ونڊوز ايڪس پي مان فيڪس ڪيئن ڪجي۔

'ڪمپيوٽنگ ٽپس' فورم ۾ عبدالوهاب طرفان آندل موضوعَ ‏16 آگسٽ 2010۔

  1. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ونڊوز جي اندر فيڪس موڪلڻ جو طريقو
    دوستو ڪجهه ڏينهن پهريان مست اهو سوال ڪيو هو ته ڪمپيوٽر مان فيڪس ڪهڙي ريت موڪلجي.
    تمام گهٽ ڪمپيوٽر جي استعمال ڪندڙن کي انهي ڳالهه جي خبر آهي ته ونڊوز ايڪس پي جي اندر پهريان ئي فيڪس جي سهولت موجود هوندي آهي. جنهن جي ذريعي اسان ڪمپيوٽر کان فيڪس موڪلي ۽ وٺي سگهون ٿا. ونڊوز جي اندر فيڪس جي سروس کي بحال ڪرڻ جي لاءِ هيٺ ڏنل طريقي تي غور ڪريو.
    سڀ کان پهريان اسٽارٽ مينيو تي ڪلڪ ڪريو انهي کان پوءِ سيٽنگس ۽ هاڻي پرنٽر ۽ فيڪسز (Printer & Faxes) واري آپشن تي ڪلڪ ڪريو ته توهان جي سامهون پرنٽر ۽ فيڪسز جي ونڊو کلي ايندي، اسان انهي آپشن کي عمومن پرنٽر انسٽال ڪرڻ ۽ انهي جي سيٽنگز کي تبديل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندا رهندا آهيون.
    [​IMG]
    مٿين ونڊو مان توهان سيٽ اپ فيڪسنگ (Setup Faxing) واري آپشن تي ڪلڪ ڪريو جيئن ئي توهان ڪلڪ ڪندا ته هڪ ٻي ونڊو ظاهر ٿيندي هن ونڊوز مان ڪمپيوٽر توهان کان فيڪس جي سهولت کي ڪار آمد بڻائڻ جي لاءِ ونڊوز جي سي ڊي گهرندو، ان کان بعد توهان ڪمپيوٽر ۾ ونڊوز جي سي ڊي داخل ڪندا. جيئن ئي سي ڊي داخل ڪندا ته ونڊوز سسٽم فائلن کي ڪاپي ڪري ونڊوز جي اندر فيڪس جي سهولت کي بحال ڪندو، ۽ پوءِ توهان واپس پرنٽر ۽ فيڪسز (Printer & Faxes) واري ونڊو کوليو.
    [​IMG]
    مٿين ونڊو مان توهان انسٽال لوڪل فيڪس پرنٽر (Install a Local Fax Printer) واري آپشن تي ڪلڪ ڪريو جيئن ئي اسان انهي آپشن تي ڪلڪ ڪنداسين ته هڪ فيڪس پرنٽر انسٽال ٿي ويندو.
    [​IMG]
    هاڻي توهان فيڪس پرنٽر تي ڊبل ڪلڪ ڪيو جيئن ئي ڊبل ڪلڪ ڪندا سين ته فيڪس ڪانفيگيوريشن وزرڊ توهان جي اسڪرين جي سامهون ايندو. ان اسڪرين مان توهان NEXT واري بٽن تي ڪلڪ ڪندا ته هيٺين ونڊو ظاهر ٿيندي
    [​IMG]
    مٿين ونڊو مان ڪمپيوٽر توهان کان نالو، فيڪس نمبر، ۽ ايڊريس وغيره گهرندو اُها داخل ڪرڻ کان بعد توهان NEXT تي ڪلڪ ڪندا ته هيٺين ونڊو ظاهر ٿيندي.
    [​IMG]
    هن ونڊو مان سسٽم توهان کان اِهو پڇندو ته فيڪس جي لاءِ ڪهڙو موڊيم استعمال ڪرڻ چاهيو ٿا. ان کان بعد Enable Send جي بٽن تي ڪلڪ ڪرڻ سان اوهان سسٽم تان فيڪس موڪلي سگهو ٿا ۽ Enable Receive تي چيڪ مارڪ ڏيڻ سان توهان فيڪس گهرائي به سگهو ٿا، ان کان بعد Manual Answer ۽ Auto Answer جا آپشن موجود آهن جيڪڏهن توهان فيڪس پنهنجي مرضي جي مطابق وٺڻ چاهيو ٿا ته Manual Answer تي ڪلڪ ڪريو ۽ جيڪڏهن توهان چاهيو ته سسٽم فيڪس پنهنجو پاڻ وٺي ته Auto Answer تي ڪلڪ ڪريو ۽ گڏوگڏ اهو به سيٽ ڪريو ته ڪيترن رنگن وڄڻ کان بعد فيڪس وٺي. آپشن سيٽ ڪرڻ کانپوءِ NEXT تي ڪلڪ ڪريو هڪ دفعوٻيهره NEXT ۽ هاڻي FINISH تي ڪلڪ ڪندا ته توهان جي سامهون FAX Console جي ونڊو ظاهر ٿيندي۔

    هي ته هيو پنهنجي ونڊوز ۾ فيڪس جي سهولت کي بحال ڪرڻ جو طريقو، اچو ته هاڻي ڪمپيوٽر مان فيڪس کي موڪلڻ جو طريقو سکون.

    1. سڀ کان پهريان توهان انهي فائل کي کوليو جنهن کي توهان فيڪس ڪرڻ چاهيو ٿا.
    2. جڏهن فائيل کُلي وڃي ته فائيل مينيو تي ڪلڪ ڪري انهي مان پرنٽ تي ڪلڪ ڪريو جيئن ئي اسان پرنٽ واري آپشن تي ڪلڪ ڪندا سين ته هيٺين ونڊو ظاهر ٿيندي.
    [​IMG]
    مٿين ونڊو مان پرنٽر نيم واري آپشن مان فيڪس وارو پرنٽر کڻندا سين جيئن مٿي تصوير ۾ ڏيکاريو ويو آهي. جيڪڏهن توهان کي پوري فائيل موڪلڻي آهي ته اوڪي تي ڪلڪ ڪريو ۽ جيڪڏهن توهان کي صفحو پنهنجي مرضي مطابق موڪلڻو آهي ته پيجز واري آپشن ۾ پنهنجو مطلوبه صفحو نمبر داخل ڪري اوڪي ڪيو، جيئن ئي اوڪي تي ڪلڪ ڪنداسين ته هڪ ٻي ونڊو ظاهر ٿيندي، جنهن مان توهان کي نيڪسٽ تي ڪلڪ ڪرڻو آهي، جيئن ئي توهان نيڪسٽ تي ڪلڪ ڪندا ته هيٺين ونڊو ظاهر ٿيندي.
    [[​IMG]
    مٿين ونڊو ۾ ڪمپيوٽر توهان کان فيڪس وٺڻ واري جي انفارميشن گهرندو سڀ کان پهريان وٺڻ واري جو نالو پوءِ ان جو نمبر ۽ جيڪڏهن توهان اها فيڪس هڪ ئي وقت ٻين نمبرن تي موڪلڻ چاهيو ته مٿين طريقو مڪمل ڪري ADD بٽن تي ڪلڪ ڪندا وڃو ۽ آخر ۾ Next بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
    جيئن ئي اسان نيڪسٽ تي ڪلڪ ڪنداسين ته هڪ ٻي اسڪرين ظاهري ٿيندي.
    [​IMG]
    مٿين ونڊو ۾ ڪمپيوٽر توهان کان پڇي رهيو آهي ته ڇا توهان ڪجهه معلومات موڪلڻ چاهيو ٿا، مثالطور هي راز، کُليل يار تمام جلدي واري فيڪس آهي، ۽ هي فيڪس هن شيءِ جي لاءِ آهي ۽ فلاڻي ماڻهو کي حوالي ڪجي. انهي صورت ۾ هي آپشن ڪارآمد آهي،
    هاڻي بترتيب نيڪسٽ ڪندا وڃو ۽ آخر ۾ فنش تي ڪلڪ ڪريو ته توها جي فيڪس موڪلڻ شروع ٿي ويندي۔
     
  2. ارشد

    ارشد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    92
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    سچل سرمست ڪالوني ڪوٽڙي
    جواب: ونڊوز ايڪس پي مان فيڪس ڪيئن ڪجي۔

    ادا عبدالوهاب توهان جي شيئرنگ ۽ سمجهاڻي تمام بهترين آهي مهرباني ادا اهڙي شيئرنگ جي
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ونڊوز ايڪس پي مان فيڪس ڪيئن ڪجي۔

    سائين واھ ٻيلي ڳالھ نه پڇ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔زبردست
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ونڊوز ايڪس پي مان فيڪس ڪيئن ڪجي۔

    تمام بهترين ڪوشش آهي توهان جي مان توهان ڏي هڪ فيڪس هاڻي ئي ڪيان پيو
    پنهنجو نمبر موڪل تي تمام جلد ته تجربو ڪري ڏسان

    اهڙي قسم جي بهترين معلوماتي آ۽ ٽي جي باري ۾ معلومات ونڊ ڪرڻ تي توهان کي مبارڪ هجي

    سدائين گڏ
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ونڊوز ايڪس پي مان فيڪس ڪيئن ڪجي۔

    ادا اها سيٽنگ سمجهائڻ جو طريقو تمام زبردست آهي، پر يار منهنجو مسئلو اڃان ٻيو آهي، ڇا اسان وائيس يا فيڪس موڊيم کان سواءِ فيڪس موڪلي ۽ رسيو نه ٿا ڪري سگهون، جيئن مون وٽ ڊي ايس ايل جو نمبر آهي، ان نمبر تي ..... فيڪس وٺڻ ۽ سينڊ ڪرڻ...
     
  6. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ونڊوز ايڪس پي مان فيڪس ڪيئن ڪجي۔

    سائين عبدالوهاب پيارا تمام زبردست سمجهاڻي ڏنل آهي اوهان جي محنت تي توهان کي سڪ مان سلام آهي شال سدا سلامت هجو.
     
  7. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ونڊوز ايڪس پي مان فيڪس ڪيئن ڪجي۔

    ادا ارشد پسند ڪرڻ جي مهرباني
     
  8. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ونڊوز ايڪس پي مان فيڪس ڪيئن ڪجي۔

    مهرباني ادا عاشق
     
  9. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ونڊوز ايڪس پي مان فيڪس ڪيئن ڪجي۔

    ادا خير مبارڪ۔۔۔۔۔۔ مٺا مون وٽ لينڊ لائين نمبر آهي جيڪو اوهان کي پهريان ئي ايس ايم ايس ڪري چڪو آهيان۔
    يار هڪ ٻي ڳالهه آهي تون ائين مبارڪون ڏيندو ره ۽ مان تحريرون موڪليندو رهندس۔ اگر جي ڪنهن تحرير ۾ مبارڪ نه هئي ته پوءِ سمجهي ٿو نه۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔؟؟؟:-bd :-bd
     
  10. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ونڊوز ايڪس پي مان فيڪس ڪيئن ڪجي۔

    هائو ادا الله تنهنجي مسئلي کي حل ڪري باقي اسان کان چڙهيل آهي۔ =)) =)) ~X( :-t :-t

    انشاءَ‌الله اهو طريقو به جلد توهان جي خدمت ۾ پيش ڪندس۔
     
  11. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ونڊوز ايڪس پي مان فيڪس ڪيئن ڪجي۔

    سائين توهان جي سلام اکين تي۔۔ مهرباني توهان مونکي سڪ جا سلام قبول موڪليا سائين منهنجا توهان جا ڪروڙين قرب۔۔۔۔ @};-
     
  12. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: ونڊوز ايڪس پي مان فيڪس ڪيئن ڪجي۔

    سائين قبلا تمام معلوماتي ونڊ موڪليو اٿوَ۔۔۔۔ اهڙا نيڪ ڪم ڪندا رهو هن رمضان جي مهيني ۾ اسان جهڙن فقيرن کان دعائون وٺندا رهو۔۔۔۔

    مهرباني سائين تمام پيارو ونڊ آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بلڪي قيمتي پڻ
     
  13. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ونڊوز ايڪس پي مان فيڪس ڪيئن ڪجي۔

    ڀوتار جي بادشاهي جو خير، مٺا مس مس ڪي مبارڪون ڏيڻ آيو‌آهين، اڄ ته مان ڪپڙن ۾ نه ٿو ماپان۔ اڄ زاهد جاني مبارڪون ڏيڻ آيو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔[-O< [-O< [-O< [-O< 8-> >:D<:x

    ادا زاهد دُعائن ڏيڻ ۽ پسند ڪرڻ جي مهرباني
     
  14. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ونڊوز ايڪس پي مان فيڪس ڪيئن ڪجي۔

    ان کي چئبو آهي ڀلاڙي صالو تنهنجا ڀاڳ
    :d:d:d:d:d
     
  15. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ونڊوز ايڪس پي مان فيڪس ڪيئن ڪجي۔

    هائو مٺا ڳالهه تنهنجي بروبر درست آهي
     
  16. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ونڊوز ايڪس پي مان فيڪس ڪيئن ڪجي۔

    سائين مهربانيون اوهان جون.
     
  17. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ونڊوز ايڪس پي مان فيڪس ڪيئن ڪجي۔

    ادا گلال پسند ڪرڻ جي مهرباني
     
  18. ڊاڪٽر آزاد منگي

    ڊاڪٽر آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    13
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    Veterinarian
    ماڳ:
    Thariri Mohabat District Dadu
    جواب: ونڊوز ايڪس پي مان فيڪس ڪيئن ڪجي۔

    ڀائو! عبدالوهاب عرض ته مون وٽ وي فون آهي جنهن تي انٽرنيٽ هلايان ٿو، ڇا مان ان تان به فيڪس موڪلي ۽ رسيو ڪري سگهان ٿو؟
    مهرباني
     
  19. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ونڊوز ايڪس پي مان فيڪس ڪيئن ڪجي۔

    ادا وي فون ۾ يو ايس بي پورٽ‌ سان فون ڪنيڪٽ ٿيل هوندي آهي، جيستائين منهنجو تجربو آهي ته هن جي ذريعي فيڪس ڪرڻ ممڪن نه‌آهي، پر ٿي سگهي ٿو ڪو سافٽ ويئر اچي ويو هجي، يا اهڙي ڪا ٻي ايپليڪيشن۔۔۔ ادا عبدالوهاب ئي وڌيڪ توهان کي ٻڌائي سگهي ٿو۔
     
  20. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ونڊوز ايڪس پي مان فيڪس ڪيئن ڪجي۔

    ادا عبدو يار ڪمال ڪري ڇڏيو اوهان ته
    آهيو ڪٿي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو