هن سونهاري ڌرتي جي سهڻين تاريخ ۾ هن ٻوڏ جيتري تباهي آندي آهي ان جو تاريخ ۾ ڪو ثاني ڪونهي ۔۔۔ نقصان ايترو ٿي چڪو آهي جو انگن اکرن ۾ ان جو ڪاٿو لڳائڻ مشڪل ٿي پيو آهي۔۔۔ اڄ جيجل سنڌڙي ٻوڏ جي پاڻي منجهه لڙهي رهي آهي۔۔۔
ماروئنڙا ۽ ملير ٻڏي رهيا آهن۔۔۔ سُور وڌي رهيا آهن ۔۔۔۔ اکڙيون ڀرجي ويون آهن ۔۔۔ ڳوڙهن جا مينهن وسي رهيا آهن۔۔۔
هوئن ته مان هن عمر ۾ ٻارن جي ڳائڻ طرف لاڙي جو مخالف آهيان ۔۔ پر ٻوڏ جي سٽيل هڪ خاندان جو هي ننڍڙو نينگر جنهن سُر، لئي ۽ تال ۾ احمد مغل جو ڳايل هي گيت ڳائي رهيو آهي اهو اندر ۾ هلچل مچائڻ لاءِ ئي ڪافي آهي۔۔۔ مٿان وري ڪي ٽي اين پس منظر ۾ ٻوڏ جو عڪس ڏيکاري اصل هانءُ ڏاريو آهي۔۔ اچو ته هن ٻوڏ جي آئيني ۾ سنڌ امڙ جو عڪس ڏسون ۔۔۔

شال سنڌڙي تنهنجا ٻچڙا جيئندا رهن۔۔۔
درياء تنهنجي دانهن ۔۔ ڏيندس ڏينهن قيام جو