سنڌ جي درد جي دوا ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ ڊاڪٽر ايوب شيخ ملڪ جي پهاڙن، بادلن ندين ۽ دريائن جيڪي ڪجهه سنڌو درياءَ سان هن ڀيري ڪيو، اهو ان کان اڳ ڪڏهن به محسوس نه ڪيو ويو هو. لڪ ڇپ ۾ ڄڻ ته قنڌاري هوائون ۽ برساتون گڏ ٿيون، ڪنهن جنگي جنوني حملي آور وانگر هو سنڌو درياءَ جي پيٽ ۾ ڪاهي پيون. شايد کين خبر هئي ته سنڌين جو پيٽ درياءَ جي پيٽ سان گڏ ساهه کڻندو آهي. پاڻي جيڪو زندگي آهي، سو پنهنجي ذات ۾ رحمت سان گڏ تباهي جا اسم ساڻ کڻي ڪٿي به پهچي ڪنهن به زمين کي ”موئن جو دڙو“ بنائي سگهي ٿو. پنجاب جون ذميواريون هن ٻوڏ ته سڀني سان جيڪا جُٺ ڪئي آهي، جيڪي نسل لڙهي ويا آهن ، ملڪ ۽ صوبا جنهن نموني پوئتي ٿي ويا آهن تنهن ڪري ڪو ڪُڇي ڪونه ٿو، پر اصل ۾ ان تباهي جي پٺيان به ته هڪ وڏو ڪيس يا مقدمو ٺاهي سگهجي ٿو. ڪيئي سوال پڇي سگهجن ٿا. ڪيئي جواب وٺي سگهجن ٿا. جيڪڏهن سنڌ يا پاڪستان جي ٻن حصن جي تباهي جو داستان ڪابل نديءَ جي چاڙهه کان شروع ڪجي ته سنڌ جي آبپاشي کاتي سميت سنڌ سرڪار کي اها خبر ته 40 ڏينهن اول پئجي چُڪي هئي ته ڪيتريون برساتون ۽ ڪيتريون ٻوڏون اچي سگهن ٿيون. پر سنڌ جي آبپاشي کاتي پنجاب جي ان جنگ کي پنجاب جي حق ۾ ڪرڻ ڏنو، ڪا رڙ دانهن نه ڪئي، ڪنهن به ميڊيا توڙي چينل تي نه ٻڌايو ته اصل ڳالهه ڇا آهي؟ سنڌ سان پنجاب ڇا ڪرڻ چاهي ٿو؟ هي وقت سڄي ڏک، واقعي، سانحي، سازش، تباهي کي رڪارڊ ڪرڻ جو آهي. ان جي رڪارڊنگ ۽ سموري واقعي جا سمورا تفصيل گڏ ڪري رکڻ جو آهي. جڏهن به ڳالهه ٽيبل تي ايندي ته سڀ کان اول اهو سوال سامهون ايندو ته پنجاب تربيلا ۽ منگلا مان سنڌ کي پاڻي ڏيڻ کان انڪار ڇو ڪيو هو؟ ڇو ته جيڪڏهن اهي ٻئي ذخيرا سنڌ ڪتب آڻي ها ته پاڻيءَ جي گهڻائي جي صورت ۾ اهي ٻئي ذخيرا ڀرجي وڃن ها. پنجاب چشما-جهلم لنڪ ڪينال کولڻ تي ضد ٻڌي جون جي آخر ۾ ”ارسا“ جي مليا ميٽ ڪري جنهن نموني پاڻي معاهدن جي سنگين خلاف ورزي ڪئي هئي، تنهن کانپوءِ پاڻي جي هجڻ واري صورتحال ۾ يڪسر اضافو ٿي چڪو هيو. عام حالتن ۾ برساتون ملڪ جي ڪن ڪن حصن ۾ پونديون آهن پر گهڻن زمانن کانپوءِ چوماسي جون اهي برساتون سڄي ملڪ ۾ اڪثر جڳهن تي پئجي ويون، جنهن ڪري سڄي ملڪ ۾ فصلن جي لاءِ پاڻي جي کوٽ ۾ هڪ پاسي گهٽتائي اچي وئي ته ٻئي پاسي دريائن ۾ پاڻي وڌنڌو ويو. پر پنجاب اها ڳالهه ٻڌائڻ لاءِ تيار نه هيو ته کيس جولاءِ جي انهن ڏينهن ۾ پاڻي گهربل ئي ڪونه هيو. پوءِ جيئن ئي چشما-جهلم لنڪ ڪينال کوليو ويو ته هڪ هفتي کانپوءِ ايئن چئي بند ڪيو ويو ته ”ان ڪينال ۾ واري ڀرجي وئي آهي.“ جڏهن ته ڳالهه جي سچائي هيءَ هئي ته هڪ ته پنجاب کي پاڻي گهربل نه هيو ۽ ٻيو ته چشما-جهلم لنڪ ڪينال جو وڌيڪ جاري رهڻ ان ايريا ۾ ٻوڏ جو سبب بڻجي ها. چوماسي جون اهي برساتون دريائن جا پيٽ ڀرينديون ويون. پر مٿين علائقن جي ٻنهي صوبن پنهنجي پنهنجي بئراجن جي دروازن کي ڪينالن لاءِ بند ڪري سنڌو درياءَ لاءِ موڪلي ڇڏيو. پاڻي هڪ صديءَ جا سمورا رڪارڊ ٽوڙيندو، پختونخواهه صوبي جي سوين انسانن کي موت جي منهن ۾ ڌڪيندو، شهرن جا شهر تباهه ڪندو پنجاب ۾ پهتو. پنجاب پنهنجي ضرورت جي حساب سان مناسب سمجهيو ته سمورن ڪينالن جو پاڻيءَ گڏ ڪري سنڌوءَ ۾ ”مٺڻ ڪوٽ“ وٽان سنڌ ڏانهن موڪلجي. سنڌ ۾ پاڻي اچڻ سان سموريون ڪوتاهيون ظاهر ڪندو ويو. درياءَ جنهن پندرنهن ورهيه ايترو پاڻي نه ڏٺو هيو، تنهن جي ڪنارن مان ”ڪوئا“ ۽ ”سها“ ٻاهر نڪري بندن جي ڪمزور هجڻ جو ٻڌائڻ لڳا. پندرنهن ورهيه اريگيشن کاتي انهن بندن جي مضبوطي ۽ دريائن ۽ ڪينالن جي صفائي لاءِ جيڪي اربين رپيا هضم ڪيا آهن، سي سامهون اچي چڪا آهن. سنڌ سان ٻوڏ جي هن سانحي ۾ ٿيڻ ته هيئنءَ گهرجي ها ته جيڪي ڪجهه وڏو وزير فيصلو ڪري سو ئي ٿيڻ گهرجي پر هتي هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي حد جو چيف منسٽر آهي، جنهن ڪري سنڌ ۾ جيڪب آباد، شڪارپور جي تباهي ٿي آهي. جيڪڏهن مناسب حڪمت عملي هجي ها ته ماهرن جي خيال ۾ ايئن سنڌ ۾ ضلعن جا ضلعا تباهيون نه ڏسن ها. سنڌو درياءَ ۾ ٻوڏ جي اها دريائي سرگرمي لڳ ڀڳ عيد تائين جاري رهندي. اها ٻوڏ ڪيئي شهر ۽ تڙ تباهه ڪندي ويندي. ڪيئي ماڻهو پنهنجي جان کان ڪيئي پنهنجي گهرن کان، ڪيئي گهر وارن کان پري ٿي ويندا. اٽڪل هڪ ڪروڙ ماڻهو ان سانحي جو شڪار ٿيندا. انهن ۾ ٽيون حصو عوام ڪچي جي علائقي ۾ رهندڙ آهي. انهن سمورن ماڻهن جون زندگيون نون علائقن ۾ نئين طريقي سان گذرنديون. قدرتي آفتن ۽ تمام وڏن سانحن جي ڪري جيڪي سماجي تبديليون اچڻيون آهن. ڳالهه رڳو غوثپور، ڪرمپور، ٺُل، ميرپورٻرڙو، جاڳڻ، باگڙجي، گهمرا يا سنڌو درياءَ جي ٻنهي پاسن ۾ موجود ڪچي جي علائقن ۾ موجود لکين عوام جي تباهي جي ناهي، پر انهن سمورن ماڻهن ۾ پيدا ٿيل غربت پڪي جي شهرن ۾ غربت کي وڌائيندي. تباهه ٿيل فصل خوراڪ جي کوٽ کي وڌائيندا. تباهي، بربادي، ۽ ويراني سرڪاري حڪمت عملي کانسواءِ نه ويندي. ان لاءِ سرڪار کي سنڌو سڀيتا جي تباهه ٿيل حصن کي بحال ڪرڻ لاءِ جنگي بنيادن تي ڪم ڪرڻو پوندو. ٿيڻ ڇا گهرجي؟ سنڌ سرڪار پنهنجي ڪوششن کي وڌائيندي ٽرانسپورٽ جي وڏي کيپ جيڪب آباد، شڪارپور، لاڙڪاڻي جي پڪي ۽ ڪچي جي علائقن ۾ موڪلي انهن ماڻهن کي سپرهاءِ وي ويجهو آباد ڪيو وڃي. متاثر ٿيل نوجوان عورتن ۽ مردن لاءِ ”بينظير يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام“ وسيلي تربيت جو ڪريش پروگرام ٺاهيو وڃي. ٻوڏ جي ڪري نفسياتي اثرن جي شڪار مرد توڙي عورتن جي بحالي لاءِ خصوصي ”دلجاءِ مرڪز“ کوليا وڃن. اريگيشن جا پندرنهن ورهين جا حساب سامهون آڻي عوام کي ٻڌايو وڃي ته ان کاتي ڪيئن اربين رپيا هڙپ ڪري سنڌ کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي. اهي سمورا ضلعي آفيسر، اهي سمورا پوليس آفيسر بنا دير ڏهن ورهين جي لاءِ ”ڪنهن به پوسٽنگ لاءِ نااهل“ ٺهرايا وڃن، جيڪي ايمرجنسي جي ان گهڙيءَ عوام جي مدد ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا
جواب: سنڌ جي درد جي دوا ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ سنڌ جي درد جي دوا ۔۔۔۔۽ پاڪستان ۾ ٿيندي ۔۔۔؟؟؟ مونکي ته سمجهه ۾ نٿو اچي ۔۔۔ باقي الله وارث آهي ۔۔۔ لک ٿورا دوست ممتاز! رمضان ڪريم جون مبارڪون هجن اوهانکي ۔۔۔ دعائن ۾ ياد ڪجو