اچو ته واجهائيندڙ زندگين جي واهر ڪريون۔ ڪنهن جي مدد ڪرڻ لاء ضروري نه آهي ته ڪو ماڻهون لکا پتي ۽ ڪرور پتي هجي پر مدد ڪرڻ لاء هميشه دل جي سچائي ۽ خلوص جي ضرورت پوندي آهي، سنڌ سلامت جا دوستو هون ته حڪومت ۽ ٻيون مختلف سماجي تنظيمون پڻ ٻوڏين جي مدد ڪرڻ لاء رڌل آهن پر وري به سنڌ جي هر هڪ فرد کي اهيا اپيل آهي ته هرڪو پنهنجي حيثيت مطابق ٻوڌين جي مدد ڪري پوء اها ڪهڙي به صورت ۾ ڇو نه هجي۔ هت ٻوڏ جي تباهي جا ڪجهه وڊيو پڻ ونڊ ڪجن ٿا جيڪي توهان پڻ مختلف ٽي وي چينلن تي ڏسي چڪا آهيو۔ http://www.youtube.com/watch?v=kOh3Dh7Q4Tc&feature=related http://www.youtube.com/watch?v=69yBHwne2wk&feature=related http://www.youtube.com/watch?v=jeeJUUJceKk&feature=related
جواب: اچو ته واجهائيندڙ زندگين جي واهر ڪريون۔ دوستو! آ ادي ممتاز جي ڳالهه سان سهمت ٿيندي سڀني دوستن کي گذارش ڪندس ته هو پنهنجي پنهنجي وس آهر پنهنجي آس پاس ۾ موجود ٻوڏ جي ستايل ماروئڙن جي مدد ڪن ۽ دل جي خلوص سان ڪن ۔۔۔ اسانجي هن اڱڻ جو دوست سليمان وساڻ سگا جي پاران سچل ڳوٺ ۾ لڳايل ڪئمپ ۾ خدمت ڪري رهيو آهي ۽ سگا وارن پڻ مالي يا ڪنهن به قسم جي ساهتا جي اپيل ڪئي آهي ۔۔۔ سگا يونٽ سچل ڳوٺ، گلشن حديد ۽ ڪلفٽن ۾ موجود آهن ۔۔۔ اچو ته هڪٻئي جي مدد ڪري هٿ، هٿ ۾ ڏئي اڳتي وڌون ۔۔۔ رب اوهان دوستن جي مدد ڪندو ۔۔۔ همٿ مردان مدد خدا ۔۔۔ ڀلائي حاصل ڪرڻ جو سٺو موقعو آهي ۔۔۔ لک ٿورا ممتاز صاحب ۔۔۔ مون به سگا سچل ڳوٺ ۾ پنهنجو ننڍڙو حصو ڳنڍايو آهي ۔۔۔ اميد ته سڀ دوست ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڪندا ۔۔۔ دعائن ۾ گڏ
جواب: اچو ته واجهائيندڙ زندگين جي واهر ڪريون۔ سائين بلڪل اسان حاضر آهيون اسان پنهنجي سنڌي ڀائرن جي مدد هر صورت ۾ ڪئي آهي ڪنداسين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔