اوهان جا ته آهن ڀلا ڀاڳ پيارا (شاعري : بيدل مسرور)

'ڊزائين ڪيل شاعري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏17 آگسٽ 2010۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اوهان جا ته آهن ڀلا ڀاڳ پيارا
    تڏهن ڀي ٿا گهرجن اوهان کي سهارا

    انهن ڏي نهاريو، جنين وٽ نه آهن
    نه گاڏي نه نوڪر نه گهر جا گذارا

    اوهان کي خدا خاص ڏنيون ٻه ڪارون
    انهن کي ڏسو جي هلن پنڌ پيارا

    [​IMG]

    Uploaded with ImageShack.us
     
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: اوهان جا ته آهن ڀلا ڀاڳ پيارا (شاعري : بيدل مسرور)

    سائين تمام بهترين شاعري، اصل دل کي ڇهيندر آهي، پر توهان جي ڊزائيننگ به لاجواب آهي
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اوهان جا ته آهن ڀلا ڀاڳ پيارا (شاعري : بيدل مسرور)

    الله اڪبر! سائين بيدل مسرور جو تمام سهڻو، وقتائتو ۽ اکين کوليندڙ نظم چئجي يا غزل آهي، هن نظم ۾ محترم بيدل مسرور جن جنهن طبقي کي مخاطب ٿي، پنهنجي بلڪ اسان سڀني جي دل جي ڳالهه ڪئي آهي، بيان ۽ اسلوب ۾ ته تمام سهڻي آهي پر افسوس، جن ماڻهن جو ايمان پئسو ۽ هن دنيا جي رنگيني ٿي ويندو آهي ۔۔۔ انهن جا سڀ سهڻا حواس بند ٿي ويندا آهن ۽ هو ماڻهن جون آهون، ڪوڪون ۽ آزار نه ٻڌي سگهندا آهن، نه ڏسي سگهندا آهن ۽ نه محسوس ڪري سگهندا آهن ۔۔۔ سنڌي جي چوڻي جيئان رڍ آڏو رباب وڄائڻو آهي ۔۔۔

    ها رب چاهي ته ڪنهنکي به سڌي راهه جي طرف رهنمائي ڏئي سگهي ٿو ۽ تاريخ شاهد آهي ته ڪيترائي امير به ايمان جي رستي تي اچي ويا ۽ پنهنجو سڀ ڪجهه لٽائي الله کي راضي ڪيائون ۔۔۔

    لک ٿورا، مٺا دوست وساڻ، اوهانجي چونڊ قابل تعريف ۽ محنت به قابل ديد آهي ۔۔۔
     
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: اوهان جا ته آهن ڀلا ڀاڳ پيارا (شاعري : بيدل مسرور)

    واھ سائين تمام بهترين شاعري آهي ان سان گڏ اوهان جي ڊزائين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو