• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جواب ملي ته ٻڌائجو

نثارابڙو

نائب منتظم
سنڌ سلامت جا دوستو
حق موجود
هيٺ ڏنل ٽن تصويرن کي غور سان ڏسي ٻڌايو ته هنن ۾ ڪهڙي شئي هڪجهڙي آهي؟
ڇا اهي سڀ معجزا آهن يا انساني ڪرتب؟
جواب ملي ته ٻڌائجو ضرور
سدائين گڏ
نوٽ؛ ٻه تصويرون ته دوستن اڳ ۾ ونڊ ڪيون آهن، هن ۾ صرف هڪ تصوير نئين آهي

72708788.jpg


16312446.jpg


12574317.jpg
 
سائين ڪجه چئي نٿو سگهجي مون پوڙهي جي اڳي ئي نظر ڪمزور آ مٿان وري اهڙيون تصويرون ڏئي ڪر ي اسان جي ديد جو امتحان نه وٺو سائين ابا اهو نو جوانن جو ڪم آهي اسان پوڙهن کي ته ان کي ڏسي ڪري چڪر اچي ويا آهين شل جڙيا هجو سائين
 
ڀيڻ رابيا & سنڌ سلامت جا دوستو
حق موجود
ڀيڻ منهنجي خيال ۾ ته اوهان لکيو آهي ـ گيپ جو فرق آهي“ يا وري مونکي سمجه ۾ نه آيو ...
سنڌ سلامت جا دوستو ؛
هي انسان جا ڪرشما آهن، ڪجه ڏينهن اڳ مون هندستاني ٽي وي NDTV تي اسٽيج پروگرام O, it is Friday ويٺي ڏٺو، ان پروگرام ۾ هندستان جو ناميارو اداڪار رتڪ روشن به آيل هو ... پروگرام ۾ هڪ انگريز فنڪار پنهنجي ساٿي فنڪاره سان گڏجي ڪجه ڪرتب ڏيکاريا ...

سنڌ سلامت جا دوستو ، يقين ڪريو ته، نه فقط رتڪ جو وات پٽجي ويو پر اسان ڏسندڙن کي به ڏندي آڱريون اچي ويون ...
ٿيو ڇا جو هن فنڪار پنهنجي ساٿي فنڪاره کي هڪ دٻي تي ليٽايو، مٿان چادر وڌي ، آڱر جي اشاري سان ان دٻي کي هوا ۾ مٿي کنيو ۽ جهٽ ڏئي چادر لاهي ورتي ... چادر جي لهڻ کانپوءِ دٻو ان ڇوڪريءَ سميت غائب

چوڻ جو مقصد ته انسان الله جو نائب آهي کيس اهڙا ته علم آهن جو هو اسانجي اکين تي پردا چاڙهي ڪو به ڪرشمو ڪري سگهي ٿو ... بس اسانکي حيرت ئي حاصل ٿيندي آهي ...

ڀيڻ رابيا، الله اوهانکي خوش ۽ خئير سان رکي ... بس عرض آهي ته رومن لاپيءَ ۾ سنڌي لکڻ جي بجاءِ موجود سنڌي صورتخطيءَ ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪريو ته مهرباني ... اسانجون اکيون ٿڌيون ٿينديون ...

سدائين گڏ دعائن ۾
 
واه سائين واه مطلب ته اوهان ND TV imagin ڏسندا آهيو پو ء ته اوهان ڌرم وير ، ڪتني محبت هي ۽ رادها ڪي بيٽيان وارا ڊراما به ڏٺا هوندا hall chari ها سائين اهو مون به ڏٺو هو ان ۾ واقعا اهڙآ ڪرتب ڏيکاري تعجب خيز ڪري ڇڏيندا آهن ان ۾ هڪ هڪ دفعو اهڙيون ڪالابازيون هم مائي کاڌيون جو مهنجو دماغ چڪرائجي ويو سائين ڪجه ماڻهو اهڙآ آهن به جيڪي گهڻو ڪجه ڪري ڏيکاريندا آهين ته ڪجه ڪيمرا جي صفائي هوندي آهي ته ڪجه هٿ جي صفائي
 
ادا، انسان کي الله سائين اشرف المخلوڪات بڻائي موڪليو آهي، يعني سڀني کان شان ۽ مان واري مخلوق، پر اسان آهيون جو پنهنجي ذات 'کي وساري دنيا جي ڪمن ۾ کُپِي ويا آهيون،
 
Back
Top