• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي ۾ php سکڻ جي پهرين ويب سائٽ

عبدالرحيم

سينيئر رڪن
اسلام عليڪم دوستو.
اڄ آئون توهان لاءِ هڪ بهترين ويب سائٽ کڻي آيو آهيان اميد آهي ته اوهان دوستن کي پسند ايندي.
هي هڪ پنهنجي مٺڙي ٻولي سنڌي ۾ ٺهيل ويب سائٽ آهي جنهن کي ٺاهڻ جي سعادت هن فقير کي ملي آهي. اها ويب سائٽ ضرور ڏسجو ۽ منهنجي حوصلا افضائي ڪجو.
ويب ڏسڻ لاءِ هت ڪلڪ ڪريو
 
جواب: سنڌي ۾ php سکڻ جي پهرين ويب سائٽ

ادا عبدالرحيم... يار تمام بهترين ويب سائيٽ آهي، ڏاڍي سولي زبان ۾ آهي... يار جيڪڏهن اوهان سنڌ سلامت جي دوستن کي پي ايڇ پي سيکاريو ته واهه جو ڪم ٿي وڃي، ٻيو توهان اهو ڪونه ٻڌايو ته ڪهڙو ڪهڙو سافٽ ويئر انسٽال ڪجي ته پي ايڇ پي اسان جي ڪمپيوٽر ۾ (انٽرنيٽ کان سواءِ) هلندي.. مهرباني ڪري دوستن کي ان باري ۾ به ڪجهه ٻڌائيندا... هڪ ڀيرو ٻيهر مهرباني
 
جواب: سنڌي ۾ php سکڻ جي پهرين ويب سائٽ

ادا عبدالرحيم تمام بهترين ويب سائيٽ جنهن جي اندر تمام سولي سنڌي ۾ پي ايڇ پي سيکاري وئي آهي۔

ادا مست اگر ڪوئي ماڻهو پي ايڇ پي کي هلائڻ ٿو چاهي ته هو ويمپ سرور استعمال ڪري، ويمپ سرور ۾ توهان کي پي ايڇ پي، ماءِ ايڊمن ۽ اپاچي سرور (ٽئي گڏ ) ملندا آهن۔
ويمپ سرور ڊائلوڊ ڪرڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو

ويمپ جي آفيشل ويب سائيٽ
 
جواب: سنڌي ۾ php سکڻ جي پهرين ويب سائٽ

ادا عبدالرحيم زبردست شيئرنگ آهي سائٽ ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي
 
جواب: سنڌي ۾ php سکڻ جي پهرين ويب سائٽ

ادا عبدالرحيم تمام بهترين ويب سائيٽ جنهن جي اندر تمام سولي سنڌي ۾ پي ايڇ پي سيکاري وئي آهي۔

ادا مست اگر ڪوئي ماڻهو پي ايڇ پي کي هلائڻ ٿو چاهي ته هو ويمپ سرور استعمال ڪري، ويمپ سرور ۾ توهان کي پي ايڇ پي، ماءِ ايڊمن ۽ اپاچي سرور (ٽئي گڏ ) ملندا آهن۔
ويمپ سرور ڊائلوڊ ڪرڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو

ويمپ جي آفيشل ويب سائيٽ
مهرباني ادا... توهان مون کي ٻڌايو... اڳي ته مان کي خبر ئي ڪانه هئي.. هاڻي ضرور انسٽال ڪبي... پوءِ ادا عبدالرحيم جي ڏسيل سبقن تان پي ايڇ پي سکبي... :-s
 
جواب: سنڌي ۾ php سکڻ جي پهرين ويب سائٽ

انتهائي لاجواب محنت آهي ادا رحيم۔۔۔
توهان آساني سان سمجهائڻ لاءِ ڪافي بهترين ڪم ڪيو آهي۔۔۔ مٿي دوستن سنڌ سلامت تي پي ايڇ پي سيکارڻ جي فرمائيش ڪئي آهي۔۔۔
منهنجو خيال آهي ته توهان جو اهڙو ڪم فورم لاءِ ته ڪارائتو ٿيندو ئي پر ان سان رڪنن کي هر سبق ۾ سوال پڇڻ جو موقعو ملندو ۔۔۔ جنهن جو جواب توهان جي طرفان حاصل ڪري ۔۔ رڪن بهتر طريقي سان توهان جي هن ڪارائتي محنت جو لاڀ حاصل ڪري سگهندو۔۔۔
 
Back
Top