمران خان جا ٻار به برطانيه ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن ۽ انهن کي پاڪستان جي قوميت ئي حاصل نه آهي ته انهن تمام ماڻهن کي به احتجاجن برطانيه سان سمورا تعلقات ختم ڪري اتان جي ملڪيتون واپس آڻي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري سان ملڪي ڪاروبار کي هٿي ڏين صرف صدر تي دوري جي لحاذ کان تنقيد ڪرڻ نا مناسب عمل آهي ۽ تنقيد ڪرڻ وارن کي اهو واضع رهي ته صدر پرڏيهي ملڪن برطانيه ۽ فرانس جو دورو سير ۽ تفريح لاءِ نه پر دهشتگردي خلاف جنگ ۾پاڪستان جي ڏنل قربانين ۽ پرڏيهي ڪمپنيز کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ راغب ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ وڃي رهيو آهي ۽ ملڪي سربراهن جا پرڏيهي دورا ڏينهن يا هفتن ۾ نه پر طئي ٿيل شيڊول مطابق هوندا آهن، انهن کي نظرانداز يا ملتوي ڪرڻ سفارتي آدابن جي ڀڃڪڙي برابر آه تنقيد کان آسان ڪو به عمل نه هوندو آهي، پر تنقيد ڪرڻ کان اڳ زميني حقيقتن جو جائزو وٺڻ تمام ضروري هوندو آهي. ميڊيا ۾ ويٺل ڪجه ماڻهن کي ان حقيقت کان منهن نه موڙڻ گهرجي ته عوام جي مرضيءَ کانسواءِ ڪجهه به نه ٿي سگهي. ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته عوام جي فيصلو انقلاب هوندو آهي انکي سازش چوڻ عوام جي جذبات جي کي سازشي قرار ڏيڻ جي برابر ٿئي ٿو.

    عمران درويش سومرو
    I_darvesh@yahoo.com

    [​IMG]
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سازش يا انقلاب

    ادا درويش‌ يار ڪهڙيون ڳالهيون ٿو ڪرين، سنڌي ماڻهو حڪومت ۾ هجن يا اپوزيشن ۾، سدائين ملڪي ذريعا سندن خلاف ئي استعمال ٿيندا آهن۔۔۔ اهي حڪومت ۾ هوندي به نالي ماتر حڪمران هوندا آهن، هن حڪومت جو مثال وٺون ته هي به اهڙي حڪومت آهي جنهن جي خلاف مملڪت جا ٻه بنيادي پاوا ”عدالت“ ۽ ”نشريات يا ميڊيا“ مخالف طور ڪم ڪري رهيا آهن۔۔۔۔ زرداري وري به پاڻ بچايو وڃي ٿو۔۔ باقي انهيءَ اينڪر ”ش۔م“‌ جي اصليت کي ته عوام ڄاڻي ورتو آهي، سندس پروگرام ۾ توهان ڏسندو ته هن ڪڏهن به فيصل رضا عابدي جو انٽرويو وري نه ورتو هوندو ڇو ته هن کيس هڪ ئي انٽرويو ۾ لاجواب ڪري ڇڏيو هو ۽ سندس مقصد پڌرا ڪيا هئا۔۔۔ کيس منهن تي چيائين ته اوهان جو هي پروگرام ڪهڙو عوامي پروگرام آهي جيڪو ڪيتري ئي عرصي کان وٺي شروع به زرداري تان ٿئي ٿو ۽‌ ختم به زرداري تي ٿئي ٿو۔۔ ڪنهن عوامي مسئلي جو ذڪر ئي نه ٿا ڪريو۔۔۔ ٻيو وري چيائينس ته توهان کي جڏهن ڏيڍ لک پگهار ملندي هئي ته زرداري توهان لاءِ سٺو هو، توهان جي مفت جي پگهار ڇا بند ٿي اوهان جو دشمن زرداري بڻجي ويو۔۔۔۔
     
  3. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: سازش يا انقلاب

    ادا مست ڳالهه ڪنهنجي ڪردار جي نه آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    ڳاله صرف سنڌين سان ساڙ جي آهي۔۔ زرداري جهڙو به هجي پر يار آهي ته ڌارين جي اک ۾ ڪنڊو نه۔
    جيڪڏهن ڪردار جي ڳالهه ڪنداسين ته هن وقت ملڪ ۾ هر طرف اونداهي آهي شخصيت هڪ نعمت هوندي آهي
    ۽ الله جنهن کي چاهي عزت ڏي ۽ جنهن کي چاهي زلت ڏي۔ سو هن دفعي ڪنهن سنڌ سان تعلق رکندڙ جي هٿ ۾
    واڳ ڏئي ڇڏيا اٿس۔۔۔ ڀلي اهو شخص ڪنهن جو به مفاد سوچي برداشت ٿي ويندو ۔ پر سنڌي هجڻ جي بنياد تي ان تي
    تنقيد ڪڏهن به برداشت ڪونه ٿيندي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    ادا اها ڳالهه ئي ته پنجابين کي کُکي ٿي ته آخر هي بچي ڇو ٿو وڃي، ۽ وري واويلائن جو لُڙُ شروع ڪري ڇڏين ٿا۔۔۔۔
    ۽ اسان وري انهن کي ڏسي قوميت وساري ڪردار تي ٽُٽي پونئون ٿا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    وڌيڪ هر ڪنهن جي پنهنجي مرضي آهي ۽‌ هر انسان سوچن جو مالڪ آهي۔۔۔۔
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سازش يا انقلاب

    محترمه سائين دوريش صاحب

    توهان جي سڄو آرٽيڪل پڙهو هي ملڪ صرف الله پاڪ جي سهاري هلي رهيو آهي ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن ملڪ جي حڪمرانن ملڪ کي ڪٿان به ڇڏيو ناهي

    باقي رهي ڳالهه زرداري صاحب جي ته مان توهان سان متفق آهيان

    الله تعالي توهان کي لکڻ جي اڃا وڌيڪ سگه عطا ڪري آمين

    سدائين گڏ
     
  5. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سازش يا انقلاب

    الله تعالي توهان کي لکڻ جي اڃا وڌيڪ سگه عطا ڪري آمين
    بهترين ونڊ آهي
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سازش يا انقلاب

    >:d< ادا توهان صحيح‌ لکيو آهي، ڳالهه سنڌي هجي سوچڻ جي حساب سان صحيح ‌آهي۔
     
  7. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: سازش يا انقلاب

    ادا اوهان ڀائرن جا قرب ۽ کوڙ ساريون دعائون گڏ رهيون ته انشا الله مالڪ به مهربان ٿي پوندو ڪم سولا ٿي پوندا۔۔۔۔

    لک ٿورا۔۔۔
     
  8. سنڌي موالي

    سنڌي موالي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏15 آگسٽ 2010
    تحريرون:
    39
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سازش يا انقلاب

    دوستو هي موالي سمورو آرٽيڪل پڙهيو دوستو ير سيلاب جا متاثر اسان جا پنهنجا سنڌي اٻوجهارا منهجا مائرون آهن ير هي آرٽيڪل پڙهي روئي پيو آهيان دوستو اسان موالي امن پسند ماڻهو آهيون ير پر ڪڏهن ڪڏهن اسان موالن جو به ميٽر ائين گهمي ويندو آهي پو۽ اسان موالي هن پاڪستان ۾ انقلاب اڻيندا سين جڏهن اسين ڏنڍا ۽ ڪنڍو کياسين نه پو۽ اهي سمراج ڪڏي ويندا دوستو اسان موالي پي ڪري بس دينا جا ٿا رنگ ڏسون دوستو جڏهن هي موالي جڳايو ته پو۽ ڏسجو دوستو مجبور آهيو اسان ير پنهنجا اسان سنڌي سياست دان اسان جو ٻيڙو ٿا ٻڏن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  9. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: سازش يا انقلاب

    ادا جنهن ميڊيا جي توهان ڳالهه ڪئي آهي ................. هي مشرف جي خلاف به ته ڏنڊا ڪڻي ويٺا هئا ...... پر هن دور موچڻا به کاڌا ته ڪم به ڪيا ........... پر هي نه وري موچڙا کائڻ پسند ڪرن ٿا نه وري ڪم پو ڪئين ڪجي .... ميڊيا پنهنجي ڪمائي جو طريقو لهندي آهي پوءِ کڻي ايوانن ۾ هو پاڻ ويٺا هجن تنقيد ضرور ڪندا
     
  10. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: سازش يا انقلاب

    پر ادا مشرف جي خلاف ميڊيا ايتري به باهه نه ٻاري جيتري هينئر ڏسڻ ۾ پئي آئي۔۔
    نه مشرف سنڌي ٽوپي ۽‌ نه ئي ان تي تنقيد ٿي۔۔ لباس تي تنقيد صرف موجوده سنڌي صدر تي
    ٿي رهي آهي،
     
  11. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سازش يا انقلاب

    ادا بهترين ونڊ آهي مهرباني .
     
  12. حفظ الله ڪاڪا

    حفظ الله ڪاڪا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    54
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    358
    جواب: سازش يا انقلاب

    سلام محبت۔۔۔۔
    ادڙا، ايترو گهرو سوچڻ سان ڇا سنڌ ۽ سنڌين جي خوابن جي تعبير ممڪن آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔؟
    جيڪڏهن ائين آهي ته پو اسان ڪهڙي نموني قدمن کي اڳڀرو ڪجي۔ حقيقتن کان ڪير به اڻ واقف نه آهي ۽ نه ئي ويساهه گهاتيون ڪنهن کان ڳجهيون نه آهن۔۔۔۔
    اختلاف ڪنهن سان ۽ ڇو رکجي، رهي ڳالهه زرداري ته ان آئون بلڪل اتفاق رکان ٿو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  13. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سازش يا انقلاب

    ادا پنجابين کي وڏو سور ته زرداري جو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔زرداري به اندروني سنڌ جو. پنجابي ئي ته اسان جا وڏي ۾ وڏا دشمن آهن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو