• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منهنجي سنڌ امڙ جو خيال رکجو

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
اچو ڙي سورن واريون ڪريون سور پچار۔۔۔۔۔۔۔۔۔
عوامي آواز ڪراچي جي ٿورن سان۔
جيڪب آباد پاڻي جي گهيري ۾، آخري وارننگ جاري، ريلوي ٽريڪ ٽوڙي شڪارپور بچايو ويو
حيدرآباد/ جيڪب آباد/ دادو/ لاڙڪاڻو / شڪارپور (نمائندن وٽان): سنڌو درياهه جي ٻوڏ جيڪب آباد شهر کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي. پاڻي شهباز ايئر بيس ۽ موچي بستي ۾ داخل ٿي ويو آهي. دادو مورو پل وٽ پاڻي جو دٻاءُ وڌڻ ۽ روڻيون پوڻ ڪري هيوي ٽريفڪ لاءِ پل بند ڪئي وئي. شڪارپور شهر کي بچائڻ لاءِ ريلوي ٽريڪ ۽ قومي شاهراهه کي ٽوڙي پاڻي جو رخ تبديل ڪيو ويو. جڏهن ته جيڪب آباد شهر کي بچائڻ لاءِ آخري ڪوششن طور باءِ پاس ۽ جمالي واهه کي 15 کان وڌيڪ گهارا هنيا ويا آهن. دادو، لاڙڪاڻو، نوابشاهه ۽ نوشهرو فيروز ۾ پاڻي جو دٻاءَ برقرار آهي. جيڪب آباد ضلعي انتظاميا شهرين کي شهر خالي ڪرڻ لاءِ آخري وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي. ٻوڏ جي پاڻي، شهباز ايئر بيس ۽ موچي بستي کي ٻوڙي ڇڏيو آهي ۽ شهر کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي. ضلعي انتظاميا پاران شهر کي بچائڻ لاءِ آخري ڪوششن تحت ڪوئيٽا جيڪب آباد باءِ پاس ۽ جمالي واهه کي مختلف هنڌن تان 15 ڪٽ هنيا آهن. جنهن ڪري سنڌ ۽ بلوچستان جو زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي ۽ ريلوي ٽريفڪ معطل ٿي وئي آهي. جيڪب آباد، شڪارپور روڊ تي آپٽيڪل فائيبر ۾ فني خرابي سبب هڪ موبائل فون ڪمپني ۽ انٽرنيٽ سروس بند ٿي وئي. جڏهن ته جيڪب آباد سکر روڊ تي ٽريفڪ معطل ٿي وئي. جيڪب آباد ۽ سکر ريلوي ٽريڪ به پاڻي هيٺ اچي ويو آهي. شڪارپور مان رپورٽر طارق پٺاڻ موجب بيگاري ڪئنال ۾ پيل گهارن کان پوءِ ٻوڏ سبب 50 کان وڌيڪ مختلف ڳوٺن کي ٻوڙيندي پاڻي پنهنجو رخ تيزي سان شڪارپور طرف ڪيو ۽ تيزي سان وڌندڙ پاڻي لوڊرا گرڊ اسٽيشن سميت 10 کان وڌيڪ ننڍن وڏن ڳوٺن کي ٻوڙيندي پاڻي هيٺ آڻي ڇڏيو. بعد ۾ شهر کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ هيوي مشينري ۽ ڪرينون گهرائي لوڊرا ڀرسان ريلوي ٽريڪ ۽ نيشنل هاءِ وي کي ٽوڙي پاڻي جو رخ ڪچي طرف ڪري ڇڏيو، جنهن سبب شڪارپور شهر في الحال ٻوڏ جي خطري کان محفوظ ٿي ويو. گرڊ اسٽيشن ۾ اچانڪ ٻوڏ وارو پاڻي اچڻ تي عملي ڀڄي ڪري پنهنجي جان بچائي. جڏهن ته پاڻي پهچڻ شرط بجلي معطل ٿي وئي. لوڊرا گرڊ اسٽيشن جنهن کي اُچ پاور پلانٽ کان سپلاءِ ٿيندي آهي جيڪا بعد ۾ شڪارپور شهر، نئون ديرو، لاڙڪاڻو، شهدادڪوٽ، جيڪب آباد ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن کي بجلي فراهم ڪندي هئي، ٻوڏ جي پاڻي اچڻ سبب گرڊ اسٽيشن بند ٿي وئي ۽ سمورن شهرن کي بجلي جي سپلاءِ معطل ٿي وئي ۽ 16 ڪلاڪن کان وڌيڪ بجلي پڻ بند رهي، جڏهن ته حيسڪو انتظاميا هنگامي بنيادن تي سکر مان بجلي اوڌار طور ورتي جيڪا شهر ۾ وقفي وقفي سان فراهم ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن بيگاري ڪئنال ۾ لڳل گهارا اڃا تائين بند نه ٿي سگهيا آهن. خان پور تعلقي جي 6 ڳوٺن ڳڙهي تيغي، عالم شاهه، ميان صاحب، وڪڙي، نور محمد سبزوئي ۽ ٻين ڳوٺن ۾ لڳل گهارن تباهي آڻي ڇڏي آهي. جڏهن ته خان پور تعلقي جي 30 کان وڌيڪ ڳوٺ لعل ڏنو پهوڙ، ڌڻي بخش پهوڙ، يار محمد، قاسم پهوڙ، عبدالعزيز پهوڙ، گهرام ڪلادي سميت ٻيا ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. جڏهن ته ڳوٺ قاسم پهوڙ جي رهواسڻ مسمات حنيفا زال ليمون پهوڙ دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي وئي آهي. هوڏانهن گهارن جو پاڻي لوڊرا گرڊ اسٽيشن ۾ پهچڻ ۽ شهر طرف رخ ڪرڻ جو اطلاع ملڻ تي پاڪ فوج ۽ رينجرز جا جوان هنگامي بنيادن تي پهتا جڏهن ته ڊي پي او شڪارپور عبدالحميد کوسو پڻ واقعي واري هنڌ پهتو جيڪي سڄو ڏينهن مانيٽرنگ ڪندا رهيا. جڏهن ته گهاري کان پوءِ آيل ٻوڏ واري پاڻي سبب علائقي ۾ ڪوبه ايريگيشن عملدار نه پهتو. هوڏانهن شهر اندر ٻوڏ جي پاڻي داخل ٿيڻ جي خوف سبب شهرين ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو ۽ ڪيترائي شهري واقعي واري هنڌ پهچي ٻوڏ جو منظر ڏسندا رهيا، جڏهن ته لڏپلاڻ جو سلسلو اڃا تائين جاري آهي. لاڙڪاڻي مان رپورٽر سرڪش سڌايو موجب سنڌو درياهه ۾ سپر ٻوڏ کان پوءِ ٽوڙي بند جي ٽٽڻ بعد بيگاري ڪئنال ۽ ٻين شاخن ۾ آيل پاڻي تباهي مچائيندو ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي کان پوءِ جيڪب آباد شهر ۽ ضلعي اندر تباهي مچائڻ سان گڏ شڪارپور ۽ بلوچستان جي ڊيرا الهيار واري علائقي ۾ تباهيون مچايون آهن. هڪ اندازي موجب 40 کان 50 هزار ڪيوسڪ پاڻي ٽوڙي بند وٽان بيگاري ڪئنال ۽ ٻين سورسز ذريعي سنڌ جي اتر ۽ اولهه واري پاسي کان پکيڙجي لاڙڪاڻي ضلعي جي رتي ديري تعلقي جي حدن ڪراس ڪندو قمبرشهدادڪوٽ ضلعي جي حدن ۾ ايندڙ 3 ڏينهن تائين داخل ٿي ويندو. ان سلسلي ۾ قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي حدن اندر ٻوڏ جي هن پاڻي کي آبپاشي کاتي توڙي انتظامي عملدارن پاران سنڌ بلوچستان جي سرحدي دنگ قبوسعيد خان لڳ چکي واري علائقي مان پاڻي جو رستو ربيع ڪئنال جي ساڄي ڪناري سان چانڊڪا جاگير واري علائقي ۾ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ته جيئن حمل ڍنڍ، سارو ڍنڍ ۽ ٻيون ڍنڍون جيڪي هڪ ٻئي سان انٽر ڪنيڪٽ آهن ۾ پاڻي ڇڏيو وڃي. جتان ڇنڊڻ ذريعي پاڻي جو ڇوڙ منڇر ۾ ٿيڻو آهي. ان سلسلي ۾ ٻڌايو وڃي ٿو ته پراڻي چانڊڪا جاگير واري ان علائقي ۾ هن وقت حمل ڍنڍ سميت علائقي اندر 80 هزار ايڪڙ فوٽ پاڻي جي گنجائش پيدا ڪئي وئي آهي ته جيئن پاڻي کان ان رستي سان بنا ڪنهن نقصان جي منڇر ڍنڍ تائين پهچايو وڃِي جڏهن ته ايف پي بند (فلڊ پروٽيڪٽ بند) جيڪو انگريز دور جو ٺهيل آهي جي کاٻي ڪناري سان هيرڊين ڊرين ۽ ايم اين وي ڊرين جنهن جي حالت انتهائي خراب آهي جنهن کي هنڌان هنڌان گهارا پيل آهن. جيڪڏهن پاڻي پهتو ته شهدادڪوٽ، ميروخان، قمبر ۽ وارهه تعلقن جا اولهه پاسي وارا علائقا توڙي ننڍا وڏا شهر متاثر ٿيندا ان ڪري حڪومتي سطح تي پاڻي جو وهڪرو ايف پي بند جي ساڄي پاسي ڪاڇي جي علائقي ۾ حمل ڍنڍ ۽ ان سان لاڳاپيل ڍنڍن ۾ ڇڏڻ جو پروگرام رٿيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ڊي سي او قمبرشهدادڪوٽ ياسين شر ٻڌايو ته ٽوڙي بند ٽٽڻ کان پوءِ ٻوڏ جو پاڻي جيڪو هن وقت جيڪب آباد ۽ شڪارپور سان گڏ بلوچستان جي مختلف علائقن کان اچي رهيو آهي. ان کي رستو حمل ڍنڍ طرف ڏنو ويندو ڇاڪاڻ ته حمل ڍنڍ هن وقت خالي آهي ۽ ايف پي بند جي حالت به بهتر آهي. انڪري اهو واحد رستو آهي جنهن ۾ پاڻي تمام گهٽ نقصان جي منڇر ڏانهن اماڻي سگهجي ٿو. هن ٻڌايو ته حمل ۽ ان سان لاڳاپيل ڍنڍن ۾ 80 هزار ايڪڙ فوٽ پاڻي بيهارڻ جي گنجائش آهي. اسين ڪوشش ڪنداسين ته ٻوڏ جو پاڻي هيرڊين ڊرين ذريعي نه اچي. ان سلسلي ۾ سمورا بندوبست ڪيا ويا آهن. هوڏانهن سنڌو درياهه ۾ سپر ٻوڏ واري صورت حال کان پوءِ لاڙڪاڻي ضلعي اندر خيرپور-لاڙڪاڻو پل تان پاڻي جو گذر انتهائي سست رفتاريءَ سان ٿيڻ سبب عاقل-آگاڻي بند تي گذريل ٽن ڏينهن کان دٻاءُ برقرار، شڪارپور جي رڪ کان لاڙڪاڻي جي نصرت لوپ بند تائين ٽن ڏينهن ۾ سوا فوٽ پاڻي جي لاٿ ٿي، پر عاقل-آگاڻي بند کان خيرپور-لاڙڪاڻو پل تائين پاڻي ٽن ڏينهن ۾ فقط هڪ انچ لٿو ۽ پاڻي جو دٻاءُ بندن تي وڌي ويو آهي. وڏي وزير پاران پل جي کاٻي ڪناري سان راضي ديرو لڳ پل جي اپروچ روڊ جيڪو اڃا تعمير نه ٿيو آهي جي مٽيءَ واري بند کي ڪچي جي علائقي اندر ئي ڪٽ ڏيڻ واري اعلان تي عمل نه ٿي سگهيو. صورت حال خطرناڪ بڻجي وئي. ايندڙ گڊو بئراج وارا وهڪرا صورت حال کي انتهائي نازڪ بڻائي سگهن ٿا. ان سلسلي ۾ گڏ ڪيل معلومات موجب سنڌو درياهه ۾ سپر ٻوڏ واري صورت حال سبب گذريل ٽن ڏينهن کان عاقل-آگاڻي بند ۽ خيرپور-لاڙڪاڻو پل جي وچ ۾ پاڻي ٽن ڏينهن کان 10 کان ساڍا 10 لک ڪيوسڪ تائين برقرار آهي، گذريل ٽن ڏينهن ۾ گڊو ۽ سکر کان پاڻي جو فلو گهٽجڻ سبب رڪ کان نصرت لوپ بند تائين پاڻي جي سطح سوا فوٽ گهٽجي وئي آهي. پر لاڙڪاڻو-خيرپور پل وٽان پاڻي جو گذر انتهائي گهٽ رفتار سان گذرڻ سبب پاڻي ۾ لاٿ نه اچي سگهي آهي. ٻڌايو وڃي پيو ته گڊو ۽ سکر بئراج وٽ پاڻي جي سطح ٻيهر وڌي رهي آهي جيڪڏهن ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ لاڙڪاڻو، خيرپور پل وٽان پاڻي گذري نه سگهيو ۽ مٿان سکر مان ايندڙ وڌيڪ وهڪرا صورتحال کي انتهائي نازڪ بڻائي ڇڏيندا. ان سلسلي ۾ آبپاشي کاتي جي انجنيئر سيد نورشاهه ٻڌايو ته رڪ کان نصرت لوپ بند تائين پاڻي ۾ سوا فوٽ جي لاٿ ٿي آهي. جڏهن ته عاقل-آگاڻي بند کان خيرپور-لاڙڪاڻو پل تائين ٽن ڏينهن کان پاڻي جي سطح برقرار آهي فقط هڪ انچ جي لاٿ ٿي آهي. جيڪڏهن پاڻي جو مٿان ٻيو وهڪرو اچي ٿو ته صورتحال انتهائي نازڪ هوندي. هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه گذريل هفتي لاڙڪاڻي ۾ اهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ کانپوءِ خيرپور-لاڙڪاڻو پل جي کاٻي پاسي کان راضيديرو وٽان پل لاءِ ٺهيل اپروچ جي مٽي جي بند کي ڪٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو. پر هن وقت تائين ان تي عمل نه ٿي سگهيو آهي. جيڪڏهن وقت سر فيصلو نه ڪيو ويو ته لاڙڪاڻو شهر سميت ضلعي اندر انتهائي نازڪ صورتحال پيدا ٿي ويندي. حيدرآباد مان رپورٽر موجب سنڌو درياهه ۾ مٿان کان ايندڙ پاڻي جو وڏو وهڪرو تيزي سان ڪوٽڙي بئراج ڏانهن وڌي رهيو آهي، پاڻي وڌڻ ڪري مٽياري کان ڪوٽڙي بئراج تائين ڪچي وارن سمورن ڏنل غير قانوني ننڍن بندن کي ٽوڙيو ويو آهي، جنهن ڪري ڪچي جو علائقو مڪمل طور تي ٻڏي ويو آهي، جنهن سبب هزارين ايڪڙ تي بيٺل فصل پڻ پاڻي هيٺ اچي ويو، درياهه جو پاڻي بچاءِ بند سان لڳي چڪو آهي ۽ پاڻي ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، جنهن ڪري خوف وچان بچاءِ بند سان گڏ قائم ڳوٺن جا رهواسي راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، سنڌو درياهه ۾ ڪيترن ئي سالن کان پاڻي نه اچڻ ڪري ۽ بندن تي پاڻي نه پهچڻ ڪري انهن ۾ نانگن سميت زهريلا جيت پيدا ٿي ويا هئا، بندن تي پاڻي پهچڻ ڪري ۽ ڪچو ٻڏڻ سبب ڪيترائي نانگ ۽ زهريلا جيت بند جي ڀروارن ڳوٺن جي طرف وڌي رهيا آهن، جنهن ڪري ڳوٺاڻن جون زندگيون داءَ تي لڳل آهن. مٽياري کان حيدرآباد ٻهراڙي تائين وارن ڳوٺن جي رهواسين بندن جي نگراني لاءِ ڳوٺاڻن جون 20، 20 ماڻهن تي مشتمل ٽيمون جوڙي ورتيون آهن، جيڪي سڄي رات توڙي سڄو ڏينهن بندن تي نگراني وارو ڪم ڪنديون. هوڏانهن ڪوٽڙي ڪنٽرول روم تان ورتل ڄاڻ موجب ڪوٽڙي بئراج جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 52 هزار 445 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 27 هزار 920 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج مان نڪرندڙ واهن ڪي بي فيڊر، نئين ڦليلي، پراڻي ڦليلي ۽ لائينڊ چينل ۾ لڳ ڀڳ 24 هزار ڪيوسڪ پاڻي وهايو پيو وڃي، آبپاشي کاتي جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل ڪينالن ۾ 39 هزار ڪيوسڪ پاڻي وهائڻ جي گنجائش آهي، ان کان وڌيڪ پاڻي ڪينالن ۾ وهائي نٿو سگهجي. جڏهن ته سنڌياڻي تحريڪ جي 60 کان وڌيڪ ڪارڪن عورتن سحرش نگر وٽان درياهه جي بندن تي رات 8 وڳي کان وٺي فجر ويل تائين ٽيمون جوڙي نگراني وارو ڪم ڪيو. ان کان سواءِ مختلف سياسي توڙي سماجي ۽ قومپرست پارٽين جا ڪارڪن پڻ بندن تي نگراني ڪري رهيا آهن، درياهه تي وڏي تعداد ۾ ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن، جن ۾ ميڊيڪل ڪيمپون پڻ شامل آهن. جڏهن ته درياهه ۾ پاڻي وڌڻ کان پوءِ لطيف آباد، قاسم آباد، سحرش نگر ۽ حسين آباد وارن علائقن جي رهواسين ۾ خوف پکڙيل آهي، سحرش نگر وارو بند ڪمزور هجڻ جي باوجود اتي ڪم جي رفتار سست ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري پاڻي جو دٻاءُ وڌڻ سبب بند جي ٽٽڻ جو خطرو وڌي ويو آهي. هوڏانهن وزيرن توڙي صلاحڪارن پاران بندن جو دورو تيز ڪيو ويو آهي. هوڏانهن سنڌ ۾ ٻوڏ کان پوءِ وبائي بيمارين منهن ڪڍيو آهي، وڏي اننگ ۾ ماڻهو گيسٽرو، ڊائريا ۽ ٻين بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن. ڪنڌڪوٽ جي ڳوٺ بادل سبزوئي ۾ عورت سميت 4 ڄڻا گيسٽرو سبب فوت ٿي ويا آهن. فوتين ۾ غلام مصطفيٰ ۽ ٻيا شامل آهن. ڊي جي هيلٿ جو چوڻ هو ته مختلف بيمارين ۾ ورتل ماڻهن جو انگ سوا لک ٿي ويو آهي. جيڪڏهن ماڻهن خاص ڪري ٻارن کي صاف پاڻي ۽ کاڌو نه مليو ته وڌيڪ بيماريون پکڙجنديون ۽ وڏو الميو ٿي سگهي ٿو. هوڏانهن مليل اطلاع موجب جيڪب آباد، لاڙڪاڻي، سکر ۽ ٻين علائقن جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ اڃا تائين هزارين ماڻهو ڦاٿل آهن جن وٽ کاڌ خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي ۽ ماڻهو بک ۾ پاهه ٿي ويا آهن.


Uploaded with ImageShack.us


Uploaded with ImageShack.us

لاڙڪاڻو: لڏپلاڻ ڪندڙ عورتون گپ ۾ ڦاسي پيل گڏهه گاڏي کي ڌڪو ڏئي رهيون آهن


Uploaded with ImageShack.us

جيڪب آباد: شهر خالي ڪري جان بچائڻ لاءِ ويندڙ شهري ٻڏي ويل روڊ تان گذري رهيا آهن


Uploaded with ImageShack.us

سکر: ٻوڏ ڪري بي گهر ٿيل ڳوٺاڻا امدادي ڪئمپ ۾ کاڌو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن



لاڙڪاڻو: هڪ شخص پنهنجي ٻڪريءَ سميت تري محفوظ هنڌ ڏانهن وڃي رهيو آهي
 
جواب: منهنجي سنڌ امڙ جو خيال رکجو



Uploaded with ImageShack.us

سکر: سنڌو درياهه ۾ آيل چاڙهه جو منظر



لاڙڪاڻو: شڪارپور لڳ ڳوٺاڻا ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ لڙهي ويل ڳئون کي بچائي آڻي رهيا آهن


Uploaded with ImageShack.us
سکر: امدادي ڪئمپ ۾ هڪ عورت ٻارڙيءَ سميت زمين تي ستل آهي

جيڪب آباد: سڄو علائقو ٻڏي وڃڻ بعد ڳوٺاڻا پاڻيءَ ۾ رکيل کٽ تي ويهي ڪچهري ڪري رهيا آهن
 
جواب: منهنجي سنڌ امڙ جو خيال رکجو

بس ادا ڇا ڪجي دريا بادشاهه ته سمنڊ کان خطرناڪ ٿي پيو آهي
 
جواب: منهنجي سنڌ امڙ جو خيال رکجو

سولنگي دوستو اسان موالي ماڻهو آهيون وري اهڙيون شيون ڏيکاري ڪر نشا ئي ٽوري ڇڏي ٿو دوستو مونکي دلي ڏک آهي دوستو بس ير پهريائين اسانجي حڪومت انتظام صحيي طريقي سان سنڀالي هان ته ائين ڪونه ٿي هان اسان جا سياست دان به اهڙا آهن دوستو بس اسانجا سنڌي دوست پنهجا گهڙڙا ڇڏي ڪري پرديسي ٿي ويا ڪراچي ۾ وري انهن سان زيادتي ڪري ويا آهن۔۔۔۔۔۔
 
جواب: منهنجي سنڌ امڙ جو خيال رکجو

رب رحم ڪندو، ڪڏهن ڪڏهن قومن تي ڏکيا ڏينهن به ايندا آهن پر سگهاريون آهن اهي قومون جي ان وقت ۾ هڪٻئي کي سنڀالي وٺنديون اهن ۔۔۔ خئير سنڌ ته ٻڌي ٻانهي آهي انڪر مٿي وارن حڪمرانن جي مٿي ۾ ڪهڙو سور، ها باقي اسان پاڻ ۾ هڪٻئي جي مدد ڪري ڪجهه اڳتي ٿي سگهون ٿا ۔۔۔ ادي موالي جيئان ڪراچيءَ ۾ به ڏاڍايون ٿي رهيون آهن پر آهي جو انهن ڏاڍاين جو حساب ڪري ۔۔۔؟؟؟

واڳ ڌڻي وس، آءُ ڪا پاڻ وهيڻي ۔۔۔۔ ستر ڪج ستار آءُ اگهاڙي آهيان ۔۔۔
 
جواب: منهنجي سنڌ امڙ جو خيال رکجو

هيءَ تباهي ڪجهه حڪومت جي نااهلي، ڪجهه اسان جي اعمالن ۽ ڪجهه موسمياتي ردوبدل جو نتيجو آهي.. الله تمام جهانن ڏانهن خير ڪري..
 
جواب: منهنجي سنڌ امڙ جو خيال رکجو

الله رب العزت شل رحم ڪري۔
اسان جي ليڊرن جي نه پر اسان جي پنهنجي اعمالن جو نتيجو آهي۔ ليڊرن تي ڇو ٿا ڀاڙيون،، انهن جي ته اِها ريت آهي ته پنهنجي قوم کي تباهه ڪندي ۽ ٿيندي ڏسن پوءِ ٻاهرين ملڪن جا دورا ڪن۔ ڳالهه وري ڇا ڪن ته" اسين عوام سان هن مشڪل گهڙي ۾ گڏ آهيون"
 
جواب: منهنجي سنڌ امڙ جو خيال رکجو

ادا عاشق اهڙي جون ٻوڏ بابت آرٽيڪل تصويرون ونڊ ڪرڻ تي توهان کي جس هجي

باقي اسان صرف ۽ صرف الله پاڪ کان مدد وٺي سگهون ٿا ۽ گهري سگهون ٿا ،
بيشڪ اهو ئي مالڪ مدد ڪرڻ وارو رحمان ۽ رحيم آهي

جيڪو ڏئي نه پچاري

بس صرف دعائن جي سخت ضرورت آهي

سدائين گڏ
 
جواب: منهنجي سنڌ امڙ جو خيال رکجو

ادا عاشق اهڙي جون ٻوڏ بابت آرٽيڪل تصويرون ونڊ ڪرڻ تي توهان کي جس هجي

باقي اسان صرف ۽ صرف الله پاڪ کان مدد وٺي سگهون ٿا ۽ گهري سگهون ٿا ،
بيشڪ اهو ئي مالڪ مدد ڪرڻ وارو رحمان ۽ رحيم آهي

جيڪو ڏئي نه پچاري

بس صرف دعائن جي سخت ضرورت آهي

سدائين گڏ
ادا۔۔۔۔دعا سان گڏ دوا به ضروري آهي۔اوهان کي خبر آهي دعا ته ماڻهو مفت ۾ گهري ٿو سگهي باقي۔۔۔۔۔۔دوا۔۔۔نه
ائين ننڍي هوندي وڏن کان ٻڌو هو

ڳڙي خدا بخش،لاڙڪاڻه،اوسته محمد،بوڏ متاثرين کلي آسمان هيٺان بي يارو مددگار

سدائين گڏ​
 
جواب: منهنجي سنڌ امڙ جو خيال رکجو

جيڪڏهن ائين چوي ها ته سنڌي ۾ هڪ پهاڪو آهي

سکڻي دعا پِٽ برابر

الله پاڪ هر شي تي قادر آهي ۽ اهو ئي هر شي کي ڄاڻي ٿو

الله ڀلي ڪندو

سدائين گڏ
 
جواب: منهنجي سنڌ امڙ جو خيال رکجو

جيڪڏهن ائين چوي ها ته سنڌي ۾ هڪ پهاڪو آهي

سکڻي دعا پِٽ برابر

الله پاڪ هر شي تي قادر آهي ۽ اهو ئي هر شي کي ڄاڻي ٿو

الله ڀلي ڪندو

سدائين گڏ

shal judy hujeen
ها آهي سنڌي ۾ پهاڪو پر۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔سائين اسان کي ڪنهن ٻڌايو۔۔۔۔؟وڏن۔
 
Back
Top