سنڌ جو قصيدو

'استاد بخاري' فورم ۾ زاهد سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏16 آگسٽ 2010۔

  1. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    استاد بخاري جي شاعري جيڪا وائيس آف سنڌ ڊاٽ نيٽ جي ٿورن سان هتي ونڊ ڪري رهيو آهيان۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مونکي بيحد پسند آئي جو مون هتي به شيئر ڪئي آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اميد سڀني سنڌ واسين کي پسند ايندي۔۔۔۔۔۔۔۔

    سنڌ جو قصيدو



    ساڃهه سرمو پاءِ، پوءِ پَسجِ سنڌ کي،
    ’جنّت عدن تجري مِن تحتِه الانهار‘، ساري سيِم سُهاءِ
    جُوءِ نه ڪنهنجي جاءِ، بخاري هِن ڀُون ۽ سان.

    نعمت، ڪوهستان، جنت، لاڙ، سرو، ٿر،
    هِتي حُور، قصور جو سمورو سامان،
    ’فَبِاَيّ آلآءِ رَبِّڪُما تُڪذّبِن‘، جاچيو، جوءِ جهان،
    ڪعبو، نبي، قرآن، بخاري سڀ ڀونءِ تي.

    مون لئي ’مازاغَ البَصَر‘، پڻي تنهنجي پاڪ،
    ڪوثر ڪڻيون موڪليون، مٿان گلن ماڪ،
    ستئي باغ بهشت جا، اٿئي، تر جا ٿاڪ،
    بخاري بيباڪ ڪهيو ڪلمو حق جو.

    پَسو، سنڌو پاڪ، اک کڻي استاد جان،
    جھِرمِر جھِرمِر ڪهڪشان، خوشبو خوشبو خاڪ،
    هميشه حنساڪ، سونهارِي سنسار ۾.

    سهيڙي سڀ روشنيون، ميڙي سڀ سرهاڻ،
    وجھي سنڌوءَ سير ۾، مَسُ ڪري مهراڻ،
    لکي مون واکاڻ، بخاري هن ڀونءِ جي.

    هِن تر جي تعريف، ادا ڇا استاد ٿئي!
    رمزون سڀ ربيع ڪريان، خوبيون سڀ خريف،
    تڏهن بي تعريف، پتي پوري ڪانه ٿئي.

    سنڌوءَ جي ساراهه، انت نه ٿئي استاد کان،
    هوءَ جا بوِ بهشت جي، سرها تُنهنجا ساهه،
    هو جو دونهون دوزخي، اهنجي تنهنجي آهه،
    پسيو ٺاهه ۽ ڊاهه ٻهڪيو هانءُ ٻريو پوي.

    نِت نِت نئين نيڪي، جيڏي ڪريان جوُءِ جي،
    تارن جوتون موڪليون، ڦُلن بوءِ ڦينڪي،
    سو سڀ منهنجي سنڌ ۾، جڳت ۾ جيڪي،
    ڏات، اڃا ڏي ڪِي، بات ڀوُنءِ جي.

    استاد آخرڪار، مرڻ ناهي ميهڻو،
    همّت جي هڪ ڏينهن تان، صدقي سال هزار،
    غيرت ڪِج نه غار، بوتو ڀينڊ ڀريو ته ڇا!

    ڌرتي تنهنجو ڌيان، ائين آ استاد کي،
    ٻُڌا جئين لوچي لڌو، گمراهي مان گيان،
    هُن ڳوليو نروان، آءٌ آجايون ڳوليان.

    بي حد ڀونءِ بيان، ادا ڇا استاد ٿئي!
    ڳوهيان ظرف زمان ۾، موهيان منجھه مڪان،
    مِٽيءَ مانُ مهان، اڃا آڳاهون گھڻو.

    بي حد ڀونءِ بيان، ادا ڇا استاد ٿئي!
    هڪڙي ذرڙي زندگي، هڪڙي ضعيف زبان،
    جان جان جِيءَ ۾، تان تان وطن جي.

    سنڌوءَ جي ساراهه، ادا ڇا استاد ٿئي!
    منهنجو ساهه مُني صدي، سندس سونهن اٿاهه،
    اسان کي اللهَ، ڏني سنڌڙي ڏاڻ ۾.

    سنڌوءَ جي ثنا، ادا ڇا استاد ٿئي!
    ڪِرڙ، ڪنڊيون ڪلڪون ڪيان“ پَڌر پَٽ پَنا،
    ڇَپر، ڪَک، ڇنا ڳائِن ته به ڳالهيون گھڻيون.

    وطن ۽ ويساهه، سمجھان، ساڳي ڳالهه ٿو،
    آزادي، الله، هوندا هڪڙي هنڌ تي.

    جيڏو سچّو، سلڇڻو ايڏو سياڻو
    جيڏو ارڏو، بي ڊپو، ايڏو نماڻو
    ناتو اباڻو، سَگھو منهنجو سنڌ سان.

    هو جو مون سپنو ڏٺو، اهو هو آفاق،
    تتو ٿر جو ٿاڪ، سو مون ساڀيان ماڻيو.

    شاعري چانڊاڻ ٿي، موسيقي سرهاڻ
    مون توسان مهراڻ، آفاقي ناتا ڳنڍيا.

    هينئون توڙي هوش، ڏِياري هِن ڏيهه جي،
    جيڪو جذبو، جوش، وطن تان واري ڇڏيان.

    سنڌي منهنجو ساهه، سنڌي منهنجو سَتُّ،
    رڳون، ٻوٽيون، رَتُّ، منهنجون هِن مٽيءَ مان.

    تن ۾ جا طاقت، سَڀَ بخاري سنڌ جي،
    ”مران مران، مات نه کان“، اها اشرافت،
    اهم عبادت، اٿم ورد وطن جو.

    سوچون، لوچون، سَگھ سڀُ حوالي سنڌ جي،
    امل ٿِيَن اگھه، مران، جيئان ماڳ تي!

    وطن سان ايمان، اٿم قائم، مولوي!
    رسالي کي سنڌ جو، سمجھان ٿو قرآن،
    مران مسلمان، اکئين آجائي ڏسي.

    سِنڌو منهنجي ماءُ، ٻڌي ڇڏ هي ٻول تون!
    پاپيءَ سان پرچاءَ، پرچڻ آب ۽ آڳ جو.

    ٻُڌ او، ماءُ ــــــ ٻولي، ڪوي قول ڪري چُڪو!
    ڄاڙيءَ تي گولي، سنڌي ٻولي ڄڀّ تي.

    ڪيڏو آءٌ ڪوي مگر، ڪريان ڳالهه سچي،
    سنڌي قوم بچي، بچيس، نه ته مري ويس!

     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سنڌ جو قصيدو

    واھ استاد بخاري بهترين
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌ جو قصيدو

    واه سائين واه اصل مٽ ڀڃئي ڇڏيئي

    تمام بهترين شاعري آهي اهڙي ونڊ ڪرڻ تي توهان جي اسپيشل مهرباني

    پر اڃ ڪلهه گهٽ پيا نظر اچو فيڪٽري ۾ اوور ٽائيم پيا ڪريو ڇا ؟؟؟

    توهان جي اهڙي شيئرنگ جو انتظار رهندو


    سدائين گڏ
     
  4. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: سنڌ جو قصيدو

    جي قبلا فيڪٽري ۾ اوور ٽائيم آهي۔۔۔۔ ۽ ٻيو ته وري پنهنجي ڳوٺ ۾ به ٻوڏ جي اچڻ جو% 100 خدشو آهي ۽ پاڻ انهي لڏ پلاڻ ۾ مصروف لڳا پيا آهيون۔۔۔۔

    بس دعائون ڪريو الله سائين خير ڪري۔۔۔۔۔
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: سنڌ جو قصيدو

    مٺا زاهد جاني اصل تمام بهترين ونڊۡيو ڪيو اٿئي، او امٺا پنهنجن کان پل به پر نه ٿجي پر توهان ته جاني اصل مهينن جا مهينا خبر ناهي الائي ڪيڏانهن ٿا هليا وڃو، ڪجهه اسان تي به قرب ڪندا ڪيو، ڀيرو ڀريندا ڪريو۔ ٻيلي پراڻا ساٿي آهيون
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ جو قصيدو

    سهڻا زاهد، تمام سهڻو نظم ونڊ ڪيو اٿوَ، اوهانکي رمضان ڪريم جون مبارڪون هجن ۔۔۔

    جيتوڻيڪ هن نظم تي تمام ڊگهو بحث ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته نظم ۾ فڪري رواني ۽ لفظن جي استعمال ۾ جيڪا ڳالهه چئي وئي آهي ان مطابق سائين محترم بّخاري صاحب حب الوطني ۾ ايترو اڳتي هليو ويو آهي جو عشق مجازي کي ئي عشق الاهي سمجهي ويٺو آهي ۔۔۔ ۽ دين اسلام کان ٻاهر نڪري ڳالهه ڪئي اٿس ۔۔۔ اوهان سندس لفظن تي غور ڪندا ته ڪافي شيون آهن جن تي غور ڪبو ۽ انهي فڪر سان سهمت ٿبو ته پو اسانکي قرآن جي علم کي ختم ڪرڻو پوندو ۔۔۔ ۽ جي قرآن کي اسان پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏينداسون ته پو ٻيو ڪجهه به ٿي سگهونٿا يا چورائي سگهونٿا پر مسلمان نه ۔۔۔

    نشاندهي ۾ ٻه جملا لکانٿو؛
    1۔ اهم عبادت، اٿم ورد وطن جو ۔۔۔
    مطلب ته وطن وطن جو ورد ڪندو رهجي ته اها اهم عبادت آهي ۔۔۔ انهن لفظن تي غور ڪبو ته ڳالهه سمجهه کان چڙهي ٿي وڃي ۔۔۔ ته پو سورت نور جو اهو قول ته “ ڪامياب آهن اهي ماڻهون جي خريد وفروخت جي وقت الله جي ذڪر کان غافل نٿا ٿين” هاڻ الله الله ڪجي يا وطن وطن ڪجي ۔۔۔ مونکي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ۔۔۔
    2۔ رسالي کي سنڌ جو سمجهانٿو قرآن ۔۔۔
    جي رسالو ئي قرآن آهي ته پو جنهن قرآن تي اسانجو ايمان آهي، انجو ڇا ٿيندو ۔۔۔

    دوستو! وطن عبادت، رسالو قرآن ۔۔۔ انهن لفظن تي غور ڪبو ۽ جي انهي فڪر تي هلبو ته پو پاڻ مسلمان نه پر ٻيو ڪجهه ٿي سگهونٿا ۔۔۔ وڌيڪ اوهان دوست سمجهائي سگهو ته لک ٿورا ۔۔۔ممڪن مون سمجهڻ ۾ غلطي ڪئي هجي ۔۔۔

    هڪ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته عشق مجازي، عشق حقيقي ناهي هوندو ۔۔۔ ها عشق مجازي عشق حقيقي جي ڏاڪڻ وارو ڪردار ضرور ادا ڪندو آهي ۔۔۔

    والله عالم ۔۔۔
     
  7. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌ جو قصيدو

    ادا زبردست شيئرنگ آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو