ٻوڏ جي تباهي: سنڌ جي متاثرين جي ڪراچيءَ ۾ بحاليءَ وارو سوال! بئريسٽر ضمير گهمرو گذريل صدي کان پوءِ هن صدي جي هي پهرين ٻوڏ آهي، جنهن سنڌ ۾ ڳوٺ، فصل، شهر تباهه ڪري ڇڏيا آهن. هونئن ته سنڌ لاءِ ٻوڏ خوشحالي ۽ ترقي جي علامت رهي آهي، پر جڏهن اها ڪنٽرول کان ٻاهر نڪري وڃي ته پوءِ آفت ۾ تبديل ٿيو وڃي، هينئر به ڪجهه ائين ٿيو آهي. اهڙيون آفتون هميشه قومن کي هڪ ته گڏ ڪنديون آهن ۽ ٻيو ته سندن کي سوچڻ تي مجبور ڪنديون آهن. بينظير جي شهادت واري سانحي جيئن سموري سنڌ کي گڏ ڪيو هو، يا نسل پرستي خلاف ملهايل سنڌي ٽوپي ڊي ۽ سنڌو ڊي جيئن سنڌين کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪيو هو، هي مصيبت به کين اهڙي ٻڌيءَ جو چتاءُ ڏئي رهي آهي. هن آفت کي منهن ڏيڻ لاءِ بي مثال ٻڌي، ايثار، قرباني ۽ رٿابندي جي ضرورت آهي. هونئن ته ٻوڏ جي ڪري صرف ڪچو متاثر ٿيندو آهي، جيڪو هڪ فطري عمل آهي، پر هينئر جيڪو پڪو ٻڏو آهي، ان ۾ سنڌ جا ڪچي سميت سٺ کان ستر لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن. اڃا مٿيون وهڪرو عروج تي آهي ۽ جيڪڏهن ڏهه پندرهن ڏينهن ساڳي صورتحال رهي ته سنڌ ۾ انساني تباهي جو اهو وڏي ۾ وڏو سانحو هوندو، جتي بک ۽ بيماري ۾ لکين ماڻهو پاهه ٿي ويندا. هينئر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ٻن قسمن جي رٿابندي ڪجي، هڪ ته ٻوڏ متاثرن جي کاڌ خوراڪ، رهائش ۽ علاج جو بندوبست ۽ ٻيو گهڻ مدي واري رٿابندي، جنهن هيٺ سنڌ جي 25 کان 30 لک جي متاثر آبادي تي ڪراچي ۾ هڪ نئون شهر اڏي آباد ڪجي، ڇو ته ٻين جڳهن تي عوام کي مستقل آباد ڪرڻ لاءِ نه صرف وڌيڪ خرچ ايندو، پر سندن روزگار لاءِ مستقل بنيادن تي وڏو مسئلو رهندو، ان ڪري سرڪار کي فوري طور هڪ ته ٻوڏ ستايل ماڻهن جي کاڌ خوراڪ، رهائش ۽ علاج جو بندوبست ڪرڻ گهرجي ۽ ٻيو وري ميگا رٿابندي ذريعي ڪراچي ۾ 25 کان ٽيهه لک آبادي جو نئون شهر تعمير ڪيو وڃي، ان کي قائم ڪرڻ لاءِ هيٺيان دليل آهن. ڪچي جي آبادي جي بحالي: هينئر ايڪهين صدي ۾ ندي جي پيٽ ۾ ماڻهن کي مستقل طور رهڻ جي اجازت ڏيڻ انهن کي بلا (Disaster) جي منهن ۾ ڏيڻ جي برابر آهي، ڇو ته دنيا ۾ ڪٿي به هاڻي ماڻهن کي ندي جي پيٽ ۾ مستقل رهائش اختيار ڪرڻ جي ڪا به رياست اجازت نٿي ڏئي سگهي. سنڌ ۾ گذريل ڪيتري عرصي کان پاڻي نه اچڻ ڪري ڪچي ۾ وڏي پيماني تي گهر، ٽيوب ويل ۽ ٻي اربين رپين جي سيڙپڪاري ڪئي وئي، جيڪا سڀ جو سڀ تباهي جي نذر ٿي وئي. جيڪڏهن اها سموري سيڙپڪاري ذهانت ۽ رٿابنديءَ سان ڪئي وڃي ها ته هينئر ڪچي جي اٽڪل 35 (پنجٽيهه) لک ماڻهن کي دربدري ۽ تباهي جو منهن نه ڏسڻو پوي ها. ان ڪري ڪچي ۾ ماڻهن کي مستقل رهائش اختيار ڪرائڻ دراصل ماڻهن جي تحفظ ۽ آبادڪاري کان ڪن لاٽار ڪرڻ آهي، ڇو ته سنڌو ڪنهن به وقت اربين رپين جي پڪين اڏاوتن، گهرن، سامان ۽ سموري الهه تلهه کي ٻهاريو وڃي. ان لاءِ سرڪار جو اهو فرض آهي ته ڪچي جي زمين کي وڏي پيماني تي ماحوليات ۽ جهنگلي جيوت جي تحفظ لاءِ استعمال ڪري، اتي صرف پاڻي ۾ مهارت حاصل ڪندڙ برادرين جهڙوڪ ملاحن کي گذر سفر ڪرڻ ۾ سو به وڏي تحفظ سان جي اجازت ڏني وڃي ۽ ڪچي جي 35 لک ماڻهن کي مستقل طور تي آباد ڪرڻ لاءِ اپاءُ وٺي ڇو ته ڪنهن به ايڏي وڏي آبادي کي بلا (Disaster) جي منهن ۾ ڏيڻ رياست جي ناڪامي آهي، ان ڪري ئي سنڌ جي اضافي آبادي پنهنجي راڄڌاني ڪراچي رخ ڪرڻ بدران اتي رهڻ کي ترجيح ڏني آهي، ان جا ڪيترائي سبب آهي جنهن ۾ سڀ کان وڏو سبب لاڙڪاڻي، سکر ۽ ڪراچي ۾ فاصلي کي هٿرادو وڌائڻ وارو عنصر ڪارفرما آهي. سکر ڪراچي مفاصلو: پهرين نواز شريف سرڪار جڏهن ملڪ ۾ موٽر وي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ته هنن چيو هو ته اسين موٽر وي اهڙين جاين کان شروع ڪنداسين جتي سڀ کان وڌيڪ ٽريفڪ هوندي،جيئن ته ملڪ جي سڀ کان وڌيڪ ٽريفڪ ڪراچي ۽ سکر وچ ۾ آهي ۽ ان کانپوءِ ڪوئيٽا، پشاور ۽ لاهور ڏانهن ڇڊي ٿي وڃي ٿي، ان ڪري پهريون موٽر وي ڪراچي ۽ سکر وچ ۾ٺاهڻ بدران لاهور ۽ پنڊي، ٻيو پشاور-پنڊي، ٽيون لاهور-فيصل آباد ۽ هنيئر چوٿون فيصل آباد-ملتان وچ ۾ ٺهي رهيو آهي. ملڪ جي نام نهاد نيشنل هاءِ وي اٿارٽي، پنجاب هاءِ وي اٿارٽي ٿي وئي آهي ۽ انتهائي چالاڪي ڪري اڄ ڏينهن تائين سکر ۽ ڪراچي کي ويجهو ڪرڻ لاءِ موٽر وي ٺاهڻ کان ڪن لاٽار ڪئي وئي ته جيئن سکر کان ڪراچي اچڻ لاءِ سنڌي عوام مصيبت ۾ هجي. لاهور ۽ راولپنڊي وچ ۾ مفاصلو چار سئو نوي (490) ڪلوميٽر آهي، جيڪو ڪوچ تي چئن ڪلاڪن ۽ ڪار تي ساڍن ٽن ڪلاڪن ۾ طئه ٿئي ٿو، جڏهن ته ٽول پلازا ڪراچي کان سکر جو 430 ڪلوميٽر آهي. جيڪڏهن موٽر وي ٺهيل هجي، ٽن کان چئن ڪلاڪن ۾ سکر کان ڪراچي پهچڻ جي سنڌي عوام کي سهولت ڏني وڃي ته سنڌين جو رخ ڪراچي هجي ها. ان سبب ڪري اڄ ڏينهن تائين توڙي جو ڪراچي-حيدرآباد موٽر وي منظور به ٿي چڪو آهي، پر ڪم اڃا تائين شروع نه پيو ڪيو وڃي. لاهور کي پنڊي تائين پهچڻ لاءِ هڪ موٽر وي ۽ ٻيو جي ٽي روڊ آهي. پر سکر کان ڪراچي لاءِ هڪ روڊ آهي، جنهن جي ٻارنهن مهينا مرمت هلندي رهندي آهي. ڪراچي-سکر موٽر وي نه ٺاهڻ، سنڌين کي پنهنجي راڄڌاني کان ڪٽڻ برابر آهي ۽ ٿيو به ائين آهي. ڪراچي ويجهو هجڻ باوجود ڄڻ اسان لاءِ تمام ڏور آهي. ٺٽي ۽ ڪراچي وارو روڊ به هميشه خراب رهي ٿو. اهڙي طرح بدين ۽ ٺٽو به جهڙو گڏ هوندي به ڪراچي کان ڏور آهن. لاڙڪاڻو-ڪراچي مفاصلو: جڏهن انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو ته انگريز آفيسر اٺن ذريعي گڏاپ کان نئنگ ۽ فريد آباد وارو رستو وٺي لاڙڪاڻي پهچندا هئا. گڏاپ کان نئنگ ۽ فريد آباد (لڳ ميهڙ) وارو رستو ٺاهيو وڃي ته لاڙڪاڻي کان ڪراچي اڍائي ڪلاڪن ۾ پهچي سگهجي ٿو. گڏاپ کان نئنگ کي ملائڻ لاءِ وچ ۾ رڳو هڪ جبل جي بلاسٽنگ ڪرڻي پوندي ۽ بهترين روڊ ٺاهڻ لاءِ اوهان کي ڪا ايڏي وڏي رقم درڪار به نه هوندي. وڌ ۾ وڌ پنج ارب رپيا. اوهين لاڙڪاڻي کان ڪراچي تائين سنڌو جي سموري ساڄي ڪناري کي ڪراچي سان ڳنڍي ان سموري علائقي کي واپار جو مرڪز بڻائي سگهو ٿا، جيڪو انگريزن جي وڃڻ کانپوءِ ۽ سنڌو تي بئراجن ٺهڻ کان پوءِ پستي جو شڪار رهيو آهي. لاڙڪاڻو-گڏاپ رستو ۽ هل اسٽيشنز: لاڙڪاڻو، دادو، گڏاپ رستي سان سنڌ جون چار وڏيون هل اسٽيشنز آهن، جن ۾ ڪتي جي قبر، ڪرچاٽ، گورک ۽ بڊو خيل مشهور آهن. ڪتي جي قبر تائين جيڪڏهن پنڊي-مري جهڙو رستو ٺاهيو وڃي، اهو فاصلو صرف چاليهن منٽن جو هوندو. لاڙڪاڻي جو ڪليڪٽر توڙي ان علائقي ۾ مختيارڪار رهندڙ جڳ مشهور شخصيت مرزا قليچ بيگ اونهاري ۾ ٽي مهينا ڪتي جي قبر تي رهندا هئا. سنڌ جو ڪمشنر به اونهاري ۾ ڪتي جي قبر تي قيام ڪندو هو، پر هي ملڪ ٺهڻ کانپوءِ ان تي ڪڏهن به نه سوچيو ويو ته لاڙڪاڻي-ڪراچي کي ملائي اتر سنڌ کي ڪراچي ڏانهن Access (رسائي) ڏجي ته جيئن اتر جو ماڻهو پنهنجي راڄڌاني کان اوپرو نه رهي. اهڙي رٿابندي ذريعي اتر سنڌ جا لکين ماڻهو ڪراچي جي مارڪيٽ سان مليل هجن ها ۽ لاڙڪاڻي جو واپاري ساڳي ڏينهن ڪراچي مان موٽي اچي ها. 1948ع ۾ جڏهن ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري مرڪز جي تابع ڪيو ويو ته ڪراچي مان سنڌين جي بي دخلي ۽ پنهنجي راڄڌاني تي مالڪي نه هجڻ ڪري کين سياسي يتيم ٿيڻو پيو ۽ مرڪز ڌارين جي آبادڪاري ڪرائي سنڌين کي سياسي طور بليڪ ميل ڪرڻ شروع ڪيو. سنڌ جي راڄڌاني سان بهتر مواصلاتي نظام ذريعي لاڙڪاڻي-سکر جو رابطو هجي ها ته اڄ ڪراچي جي هيئت اهڙي نه هجي ها، جو برسات سٽيل ماڻهن تي هتي ڌاريا حملو ڪن ها. اسان کي لاڙڪاڻي کان گڏاپ تائين جبل سان گڏ ڪيترائي شهر، هِل اسٽيشنس ۽ ڪراچي تائين لاڙڪاڻي کان اڍائي ٽن ڪلاڪن ۾ رسائي هجي ها ۽ هينئر ٻوڏ ستايل عوام کي آساني سان ڪراچي ۽ ٻين جاين تائين پهچائي سگهجي ها. لاڙڪاڻو-حيدرآباد رستو يا لاڙڪاڻو-ڪوٽڙي رستو تڏهن استعمال ٿيڻ لڳو، جڏهن انگريزن ڪوٽڙي-دادو ريلوي سرشتو وڌايو. جنهن ڪري، دادو، ڦلجي ۽ راڌڻ شهر اڳتي وڌيا، پر فريد آباد، ماڏو، جوهي، نئينگ پوئتي هليا ويا. لاڙڪاڻي کان سنڌين کي پنهنجي سمنڊ تائين پهچڻ لاءِ ست اٺ ڪلاڪ لڳيو وڃن، ڇو ته پهريون لاڙڪاڻو کان ڄامشوري اچڻو پوي ٿو، جڏهن ته لاڙڪاڻو، جوهي، ڇني يا نئينگ واري رستي تان ڪراچي گڏاپ تائين اڍائي سئو ڪلوميٽر جو رستو آهي. اسان ته سنڌ جي مارڪيٽ، رستن، هِل اسٽيشنس تي ريسرچ ڪئي آهي، نه وري سنڌ جي ڊيموگرافي کي پرکيو آهي، جنهن ڪري سامراج ڊيموگرافي کي استعمال ڪري سنڌي سمنڊ پنهنجي هٿ ڪري ڇڏيو آهي. گڏاپ-سونمياڻي: ويهين صدي جي شروعات يا اڳ ۾ گڏاڻي ۽ سونمياڻي تائين به سنڌين جي رسائي عام هوندي هئي ۽ دريجي توڙي لسٻيلي جنهن ۾ هاڻي به نوي سيڪڙو سنڌي رهن ٿا، اسان جو تڪڙو رابطو هوندو هو. دريجي ۾ ته هينئر به جوهي جا –فون نمبر ڪم ڪن ٿا، اهي ان ڪري تهذيبي طور ان رستي کي ڇڏي لسٻيلي، دريجي، گڏاڻي ۽ سون مياڻي واري سمنڊ کان به ڪٽجي وياسين، ان ڪري تمام وڏو مارڪيٽ، جيڪو ان سموري علائقي تي مشتمل هجي ها ۽ سنڌ جي خوشحالي جي ضمانت هجي ها، نه رڳو وڃائي ويٺاسين، پر ڪراچي تي رسائي نه هجڻ ڪري اتان دربدر ٿي وياسين. نئينگ ۽ گڏاپ وچ ۾ ٿورو مفاصلو آهي ۽ هينئر به ماڻهو پٿريلن رستن مان سوا ڪلاڪ ۾ گڏاپ پهچيو وڃن. سنڌ سرڪار يا ٽوئرزم واري ڊپارٽمينٽ ان تي سيڙپڪاري سان اسين ڪيترا مارڪيٽ، هل اسٽيشنز ۽ خوشحالي جا انبار آڻي سگهون ٿا. سنڌ جي ڊيموگرافي کي ڪڏهن به سياست سان نه جوڙيو ويو آهي. ايڪوهين صدي ۾ لاڙڪاڻي جو ماڻهو ڇهن کان اٺن ڪلاڪن ۾ ڪراچي رسي ٿو، جنهن کي اڍائي ڪلاڪن ۾ رسڻ گهرجي. ڪراچي تائين رسائي: ڪراچي تائين رسائي ٿر ۽ بدين کي به وڏي عرصي ۾ حاصل ٿي آهي، ڇو ته صوبي ۾ رهندڙ ڌارين آفيسرن ۽ هينئر به رٿابندي ڪندڙن جي وڏي ڪوشش آهي ته بدين، سکر ۽ لاڙڪاڻي کي ڪراچي رسائي نه هجي، ان ڪري ٺٽي-ڪراچي وارو روڊ تباهه آهي. سکر-ڪراچي موٽر وي ڄاڻي واڻي نٿو ٺاهيو وڃي ۽ لاڙڪاڻي کي گڏاپ سان ملائڻ لاءِ سنڌ سرڪار وٽ ڪا به رٿابندي نه آهي. پنجاب ۾ ملتان کان فيصل آباد تائين موٽر وي ٺهڻ سان ملتان-پنڊي مفاصلو گهٽجي چار ڪلاڪ ٿي ويندو، ڇو ته کين پوءِ لاهور نه وڃڻو پوندو. پر اسين ته سانگهڙ-خيرپور کي به چڱي نموني نه ملائي سگهيا آهيون. اسان جي صدر جو لاڙڪاڻي جي ترقي تي خاص ڌيان آهي، ان ڪري ڪتي جي قبر تي بهترين رستو ٺاهي ۽ لاڙڪاڻي کي گڏاپ سان ملائي هو سنڌ تي وڏو احسان ڪري سگهي ٿو. پ پ سرڪار جيڪڏهن اهو ڪم ۽ سکر کان ڪراچي موٽر وي ٺهرائي ته به سنڌي ڪراچي کي ويجها ٿي سگهن ٿا. پر حيدرآباد-ڪراچي موٽر وي منظور ٿيڻ باوجود ان تي ڪم شروع نه ڪيو ويو آهي ۽ اين ايڇ اي رڳو پنجاب ۾ موٽر وي ٺهرائي رهي آهي. ڪراچي ۽ آفت سٽيل علائقا: هينئر آفت سٽيل علائقن مان ڪراچي پهچڻ ۽ ماڻهن کي سفري سهولتون نه هجڻ ڪري سخت ڏکيائي اچي رهي آهي، پوءِ به ٻن لکن کان مٿي ماڻهو ڪراچي پهچي چڪا آهن، پر اهي مختلف علائقن ۾ پنهنجي پنهنجي مائٽن، دوستن يا واسطيدارن وٽ رهيل آهن. سرڪار ڪراچي ۾ ٽينٽ سٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي، جيڪو تمام سٺو عمل آهي، ڇو ته ڪراچي ۾ روزگار جا ذريعا آهن، زمين آهي، ان ڪري ٻوڏ متاثرين کي اتي آباد ڪرڻ ۾ سرڪار کي نه ته تڪليف ايندي ۽ نه وري ٻوڏ متاثرين کي. جيڪب آباد کان روهڙي تائين ته ٽرين سروس شروع ڪئي وئي آهي، پر روهڙي کان ڪراچي لاءِ جوڳا بندوبست نه آهن. سرڪار کي يا سياسي تنظيمن کي ٻوڏ سٽيلن لاءِ ٽرانسپورٽ جو بندوبست ڪرڻ کي اوليت ڏيڻ گهرجي ۽ ڪراچي ڏانهن ئي کين آباد ڪرڻ گهرجي، ڇو ته هونئن به ههڙي وڏي آفت جي ڪري ڏهه پندرهن لک ماڻهو ڪراچي ايندا، پر سرڪار جيڪڏهن کين پلاٽ ڏيڻ، روزگار ڏيڻ لاءِ بندوبست ڪري جيڪو هروڀرو ايڏو مشڪل هرگز نه آهي ته 25 کان 30 لک سنڌين کي ڪراچي ۾ آباد ڪري آباديءَ کي توازن ۾ آڻي سگهجي ٿو ۽ ماڻهن کي مصيبت کان به بچائي سگهجي ٿو. ان ڪري سرڪار کي ماڻهن کي ٻي هنڌ آباد ڪرڻ بجاءِ ڪراچي ۾ ميگا سٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪرڻ گهرجي، ڇو ته جنهن طريقي سان جڙتو طريقا استعمال ڪري ڪراچي کي سنڌين کان ڏور رکيو ويو آهي، فطرت هن آفت ۾ سنڌين کي پنهنجي راڄڌاني ۾ آباد ڪرڻ ۽ ان جي مالڪي ڪرڻ جو بهترين موقعو ڏنو آهي. سرڪار جيڪڏهن ان موقعي کي غنيمت سمجهي استعمال ڪري ٿي ۽ سنڌي عوام جي آبادڪاري لاءِ هڪ ڪابينا ڪميٽي جوڙي مڪمل رٿابندي ڪري ٿي ته سموري سنڌ سندن ڳڻ ڳائيندي، نه ته اربين رپيا ايندڙ امداد ڪامورن ۽ وچوارن جي حوالي ٿي ويندي، ۽ ٻوڏ مان سنڌين کي مستقل نقصان رسندو. اسلام آباد ۽ امداد: اسلام آباد کي هن مهل تائين آمريڪا، ورلڊ بينڪ، آءِ ايم ايف ۽ ٻين ڪيترن ملڪن کان ٻه سئو ارب کان وڌيڪ رقم ملي چڪي آهي. اندرونِ ملڪ پڻ جيڪي فنڊ قائم ڪيا ويا آهن، انهن مان سرڪار کي سوين ڪروڙ ملڻ جو اندازو آهي، پر هينئر تائين سنڌ سرڪار کي پائي به نه ملي آهي. وفاقي سرڪار کي گهرجي ته مختلف ملڪن مان سندس مليل رقم جا انگ اکر عوام آڏو پڌرا ڪري ۽ اهي مختلف صوبن کي حوالي ڪرڻ وقت انصاف ڀريو اصول اپنائي. پنجاب ۽ سرحد ۾ به ٻوڏ تباهي آندي آهي، ظاهر آهي اتي به رقم درڪار آهي، پر هن دفعي سنڌ سان هميشه وانگر ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ نه ٿيڻ گهرجي. ٻو سئو ارب رپين مان گهٽ ۾ گهٽ ستر ارب فوري طور سنڌ حوالي ڪيا وڃن ته جيئن سنڌ سرڪار فوري طور پنهنجي ماڻهن جي نه رڳو واهر ڪري، پر انهن کي آباد ڪرڻ لاءِ جوڳا قدم کڻي. سرڪار کي گهرجي ته ڪراچي ۾ پيل لکين ايڪڙ سرڪاري زمين ٻوڏ متاثرين ۾ پلاٽن جي صورت ۾ ورهائي ۽ بهتر پلاننگ ذريعي انهن کي بهترين شهري سهولتون فراهمي ڪري. اها ئي سنڌ جي وڏي خدمت هوندي، ان کانسواءِ آبپاشي ۽ نهري نظام کي مڪمل طور بهتر بڻايو وڃي ۽ ڪچي بابت پاليسي جو اعلان ڪيو وڃي