السلام عليڪم دوستو! ڇا توهان پنهنجي ڪي بورڊ ۽ مائوس جي استعمال تي ڪجهه رڪاوٽون هڻڻ چاهيو ٿا جيئن ڪجهه بٽڻ وغيره بلاڪ ڪرڻ يا انهن جي استعمال ٿيڻجو طريقو مٽيل ڏسڻ ٿا چاهيو؟ جيڪڏهن ها ته پوءِ هي بهترين سافٽ ويئر فقط توهان جي لاءِئي آهي، هن جي ذريعي اوهان هر اهو عمل انجام ڏئي سگهو ٿا جيڪو اوهان پنهنجي مائوس ۽ڪي بورڊ کان چاهيو ٿا۔۔۔ وڌيڪ تصويرن ۾ڏسو۔۔۔۔ سافٽ ويئر ڊائون لوڊ ڪرڻ جو لنڪ
جواب: مائوس ۽ ڪي بورڊ کي ڪنٽرول ۾ رکو، اهو ته سڀ صحيح آهي مست پر اسان پوڙهن جي ونڊو جو اهو حال آهي جو بار بار ڪُئو(مائوس) چاٻي تختو(ڪِي بورڊ) بغير ڪنهن آپشن جي پاڻهي پاڻهي چُر پُر کان نابري واريو ڇڏي، ان کان علاوه مست جڏهن کان نئون ونڊو لڳايو اٿم اها اڙِي پيو ڪري ته سِي ڊرائيو جنهن ۾ ونڊو کان سواکان ٻي ڪا به شي ڪانهي تڏهن به سِي ڊرائيو فُل پيو ٻُڌائي، نتيجي ۾ سمورو ونڊو جهڙو ڪر بلاڪ ٿيو وڃي۔ ان ڪري سنڌ سلامت جي دوستن سان حال احوال اورڻ ۾ دقت پئي پيدا ٿئي۔سائمنٽڪ اينٽي وائرس کي سي ڊرائيو ۾ لڳايو هُئم ان کي سي ڊرائيو مان ڪڍيم ته خبر پئي سي ڊرائيو ۾ 80 فيصد جڳه خالي آهي، اسان اڻ پڙهيلن ۽ ڪمپيوٽر جي ڪم کان وانجهيل ماڻهن لا اهڙا مسئلا روز روز جا معمول آهن۔ مست ڪو مستي ڀريو مسئلي جو حل ٻُڌائي ته آخر ڇا ڪيو وڃي۔ ڇا رِلِي ڪري سا به پُسيل سمهي رهجي۔ يا انشا جِي اُٺو اب ڪُوچ ڪرو وارو نعرو هڻي ڦاٽل رِلي ڪلهي رکي ڪمپيوٽر جي دنيا کي ست طلاقون ڏئي ٻاهر نڪري پئجي۔
جواب: مائوس ۽ ڪي بورڊ کي ڪنٽرول ۾ رکو، ادا مست هي ته انسٽال ڪرڻ مهل ڊاٽ نيٽ گهري رهي آهي، ڀلا ايئن ممڪن آهي جو ڊاٽ نيٽ کان بغير انسٽال ٿئي
جواب: مائوس ۽ ڪي بورڊ کي ڪنٽرول ۾ رکو، سائين۔۔۔۔۔ مست سمجهي ٿو ته ڪو نئون تازو وائرس اوهان جي ڪمپيوٽر سان هٿ چراند لائي ويٺو آهي، جيسين پوري ڪمپيوٽر کي فارميٽنه ڪندو ته جان نه ڇٽندي۔۔۔۔ ٻيو ته سائمنٽيڪ وارو دور ويو اوهين هاڻي اويرا اينٽي وائرس انسٽال ڪريو۔۔۔۔